ڪَڏهِن ڪَونَه ٿِيَومِ، آثارو تَنهن عِشق جو مَحَبُوبَن مِنٿُون ڪَرَي، سِڪَڻُ سَيکَارِيَومِ تِهَان پَوءِ ٿِيَومِ، پَسَڻُ پرينءَ جَو سُرُ بَروَو سنڌي آثَارَو = نشان، آثَارَ، اهڃاڻ تِهان = تنهن کان پوءِ بيت جو منظر آئون ته اڻ ڄاڻ هيس، نه ڄاڻندي هيس ته پيار، محبت ۽ عشق ڇا آهي؟ ۽ نه وري مون ۾ ڪي محبت جون نشانيون بي قراري، بيچيني، لُڇَ پُڇَ، ڦٿڪو، اوجاڳا، انتظار، اوسيئڙا ۽ لڙڪن لارون ڪڏهن ڏسڻ۾ آيون هيون. اهو سڀ ته ان محبوب جو ئي ڪمال آهي جنهن مون کي محبت ڪرڻ سيکاري. شروع ۾ ته مان سندس ڀر ۾ به نه بيهندي هيس. جيڪڏهن مون وٽ اچي ته ڇا، نه اچي ته ڇا؟ مون کي ڪا ڳڻتي يا پريشاني نه هوندي هئي. پر پوءِ هن جي ايلاز ۽ منٿن سان آهستي آهستي مون کي به محبوب سان محبت ٿي وئي. هن ئي سيکاريو ته جڏهن سڪ لڳندي آهي ته ڪيئن جيءُ جهري پوندو آهي ۽ ڏينهن جو تارا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. پوءِ جڏهن منهنجون به ننڊون ڦٽي ويون، نيڻن مان نير جاري ٿيا، پاڻ کي محبوب وٽ قيد ٿيل ڀانيم ته سندس هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ ليئا پائڻ لڳس. ماڻهو چري ۽ پاڳل سڏڻ لڳا تڏهن هن کانسواءِ پل به پري رهي نٿي سگهيس. پوءِ ئي وڃي محبوب سان ملاقات ٿي. سمجهاڻي اڪثر چيو ويندو آهي ته محبت ڪبي ناهي ٿي ويندي آهي. شروع ۾ ته ڪنهن کي خبر ناهي هوندي ته هي ڇاپيو ٿئي؟ ڀٽائي هن رومانس سان ڀرپور بيت ۾ پيار جي ٿيڻ کان اڳ ۽ پوءِ جي مامرن کي فوڪس ڪيو آهي. هاڻي اهو اوهان تي ڇڏيل آهي ته اوهان جو پيار انفرادي آهي يا اجتماعي. اوهان ڪنهن هڪ محبوب جي ناسي نيڻن ۽ ريشمي زلفظن ۾ قيد ٿي سڄي زندگي ٿا گهاريو يا ڌرتي ماءُ تي ٿيندڙ ڏاڍ، جبر، ظلم ۽ ورهاڱي جي خلاف اٿي مزاحمت ٿا ڪيو ۽ پنهنجي ريٽي جي مهڪ سان جيجل جي ٿڃ ٿا ملهايو. اهو توهان پاڻ طئه ڪيو..!! _____ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
پڙهڻ ته پروڙڻ هر اکر ۾، سائين مظفر منگي ۽ سليمان وساڻ جي هن ڪم مونکي ڀٽائي جي بيتن کي سمجهڻ ۾ بهترين رهنمائي ڪئي آهي