مان پي.آءِ.اي جو ڪابل ۾ ڪنٽري مئنيجر هوس. اُت ڪنهن دوست هڪ واقعو ٻڌايو، جنهن جي تصديق ڪجهه ٻين ذريعن به ڪئي پر اهو سچو واقعو، بقول اسان جي نامياري اديب مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي، اکين وارن لاءِ عبرت آهي ـ افغانستان جي گهرو وزارت ۾ هڪ شخص نالي نور شاهه ڪم ڪندو آهي ـ جڏهن آمريڪي فوجي افغانستان آيا ته نور شاهه کي سندن ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيائون ڇاڪاڻ ته کين پشتو يا دَري زبانون ڪونه اينديون هيون ـ هڪ ڀيري نور شاهه کي کُٽي ٿي کڻي سو واسطيدار ڪجهه آمريڪي فوجين کي دعوت ڏيئي گهر تي گهرايائين ته کين خاص افغاني ڊش کارائيندو ـ دعوت تي آيل آمريڪي فوجين نوٽ ڪيو ته ميزبان افغانيءَ جي زال ڊگھي، سُهڻي ۽ من موهڻي ـ هونئن به افغانين جي دعويٰ آهي ته هو آريا نسل جا آهن، جيڪي ڊگها ۽ خوبصورت هوندا هئا. اهڙيءَ ريت جرمنيءَ وارا به ساڳي دعويٰ ڪن ٿا تنهنڪري افغانستان ۽ جرمنيءَ جي حڪومتن ۾ گھڻي ويجهڙائپ رهي آهي ـ آمريڪي فوجين جي نيت، سندس خوبصورت زال ڏسي بَد ٿي وئي ۽ هو واڇ گودا ٿي پياـ هڪ ڏينهن نُور شاهه کي چيائون ته اسان افغانستان ۾ ڇڙا ٿا رهون، اسان جون زالون يا گرل فرينڊز ته آمريڪا ۾ آهن، تون اسان جو دوست آهين، تو کي نه چونداسين ته آخر ڪنهن کي چونداسين، سو دوست جي حيثيت ۾ اسان جي ’ڏُکن‘ جو ڪو مداوو ڪر. افغانيءَ پهريائين ته نٽ نٽاءُ کان ڪم ورتو پر پوءِ کيس پيسن جي لالچ ڏئي ’ڊاهي‘ وڌائون ـ هڪ رات جو نُور شاهه ڪنهن دوست کي چئي، هڪ عورت کي گھرايو ـ آمريڪي فوجين ان عورت کي صبح جو ’صحيح سلامت‘ موڪلي ڏنو ـ ان عورت نور شاهه کي ٻڌايو ته تو ڪهڙن ماڻهن وٽ موڪليو جورات جو ڪا ’کؤنس‘ به ڪونه ڪيائون ۽ صبح جو جهجها ڊالر ڏئي گهر روانو ڪيائون؟ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، آمريڪي فوجين وري نور شاهه کي چيو ته هاڻ ڪو بندوبست ڪر ـ نور شاهه وري ڪنهن ٻي عورت جو بندوبست ڪيو ـ صبح جو ان عورت کي به ڊالر ڏئي ’سلامت‘ اُماڻي ڇڏيائون ـ اهڙيءَ ريت هُنن 7-6 عورتون ’سلامت‘ واپس ڪيون ـ آخر، هڪ ڏينهن افغاني نور شاهه کي خيال آيو ته هي همراهه ڪي خصي آهن ۽ رڳو ديدار بازي ڪري، لست وٺن ٿا ـ نور شاهه کي لالچ سبب کُٽي ته اڳ ئي کنيو بيٺي هئي، سو کڻي پنهنجي زال اهو سمجهي موڪليائين ته ساڻس کونس ڪونه ڪندا ۽ اهي به ڊالر هو پاڻ ڇو نه ڪمائي! آمريڪي فوجين کي ته انهيءَ شُڀ گھڙيءَ جو انتظار هو ـ چون ٿا ته سڀني واريَ واريَ سان لست ورتي ـ صبح جو نور شاهه پنهنجي زال کي کٽ تي کڻائي ويو، اهڙي ريت آمريڪي فوجين جي پلاننگ ڪامياب ٿي!