عباس وڏو ڪهاڻيڪار آهي
عباس منهنجو سهيوڳي هئڻ سان گڏ پاڙيسري به آهي. هن جو ۽ منهنجو ڳوٺ هڪ ئي واهه جي ڪنڌيءَ تي واقع آهن وچ تي کجين جا باغ، ٻنيون ۽ عيسيٰ ڪلهوڙوڳوٺ.
عباس جون انيڪ ڪهاڻيون مون پڙهيون آهن، ان کان اڳ جڏهن سنگت جا تنقيدي ڪلاس هلندا هئا تڏهن ٽيڪا ٽپڻي لاءِ هن جي ڪهاڻين تي مفصل ڳالهائڻ جو وارو ملندو هو پر اوچتو لاڙ جي لڄاري سان لنئون لهڻ ۽ بعد ۾ لانئون لهڻ بعد آئون عباس جو تر ڇڏي وڃي حيدرآباد اسهيس بعد ۾ پنهنجي ناني وٽ ڪراچي جي لياري واري گهر ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي. اسان جي وچ ۾ خال اچي ويو. هيڪاندا سال ٿيا آهن، ڏٺو ناهي پر کيس دل سان پڙهندي هو آڏو هوندو اهي.
عباس جو اڳيون ڪتاب، جنهن جو فليپ منهنجي يار طارق (قريشي) لکيو هو اهو طارق جنهن پنجين موسم ۾ ”مسو! ڪتا ڇو ڀونڪندا آهن“ ڪهاڻي لکي منهنجي ان سوال جو جواب ڏنو هو، انهن ئي ڏينهن ۾ عباس لکڻ شروع ڪري سنگت جي ڪلاسز ۾ اچڻ شروع ڪيو هو. سعيد ۽ علي آڪاش ٻڌايو هو ته اهو عباس آهي.
رولاڪي دوران اڪثر هن کي جيئڻ ابڙا واري گس تان ايندي ويندي ڏسندو هئس، هن جي ڳوٺ ۾ به اڪثر وڃڻ ٿيندو هو اتي هن جي ذات وارو همراهه اسان جو ڊرائيور هو، جيڪو اسان جو ٽريڪٽر هلائيندو هو، ان ڳوٺ منهنجي جمالياتي حس کي ساهس بخشيو، ڇاڪاڻ ته عباس جو ڳوٺ حسن درس جي نظمن جهڙو لڳندو آهيم. الائجي ڇو واهه جي ڪپ تان هن جي ڳوٺ کي ڏسي منهنجي من جو پڻڇي وڏاندري اڏام لاءِ ڀڙڪو کائيندو آهي.
هن جي هر ڪهاڻي روح جي گهرائي کي جاچيندڙ اوزار آهي. ”چنڊ پيرن هيٺ“ ۽ ”پنهنجي ڌرتي“ جو اڀياس ڪرڻ بعد اهو چئي سگهان ٿو ته واقعي به عباس سنڌ جو وڏو ڪهاڻيڪار آهي.