نثارناز
سينيئر رڪن
اڄ اسان جو سنڌ سلامت جو اڱڻ جرڪي پيو آهي ، مهڪي پيو آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جي هن محبتي اڱڻ تي قرب جا قدم ڀري محترم سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن آيا آهن ، سائين جن اسان وِلهن جي هن غريباڻي اڱڻ تي وڏا وڙ ڪيا آهن، سائين جن جون لکين ڀلايون، اسان سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن کي پنهنجي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿا چئون۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي هن بابا سائين کي دعا ٿا ڪريون ته شال پاڻ سدائين محبتون ماڻيندا رهن، سندن شفيق سايو اسان جي مٿان سدائين قائم ۽ دائم رهي، (آمين) ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا، ڀلايون ۽ ڀيرا ڳڻي ڳڻيندس ڪيترا ۔