پوليس ۽ وڏن ماڻهون جي ناجائزن جو قانوني سدباب.

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 آڪٽوبر 2014۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    پوليس ۽ وڏن ماڻهون جي ناجائزن جو قانوني سدباب:
    محترم ڀاتي هن محبتي اڱڻ جا. السلام عليڪم. اسان پنهنجي هڪ محترم ميمبر جناب عبدالڪريم چانڍيوجن جو ليک ڇا سنڌ جي پوليس ماڻهن جي محافظ آهي يا ڌاڙيل ؟ پڙهي اهو ضروري سمجهو ته ميمبرس کي قانوني ڄاڻ ڏيون ته جيڪڏهن پوليس يا ڪو با اثر ماڻهون ڪنهن کي ناجائز طور تي ڪنهن جاء يا پوليس اسٽيشن تي غير قانوني طور تي قيد ڪري رکي ٿو ته انهن ناجائزن جي خلاف ڪهڙا قانوني قدم کڻي سگهجن ٿا.
    [​IMG]

    جيڪڏهن ڪو به ماڻهون بغير ڪنهن ڪيس يا ڏوه ۾ گهربل جيڪڏهن پوليس گرفتار ڪري پوليس اسٽيشن تي قيد ٿي ڪري ته اهو پوليس جو عمل غير قانوني گرفتاري جي زمري ۾ اچي ٿي جنهن جي سزا هڪ سال ۽ ٽي هزار رپيا ڏنڍ آهي (انڊر سيڪشن 342.پاڪستان فوجداري قانون 1860،) جيڪڏهن ان ماڻهون کي ٽي ڏينهن يا ان کان وڌيڪ عرصي لاء حبس بيجاء ”غير قانوني قيد “ ۾ رکيو ويو آهي ته ان جي سزا ٻه سال ۽ ڏنڍ آهي (ڏسو سيڪشن 342، پاڪستان فوجداري قانون 1860) جيڪڏهن اهو غير قانوني قيد جو عرصو 10 ڏينهن کان مٿي آهي ته سزا ٽي سال ۽ ڏنڍ آهي ( سيڪشن 344، پاڪستان فوجداري قانون 1860).انهن سڀني ڪيسن ۾ ڪوبه مائٽ جنهن جي درخواست تي غير قانوني قيد ڪيل ماڻهون بازياب ڪريو ويو هوندو.ڪيس (ايف آئي ار ) مٿين قانوني سيڪشنن ۾ رجسٽر ڪرائي سگهي ٿو. ان سان گڏ جنهن ماڻهون کي غير قانوني قيد ۾ رکيو ويو هو، هو به ڪيس رجسٽر ڪرائي سگهي ٿو. مٿين قانون جو اطلاق انهن با اثر ماڻهون يا زميندان تي به ٿئي ٿو جيڪي پنهنجي هارين يا ڀٽيء تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي پنهنجي ذاتي قيد خانن ۾ غير قانوني قيد ڪري رکندا آهن يا هٿڪڙِن ۽ ٻيڙين ۾ جڪڙي مزدوري ڪرڻ لاء مجبور ڪندا آهن.
    اسلام ۽ اسان جي ملڪي قانون ۾ ان ڳاله جي ڪابه گنجائش نه آهي ته ڏوه ڪرڻ واري جي والد، ڀاء يا ٻين ويجهن عزيزن کي ٿاڻي تي گهرائي حبس بيجا ۾ رکيو وڃي ان وقت تائين جيستائين اصلي ملزم پيش اچي پوي يا گرفتار ٿئي.جيڪڏهن ڪو به مائٽ ملزم جو مٿين صورت حال ۾ ٿاڻي تي بند ڪيو ويو ته اها غير قانوني عمل حبس بيجا جي زمري ۾ ايندو ۽ جنهن پوليس آفيسر اهو ڪيو هوندو اهو مٿين قانوني سيڪشن جي اندر سزا جو حقدار هوندو.
    [​IMG]

    حبس بيجاء يا غير قانوني قيد ۾ رکيل ماڻهون جي مائٽن کي پوليس يا بااثر ماڻهون جو اهو عمل قانوني طورڪورٽ جي ڌيان ۾ ڪيئن آڻڻ گهرجي ؟

    ان جو جواب تمام سولو آهي. جنهن ماڻهون جو ڪوبه ويجهو عزيزجيڪڏهن پوليس يا بااثر ماڻهون ٿاڻي تي يا ڪنهن ٻئي جاء تي قيد ڪري حبس بيجاء ۾ رکيو آهي ته اهو مائٽ ان ضلعي جي سيشن جج کي پاڻ يا ڪنهن وڪيل جي ذريعي هڪ درخواست انڍر سيڪشن 491 ڪريمنل پروسڍير ڪوڊ جي تحت جمع ڪرائي ، هڪ ٻئي درخواست تڪڙي ڇاپي هڻڻ جي ان سان گڏ لڳائي.ضروري نه آهي ته اها درخواست انگريزي زبان ۾ هجي . درخواست سنڌي ۽ اردو زبان ۾ به لکي سگهجي ٿي.

    اڳ ۾ 491 ڪريمنل پروسڍير ڪوڊ جون درخواستون ٻڌڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جا اختيار صرف عزت مابه هائي ڪورٽ کي هوندا هئا،پر بعد ۾ 2002 ۾ قانون ۾ ترميم ڪري اها اختيار ڊسٽرڪٽ ؤ سيشن ججن کي ڏنا ويا تاڪي غريب سائل پنهنجي حد ، جنهن حد ۾ غير قانوني طور تي ماڻهون کي رکيو ويو هجي جي ڊسٽرڪٽ ؤ سيشن جج کي درخواست ڏئي پنهنجو مائٽ يا ٻين پيارن کي غير قانوني قيد ۾ آزاد ڪرائي سگهي. ضروري نه آهي ته درخواست ڏيڻ وارو ان ماڻهون جو مائٽ هجي.دوست به ڏئي سگهن ٿا. غير متعلق ماڻهون جنهن کي ان غير قانوني قيد (حبس بيجاء ) جي باري ۾ خبر هجي ،هو به اها ڳاله ڪورٽ جي ڌيان ۾ درخواست جي ذريعي آڻي سگهي ٿو.
    جناب سيشن جج صاحب ان درخواست تي پنهنجي ماتحت جوڍيشل مائجسٽريٽ مان ڪنهن هڪ کي تحريري يا زباني طور حڪم ڪندو ته ٿاڻي يا ٻئي قيد واري جڳه تي ڇاپو هاڻو.مائجسٽريٽ صاحب ڄاڻيل جڳه تي ڇاپو هاڻي ان ڳاله جو تعين ڪندو ته ماڻهون جنهن جي غير قانوني گرفتاري ؤ حبس بيجاء جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي،ڪنهن ڪيس ۾ گهربل ته نه آهي ۽ پوليس هن جي گرفتاري جي ڪا انٽري پوليس روزنمچا رجسٽر ۾ رکي آهي يه نه ،هن جي گرفتاري جو ميمو (مشيرنامو) ٺاهيو آهي يا نه.جڏهن مائجسٽريٽ صاحب کي اهو يقين ٿئي ويندو ته ڪو به قانوني عمل نه ڪيو ويو آهي ۽ ان ماڻهون کي غير قانوني طور تي حبس بيجاء ۾ رکيوويو آهي ته هڪدم ان ماڻهون کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي پوليس يا بااثر ماڻهون کي پابند ڪندو ته هو ڊسٽرڪٽ ؤ سيشن جج صاحٻ جي عدالت ۾ تاريخ تي پيش ٿين.
    ان تاريخ تي جنهن ماڻهون کي غير قانوني طورقيد ڪيو ويو ،اهو جوڊيشل مائجسٽريٽ جي حڪم مطابق ۽ پوليس وارا يا بااثر ماڻهون جنهن جي نجي جيل مان بي ڏوهي ماڻهون بازياب ڪرايا وايا هوندا،ڊسٽرڪٽ جج وٽ پيش ٿيندا. مائجسٽريٽ به پنهنجي رپورٽ ڏيندو جنهن ۾ هو ان ماڻهون جي غير قانوني قيد واري ڪمپلين جي تائيد ڪندو .ان کان پوء سيشن جج صاحب يا ته ان پوليس وارن تي جن اهو عمل ڪيو ڏنڍ وجهندو وڌيڪ حڪم سان ته اهئي ڏنڍ وارا پيسئا ان حبس بيجاء ۾ رکيل ماڻهون کي ڏنا وڃن.يا وري حبس بيجاء ۾ رکيل ماڻهون جي درخواست تي پوليس کي ايف آئي آرداخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندو.

    محترم ميمبرس اسان ڪوشش ڪئي آهي ته مٿيون قانوني حل سٺي نموني هن ليک ذريعي سمجهائي سگهون. جيڪڏهن اڃا به ڪو مونجهارو هجي ته مهرباني ڪري پنهنجي رائي ۾ ان جو اظهار ڪندا. سائين عبدالڪريم چانڊيو جن کي خاص طور تي درخواست آهي ان سلسلي ۾. توهان سڀني جي رائي جو شدت سان انتظار رهندو.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک قرب ...

    اهڙن ئي ليکن جي ضرورت آهي، جيئن عام ماڻهو سمجهي سگهي ته هو قانون جي مدد ڪيئن وٺي سگهي ٿو. اميد ته هي سلسلو جاري رهندو.

    سدا خوش هجو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    تمام بهترين ونڊ ادا پرافسوس جو اڃ ڪله پوليس يا وڏيرا به اهو قانون ڇاڻين ٿا ۽ ڪم پڪو ڪندا آهين ٻيو نه ته ان غريب جي پويان ڪو پراڻو سراڻو پسٽول لڳائي ڇڏيندا ته هي ڪرمنل آهي هن وٽان هي پسٽول هٿ آيو آهي هن کي ريمانڊ تي رکيو آهي هي ٻيا ڏوه به باسيندو .... خير بحرحال اوهان جي ونڊ تمام بهترين آهي اوهان جي مزيد اهڙي سٺي پوسٽن جو انتظار رهندو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پياري ساٿي محترم غلام مصطفى ميمڻ جا لک ٿورا جو پوليس يا وڏن ماڻهن پاران ڪيل ناجائزي جي تدارڪ لاءِ هڪ بهترين ۽ معلوماتي مضمون لکي اسان سڀني ميمبرن سان گڏوگڏ عام مخلوق کي به آگاهي ۽ ڄاڻ ڏني آهي ته پوليس جي زيادتن کان ڪهڙيءَ طرح پچي سگهجي ٿو . در اصل اهڙين سمورين ڳالهين جا جوابدار اسان پاڻ به آهيون ،اهو جهالت ،قانون کان اڻڄاڻائي ۽ غلط ڪارين جي ڪري . جيڪڏهين اسان يا اسان جا رشتيدار ڪن ڏوهارين سرگرمين ۾ حصو نه وٺن يا شامل نه ٿين ته پوءِ پوليس کي زيادتن ڪرڻ جو موقعو يا بهانو نه ملندو . پوليس کي هڪ ته حد کان وڌيڪ اختيار مليل آهن . طاقت بخشيندڙ وردي پهرايل آهي ته ٻئي طرف ڪي قوتون بي انتها غلط ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون ۽ انهن جي جائز مسئلن کي حل نه ٿيون ڪن . ظاهر آ ،پوءِ اهڙي حالتن ۾ پوليس پاڻ خود قانون کي اورانگهي ٿي . ڪهڙي به مجبوري ۾ پوليس کي پنهنجو پاڻ قانون کي ٽوڙڻ نه گهرجي ۽ انهن ڳالهين تي عمل ڪرڻ گهرجي ،جن جي ادائگيءَ لاءِ انهن کي چونڊيو ويو آهي .
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ان جو مطلب ته لاقانونيت هتي بلڪل ناهي.. بس رڳو ضرورت آهي ماڻهن کي باشعور ٿيڻ جي...
    خير انهن ڳالهين تي عمل ڪرڻ لاءِ وري جيڪي رڪاوٽون آهن انهن ۾ سڀ کان اهم ته ماڻهون بذاتِ خود ته پاڻ کي اڳتي وڌي درخواست لکڻ جو اهل سمجهي ئي نه ٿو ۽ ٻيو ته جيترو خرچ وڪيل کي ڏئي عدالت ۾ وڃي ڪيس ڪرڻ ۽ وري پيشين کي ڀڳتڻ سان گڏو گڏو ايريا جي پوليس سان مهاڏو اٽڪائڻ کان پوءِ ردِ عمل کي برداشت ڪرڻ جهڙا ڏکيا قدم کان ماڻهون گهٽ خرچ پوليس کي ڏئي ماڻهن کي ڇڏائڻ جي رجهان کي به نندجي ته جيئن پوليس به پاڻ تي اهڙن ڪيسن جي ٿيڻ جو خوف رکي...
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu

    [​IMG]


    ادا ذيشان رشيد السلام عليڪم. ادا ماڻهن کي رڳو همٿ ڪرڻي پوندي باقي هن قسم جي درخواستن ۾ ڪنهن قسم جي پيشيء جي دير جو سوال ئي نه آهي ،نه وري وڪيل ڪرڻ ضروري آهي، هن قسم جون درخواستون هڪ ئي پيشي ۾ پنهنجو مقصد ماڻي انجام کي پهچنديون آهن. هن کان وڌيڪ آسان رستو نه آهي. توهان جي اهو فڪر ته اهو ماڻهون پوليس سا مهاڏو ڪيئن اٽڪائي ۽ پوليس جو ردعمل هن لاء تمام گهڻو سخت هوندو .ان لاء مختصرن جواب آهي ته جڏهن به ڪو ماڻهون حبس بيجاء ۾ رکيل بازياب ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو آهي ته پوليس ڪوشش ڪندي آهي ته ان ماڻهون کي منٿون سنٿون ڪري هنن جي خلاف ايڪشن نه کڻڻ جي لاء آماده ڪن. ڇو ته پوليس کي اها خبر آهي ته جيڪڏهن ايف آئي آر مٿين سيڪشن ۾ داخل ٿئي ويئي ته نه رڳو هنن جي نوڪري واري پوسٽنگ ويندي پرڪيسن کي ڀوڳڻو پوندا. جيستائين غير قانوني قيد بڻيل ماڻهون يا انهن جي مائٽن کي پوليس جو هراسان ڪرڻ وارو معاملو آهي ته ادا ،اهو ماڻهون ڊسٽرڪٽ ؤ سيشن جج جي عدالت ۾ 22 آي ۽ بي ڪريمنل پروسڊير ڪوڊ جي درخواست داخل ڪندو،ضروري ته نه آهي انگريزي ۾ يا وڪيل جي معرفت، ٻين زبانن ۾ ڊائرڪيٽ به ڏئي سگهي ٿو. سيشن جج صاحب بهادر،ان پوليس آفيسر يا وڏيرو جيڪو دهمڪيون ڏئي رهيو آهي مٿين ماڻهون کي ،ڪورٽ ۾ گهرائي انهن کي نه رڳو تنبيه ڪندو پر ڪيس به داخل ڪرڻ جي اجازت ڏيندو ان پوليس آفيسر يا وڏيري جي خلاف انڊر سيڪشن 506 يا 506 ب ضابط پاڪستان فوجداري قانون تحت .جيڪڏهن دهمڪي ڏيڻ واري اسلحي جي زور تي اها دهمڪي ڏني هوندي ته پويون سيڪشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو.ان سان گڏ ان پوليس آفيسر يا وڏيري کان لکت ۾ وٺندو ته هو مٿين ماڻهون کي نه هراسان ڪندو نه وري انهن جي خلاف ڪو غير قانوني قدم کڻندو.
    قانون ۾ هر خراب ؤ غير قانوي عمل جي سدباب لاء طريقو ؤ سزا ٻڌايل آهي . پر ان کي عمل ۾ آڻڻ لاء توهان ۽ اسان کي ۽ هر مظلوم ماڻهون جيڪو مٿين ڏاڍائين جو شڪار ٿيو هوندو کي همٿ ڪرڻي پوندي. ورنه اها ته عام چوڻي آهي ته جيستائين ٻار روئندو نه آهي کير ان جي ماء به ان کي نه پياريندا آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏4 آڪٽوبر 2014
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ماشاالله...تمام بهترين ڄاڻ فراهم ڪئي وئي آهي.
    جيتوڻيڪ اسان وٽ زميني حقيقتون ڪجهه ٻيو ٻڌائين ٿيون، ان هوندي به اها ڄاڻ هر ڪنهن لا بيحد ضروري آهي.

    ڪاش قانون تي عمل ڪرائڻ ۾ رڳو ڪورٽ سڳوري نه پر خود پوليس به سچائي سان ڪوششون ڪري.
    اسان جو سسٽم مٿان کان وٺي هيٺين ليول تائين ناسور بڻجي چڪو آهي.
    اسان جي معاشري ۾ رشوت ۽ چور بازاري ايتري ته وڌي وئي آهي جو قانون وڃي ڪتابن ۾ رهيو آهي. عام عوام جي ذهنن ۾ پوليس جو جيڪو خاڪو بڻجي چڪو آهي اها به ڪا لڪيل ڳالهه نه آهي. بدمعاش ، چور ۽ ڌاڙيل هڪ پاسي ۽ پوليس صاحب بهادر هڪ پاسي ، غريب عوام کي ته ٻنهين سور ڏئي ڇڏيا آهن. فرياد ڪجي ته به موت نه ڪجي ته به موت...!!
    تنهن هوندي به اهڙي ابتر صورتحال ۾ هن قسم جا معلوماتي ليک اسان جي ذهني شعور ۾ واڌارو آڻين ٿا ، اهڙي ڄاڻ ذريعي قانون کي بهتر سمجهي سگهجي ٿو. جڏهن قانون ۽ انهن جي ضروري شڪن جي خبر هوندي ته ان تي عمل ڪرائي پنهنجا حق به وٺي سگهجن ٿا.
    اهڙا تعميري ليک عوام کي درست سمت ۾ قدم کڻڻ لا همٿائيندڙ آهن. اميد ته اهو سلسلو اڳتي به جاري رهندو.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سُٺي ڳالهه ته اها رهنمائي ڪجي ته اوهان وٽ ڪهڙا اختيار آهن؟ اوهان ڪهڙي طرح پنهنجو هق استعمال ڪري سگهو ٿا. يقينن سڀني جي ذهن ۾ ايندو ته هتي قانون ڪهڙو پر ظلم سهندو رهڻ کان پُڪار ڪجي ته سهي پوءِ نتيجا اڳتي لاءِ ڇڏجن.
    اوهان پاران اهڙني ئي ليک جي توقع هوندي آهي جنهن ۾ ڀرپور نڀايو ٿا. اُميد ٿا ڪريون ته اڳتي به اهڙا اهم موضُوع ۽ قانون ۾ ظلم خلاف موجود آسان رستا ٻُڌائيندا رهندؤ.
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. شاويز لطيف ميراڻي

    شاويز لطيف ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2014
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مڇي جو واپار
    ماڳ:
    ميھڙ دادو
    سائين سڀني دوستن پاران تمام معلوماتي ڄاڻ سان ڀريل مواد لکي سولي ۽ سٺي طريقي سان قانوني ڄاڻ فراھم ڪئي آھي
    عرض تہ منھنجي ڀاءُ کي بہ پوليس غير قانوني طور تي گرفتار ڪيو پئسا نہ ڏيڻ جي صورت ۾ اڳ ۾ ٻہ ۽ ھاڻي ھڪڙو پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي ،جڏھن تہ اسان شريف پنھنجي ڌنڌي روزگار وارا آھيون مھرباني ڪري ڪو سولو حل ٻڌائيندا تہ جيئن پوليس مان جان ڇڏائي ڪو سک جو ساھ کڻي سگھئون.
     
  10. ثانيه زهرا

    ثانيه زهرا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏14 نومبر 2014
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ادا تمام سٺي ڄاڻ ڏني اٿو قانون ۽ پوليس بابت
     
  11. kashifkareem

    kashifkareem
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    32
    ورتل پسنديدگيون:
    63
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    محترم غلام مصطفي ميمڻ صاحب نهايت ئي ڪارائتي ۽ مفيد تحرير لکي آهي. پر افسوس ان ڳالهه جو آهي جو ماڻهن ۾ ايتري همت ئي نه آهي جو حد جي پوليس يا ڪنهن وڏيري خلاف ڪورٽ ۾ وڃن ۽ ان جو سبب سندن بزدلي نه آهي بلڪه انهن کي انصاف جي اميد نه هجڻ خاموشي تي مجبور ٿي ڪري. سائين سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ چرٻٽ راجا بيداد نگري لڳي پئي آهي. ڪافي دوستن سان ڪجهه ڪيسن بابت جيڪا ڪچهري ٿي آهي. ان منجهان قانوني رکوالن جي هڪ ڀيانڪ تصوير سامهون ٿي اچي. ڪجهه دوستن ٻڌايو ته اسان تي ڪيس ڪيو ويو هلي هلي سيشن جج اهو ڪيس ڪوڙو قرار ڏنو پر سندس اصرار هئو ته اگر چاهيو ٿا ڪيس خارج ٿئي هيترن پئسن جو انتظام ڪريو ٻئي صورت ۾ ڪيس خارج نه ڪيو ويندو. افسوس صد افسوس هاڻي ٻڌايو ته اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن ۾ همت پيدا ٿيندي ته وڏيري خلاف يا پوليس خلاف قانون جو سهارو وٺي. اسان وٽ پاڪستان ۾ وڏن شهرن کي ڇڏي ڪري غريبن لاءِ ۽ خاص طور تي پوئتي پيل علائقي جي ماڻهن لاءِ قانون صرف ڪتابن ۾ قيد آهي. بهرحال اوهان بهترين تحرير پيش ڪئي آهي جنهن سان علم ۾ اضافو ٿيو.
     
  12. محمد ثقلين

    محمد ثقلين Guest

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2014
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    نواب شاه: موجوده :ڪراچي، سولجر بازار 1 نمبر .....
    تڏهن به ڪجهه نه ٿيندو ڇو جو اسان وٽ قانون نالي فقط ڪتاب آهن عمل ناهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    توهان ته بهترين لکيو آهي ۽ قانوني ڪتاب به اهائي پيا ڳالھ ڪن پر اصل حقيقت ۾ ان جي ابتڙ ٿو ٿئي، جنهن جي جيتري پهچ ۽ اثر وڌيڪ آهي ته قانوني قائدا به ان لاءِ وڌيڪ آسان آهن باقي عام ماڻهو اهو ئي سورن ۾ آهي.
     
  14. سدیر احمد مهر

    سدیر احمد مهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    57
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Tiens International
    ماڳ:
    Nagar parkar
    ادا تمام ژبردست نمونی توهان سمجهایو آهی
    اسان جی سباجهڑ ی سند جی ویچارن ماروئڑن سان روز اهڑا انیک مسئلا درپیش آهن توهان جی تحریر سبب ماٹهن کی گٹهی جاٹ ملندی
     
  15. سدیر احمد مهر

    سدیر احمد مهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    57
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Tiens International
    ماڳ:
    Nagar parkar
    ادا تمام ژبردست نمونی توهان سمجهایو آهی
    اسان جی سباجهڑ ی سند جی ویچارن ماروئڑن سان روز اهڑا انیک مسئلا درپیش آهن توهان جی تحریر سبب ماٹهن کی گٹهی جاٹ ملندی
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو