مائڪرو سافٽ ڪمپني پنهنجي آپريٽنگ سسٽم ونڊو 8 کانپوءِ ونڊو 10 ميدان تي آندو آهي ـ ونڊو 8 ۾ اسٽارٽ مينو ختم ڪيو ويو هو جيڪو ونڊو 10 ۾ وري بحال ڪيو ويو آهي ـ ڪيترن ماڻهن شڪايت هئي ته ونڊو 8 ۾ نرالو سسٽم لڳايو ويو آهي جنهن ڪري کين تڪليف ٿئي ٿي پر ڪمپنيءَ جو چوڻ آهي ته 7 ۽ 8 جي سسٽم کي هاڻ ونڊو 10 سان هم آهنگ ڪيو ويو آهي. هن وقت ساري دنيا ۾ 50 سيڪڙو ڪمپيوٽرن تي ونڊو 7، 24 سيڪڙو تي ونڊو ايڪس پي ۽ 13 سيڪڙو تي ونڊو 8 لڳل آهن ـ
مائڪرو سافٽ 10 جو ٽيڪنيڪل پريويو هن لنڪ تان ڊائنلوڊ ڪري سگهجي ٿو Direct Links x86 - http://iso.esd.microsoft.com/W9TPI/FD54DF81... x64 -http://iso.esd.microsoft.com/W9TPI/FD54DF81...
سائين....ونڊو 7 کانپوءِ 8 آيو جيڪو 7 جي ڀيٽ ۾ ڪو گھڻو ڪامياب ڪونه ٿيو ۽ هاڻ 10 پر 9 ڪاڏي کسڪي ويو تنهن جي خبر ناهي ـ