مان ڪاڏي وڃان؟ جي مولوين ڏي وڃان ٿوته انهن جي ڳالهين ۾ هي جهان ڪوڙو آهي سوچان ٿو ته مان نڪري پوان ۽ چندو گڏ ڪري مسجدون جوڙايان ساري زماني کان لا تعلق ٿي بس الله هو الله هو ويٺو ڪيان جڏهن انهن مولوين کان موڪلائي شهر ڏي هلان ٿو ته کوڙغريب ٻارڙا جن جي هٿن ۾ ڪتاب نه پر برش پالش هوندو آهي ۽ چوندو آهي صاحب صرف پنج روپيه ۾ پالش جي نه وڻي پيسه نه ڏجو وري ٿورو اگتي وڌان ٿو ته هڪ ٻار صاحب پنج روپيه ڏيو مان رات کان ماني ڪون کاڌي آهي منهنجي ذهن ۾ سوچن جو طوفان اٿي ٿو سوچان ٿو ته مان چندو گڏ ڪري هنن ٻارن جي پيٽ جي بک ڇو نه گھٽ ڪيان مان مسجدون ڪنهن لاءِ جوڙايان مسجدن ۾ پڙهڻ وارن کي ته بک بيحال ڪيو آهي اصل خدا جو گھر ته هنن غريب ٻارن جي دل ۾ آهي ڇو نه هن خدا جي گھر جو طواف ڪيان جي هنن جي دل خوش ٿيندي ته رب به پرچي پوندو مان دلدل ۾ ڦاٿل آهيان مونکي ٻڌايو مان ڇا ڪيان؟ مونکان غربت نه ٿي ڏسي سگھجي او محلن وارا تون به محلن مان نڪري ته ڏس اسان جا ٿر جا ماروئڙا ڪهڙي حال ۾ آهن بک ۽ بيحالي هنن ويچارن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي هر روز ٿو گلشن اجڙي هر روز ڪو نه ڪو معصوم ٻار ٿو مري خدارا ڪجھ سوچو هنن ماوروئڙن جي باري ۾
سٺو ٿا لکو. پر ادا اهڙا موضوع سنڌسلامت جي مختلف موضوع واري سيڪشن ۾ لکندا ڪريو. هتي تعارف واري سيڪشن ۾ صرف رُڪن جو تعارف پيش ڪيو ويندو آهي. فورم ۾ ڪٿي به ڏُکيائي پيش اچي ته اسان کي آگاهه ڪندا. http://www.sindhsalamat.com/forums/57/
بلڪل سچ لکيو اٿو .... جتي وڃجي ٿو اتي هر ڪو پنهنجي ڳالهه ٿو ڪري .... مان مولوين، سياستدانن، دانشورن مان به مايو س ٿي پيو آهيان جو انهن ويساهه گهاتيون ڪيون آهن ... هنن هرقدم تي مايوس ڪيو آ .... پر مايوس ته مانحن به ڪيو آ، جيڪي پنهنجي تقدير مٽائڻ لاء تر جيترو به تبديل ٿيڻ لاء تيار ناهن .... هي ساڳيا ماڻهوئي ته آهن جيڪي، جلسن، جلوسن ۾ اڳرا رهن ٿا ۽ نعرا هڻن ٿا، هوڪرا ڪن ٿا ......
ادا بيوس علي حسن السلام عليڪم! ادا سائين هن دنيا کي الله پاڪ امتحان ۽ آزمائش جو گهر بنايو آهي.الله سبحان التعالئ ڪنهن کي گهڻو ڪجه ڏئي آزمائي ٿو وري ڪنهن کي ڪجه به نه ڏئي آزمائي ٿو. يقين ڄاڻو اسان ۽ اوهان جي هن فاني دنيا ۾ رهائش مختصر وقت لاء آهي جڏهن ته موت کانپوء واري زندگي لامحدود وقت لاء آهي. توهان پاڻ اندازو لڳايو حضرت آدم عليه السلام جن جي دور جا انسان اڄ ڪاٿي آهن ، ڪيترين صدين کان وٺي قبرن جي اندر حساب ۽ڪتاب جي ڏينهن جو انتظار ڪري رهيا آهن.ايئن ڪجه وقت کانپوء اسان ۽ اوهان به ان ڪيفيت جو شڪار هوندا سين. هن مختصر وقت وري دنيا ۾ ڪامياب اهو آهي جنهن الله پاڪ جي احڪامات جي پيروي ڪئي ۽ پياري نبي سائين صلي الله عليه وله وسلم جن جي اطاعت ڪري هنن جي پاڪ سنتن جي مطابق زندگي گذاري. سچ ٿا چئو ته انهيء ۾ ڪاميابي آهي.مايوسي ڪفر آهي. اوها ن جن سخت حالتن ۽ ڪفيتن جو ذڪر ڪيو آهي ،اهئي سڀ ان امتحان جا حصا آهن .اسان ۽ اوهان مان جنهن به انهن حالتن تي صبر ڪري الله جو قرب حاصل ڪرڻ لاء نيڪ عمل ڪيا يقين ڪيو اهئي ڪامياب آهن ورن ناڪامي ناڪامي آهي.قران پاڪ جو ورد ترجمي ۽ تفصير سان ڪيو انشاالله اوهان کي پنهنجي هر محرومي ۽ سوال جو جواب ملي ويندو.حضرت شِيخ سعدي رحمت لله عليه جن فرمائين ٿا ته انسان ڪيڏو نه نادان آهي جو جنهن شيء (رزق) ڏيڻ جو وعدو الله پاڪ ڪيو آهي ،ان کي حاصل ڪرڻ لاء تمام گهڻيون ڪوششون ڪري ٿو جڏهن ته جنهن شي (قبر جي عذاب کان پناه يا ڇوٽڪارو۽ جنت ) کي الله پاڪ ڏيڻ جو ڪو وعدو نه ڪيو آهي ۽ اهئي سٺن عملن، نمازن پنهنجي اطاعت ؤ پياري نبي سائين صلي الله عليه وسلم جي اطاعت ۽ انهن جي احڪامات سان جوڙيو آهي ،ان کي حاصل ڪرڻ لاء ڪا به محنت نه ٿوڪري.بهرحال اوهان جي سوچ ٻڌائي ٿي ته اوهان هڪ سٺي ،سچي ۽ همدرد دل جا مالڪ آهيو.توهان پنهنجو مڪمل تعريف هن دري م ڪرائيندا تاڪي اوهان سان سٺي نموني مخاطب ٿئي سگهجي.
سهڻا سائين ! اوهان سائين غلام مصطفى ميمڻ جي مشوري تي عمل ڪريو سڀ سڻايون ٿي پونديون . اوهان جڏهين سپر هاءِ وي تي سفر ڪريو ته انهن ويران مسجدن ڏانهن نظر ڊوڙائيندا، جيڪي ڪن آباد هوٽلن جي ڀر ۾ اهڙن چندي خور مولوين نامڪمل جوڙيون آهن . اهي هوٽل ويران ته اهڙن مولوين پاران جوڙايل اهڙيون مسجدون به ويران .اهڙا ملان ڪوهستان جي علائقي ۾ چندي وارين صندوقن سميت الائي ڪيڏانهن غائب ٿي ويا ..
ادا غلام مصطفيٰ صاحب توهان دوست جو بار الاهي هلڪو ڪيو آ. اسان دين کي سمجهڻ لاءِ ٽائيم نه ڏيندا سون ته کوڙ سارا مونجهارا سامهون ايندا.
ادا غلام مصطفي ۽ سائين عبدالڪريم چانڊيو صاحب مهنجي هڪ مجبوري آهي جو ڪنهن تي ظلم ڪون ٿو ڏسي سگھان مان ضلعو گھوٽڪي جي هڪ شهر ميرپور ماٿيلو ۾ رهان ٿو ادا هتي قومي جھيڙا عام جام ٿين ٿا اسڪولن ۾ پڙهائي نا هئڻ جي برابرهتي تعليمي دڪان کليل آهن جن کي اسان پرائيوٽ اسڪول سڏيندا آهيون هنن ۾ پڙهائي گھٽ فيهون آلله معاف ڪري وڏيرا شاهي عام جام غريب جو به هتي ڪوئي ناهين مان ڪهڙي سور تي لکي ڪهڙي سور تي لکان بس اندر ريزه ريزه آهي الاءِ ڇو اسان سڀ هي سهڻ جا آدي ٿي ويا آهيون هتي هرڪو قيدي آهي جيڪو اسان جو وڏيرو حڪم ڪندو اسان اهو ڪندا آهيون مان هن قيد جو باغي آهيان هڪ احساس رکان ٿو تڏهن هي ويچار آهن منهنجا
اوهان مايوس نه ٿيو اوهان کي جيڪو اچي لکندا ڪريو. بس هڪڙو خيال ڪندا ته ڪنهنجو نالو وٺي نه لکندا ،متان انڌي قانون جي لٺ جو وسڪارو سڻو پوي . جيڪي به ماڻهو غريبن تي ظلم ڪن ٿي يا مظلومن جو حق ڦٻائين ٿا ،اهي ڏاڍا چالاڪ هوندا آهن ،پاڪستاني قانون ته ڄڻ انهن جي حفاظت لاءِ جوڙيا ويا آهن. ان قانونن مان غريبن کي پلءِ ڪجه به ناهي پوندو ،ويتر مايوس نه ٿئين .
سائين مان پاڻ به هن جو قائل آهيان ته ماڻهو ڪنهنجو نالو۽ ذاتيات تي نه وڃي ته ڀلو آهي اسان ڪنهنجي دل ڏکائڻ نه پرهنن جي ڦٽن تي مرحم رکڻ وارن مان آهيون