سنڌ جي بقا ۽ وجود جو سوال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏1 آڪٽوبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    دوستو پهريان هي اسٽيٽس غور سان پڙهو، هي سنڌ جي بقا ۽ وجود جو سوال آهي، مان هيٺ هڪ اهم ڳاله اوهان سان شيئر ڪري رهيو آهيان، پڙهي پوء پنهنجا رايا ۽ تجويزون ڏيو. مهرباني
    اڄ اسان جي سنڌ امڙ سخت خطري ۾ آهي، ان کي ٽوڙڻ جون بين القوامي ۽ سنڌ دشمنن جو سازشون ڏينهون ڏينهن تيز ٿينديون رهن ٿيون، هيء ڪا معمولي ڳاله ناهي، هي اسان جي وجود بقا جو مسئلو آهي، جيڪي اسان جا سنڌي دوست هن ڳاله کي معمولي سمجهي اهو دليل ڏئي رهيا آهين ته الطاف پنهنجي سياست کي چمڪائي اهڙا بيان ڏئي رهيو آهي اهي دراصل سنڌي ماڻهن جي قومي تحريڪ کي ماٺو ڪرڻ ٿا چاهين.
    هڪ پاسي ايم ڪيو ايم مختلف روپن ۾ ڪنهن مهل شهري ڪميٽي، ڪنهن مهل مهاجر رابطه ڪائونسل، ڪنهن مهل هٿرادو سول سوسائٽي، ڪنهن مهل طاهرالقادريء جي واتان، ڪنهن مهل انتظامي يونٽن جي نالي ۾ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ چاهي ٿي، ان ۾ رڳو ايم ڪيو ايم اڪيلي سر نه آهي ان جي پٺيان بين القوامي قوتون جن جا سنڌ جي ساحلي پٽيء تي مفاد آهين اهي سڀ ايم ڪيو ايم سان گڏ آهين.
    هاڻي اسان سنڌين کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟؟ اهو هن وقت جو اهم سوال آهي؟؟
    ڪاله حيدرآباد ۾ سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين جو سنڌ جي ورهاڱي جي مسئلي تي هڪ اهم مذاڪرو ٿيو.
    جنهن ۾ مون تجويز رکي ته سنڌ جي ورهاڱي کي سنڌي ماڻهو پنهنجي لاء گار ٿا سمجهن ان ڪري هن سڄي قومي تحريڪ هيٺ سنڌي ماڻهن تائين کڻي وڃڻ گھرجي ته جيئن هر سنڌي هن قومي تحريڪ کي پنهنجي وجود ۽ بقا جي تحريڪ ڪري سمجهي، گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڪروڙ سنڌي ماڻهن کان صحيحون ورتيون وڃن، هڪ ڊرافٽ تيار ڪيو وڃي جيڪو سڄي سنڌ ۾ ورهايو وڃي، پنجاه لک سنڌي انگلينڊ حڪومت ۽ اسڪاٽ لينڊ يارڊ کي اي ميل ۽ ميسيج ڪن ته اوهان جو شهري سنڌ ۾ فساد ڪرائڻ ٿو چاهي ۽ شرانگيز تقريرون ڪري سنڌ جي اصلي سنڌين جي جذبن کي مجروح ٿو ڪري.
    هاڻي اوهان دوست منهنجي رهنمائي ڪريو، هي ڪم تمام وڏو آهي، سڄو مهينو لڳندو، گھربل وسيلا کپن، مهرباني ڪري پنهنجي راء ڏيو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين اوهان جي تجويز بهترين آهي . ان تي به عمل ڪرڻ گهرجي ،جيسين تائين اصل بنيادي مرض جو علاج نه ٿيندو اهڙيون وارداتون اسان سان ٿينديون رهنديون . هاڻي ان اصلي مرض جو جيڪو اسان جا مختلف حڪيم پنهنجي پنهنجي سوچ مطابق علاج ڏسي رهيا آهن ، اسان مريضن مان جنهنکي جيڪو سولو يا اسان علاج ٿو لڳي ،ان تي لڳي هڪ ٻئي کي انهي ئي رستي تي هلڻ جي لاءِ مجبور ڪرڻ سان گڏوگڏ هڪ ٻئي ۾ ڄنڊا پٽ ۾ لڳا پيا آهيون . منهنجي نظر ۾ اهو اصلي مرض اهو آهي ته اسان قومي طور غلا م آهيون ۽ پنهنجي قسمتن جا فيصلا پاڻ نه ٿا ڪري سگهون .انهن فيصلن جي ڪرڻ لاءِ آسان رستو قومي حق خوداختياري حاصل ڪرڻ آهي .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    هي غداري آهي، بزدلي آهي، چاپلوسي آهي يا جاسوسي آهي، فيصلو ڪير ڪري؟
    اگر ڳاله صرف ايتري هجي ها ته حيدرآباد جيم خانه جو صدر قومي عوامي پارٽي جو فنانسر ۽ اياز لطيف جو گهاٽو يار جاويد جوڻيجو بدنام زمانه ڪرپٽ ترين آفيسر رهيو آهي، جنهن هاڻي راجپوتانه اسپتال جي سامهون سگنيچر پلازا جي نالي سان اربين روپيئن جي مهانگي ترين پراجيڪٽ جو اعلان پڻ ڪيو آهي ته شايد آئون ٽڪي جي اهڙي لوسي ۽ خسيس سنڌي ڪرپٽ ڪاموري تي لکي پنهنجو وقت نه وڃايان ها، نه ئي کانئس اهو پڇان ها ته چور جا پٽ اهي ايڏا سارا پئسا ڪٿان آندا اٿيئي. حق حلال جي پگهار مان ته پيٽ پالڻ به مشڪل آهي.
    پر ان کان به وڏي انتهائي چڙ ڏياريندڙ، ناقابل برداشت، شرمناڪ ۽ غداري واري حرڪت جيڪا حيدرآباد جيم خاني جي صدر ۽ اياز لطيف * صاحب * جي يار غار ڪئي آهي اها هي ته جيم خاني جي سڄي تاريخ ۾ اهيو پهريون دفعو آهي جو
    هن جيم خاني جي آئين ۾ حيدرآباد جي فوجي ڪمانڊر (جيڪو حاضر ڊيوٽي برگيڊيئر هوندو آهي ) کي مستقل طور* ڊپٽي پئٽرن * ۽ ڪئنٽومينٽ ايگزيڪيٽو آفيسر ملٽري ايسٽيٽ جي ٻن فوجي افيسرن کي دائمي طور مئنيجنگ ڪميٽي جا ميمبر بنائڻ چاهي ٿو، ان کان علاوه ڊپٽي ڪمشنر ۽ پوليس ايس پي کي به جيم خانه ڪميٽي جو مستقل ميمبر ڪرڻ چاهي ٿو.
    .مون کي سمجه ۾ نٿو اچي ته ان حرڪت کي غداري چئجي، بزدلي چئجي، چاپلوسي چئجي يا جاسوسي.
    خاڪي وردي وارن چوڪيدارن جو هڪ سويليئن ڪلب ۾ ڇا وڃي.
    جيڪي پاڻ کي قومي ۽ عوامي هجڻ جا دعويدار بنجن ٿا اهي به اگر اهڙيون حرڪتون ڪن يا انهن جي پٺڀرائي ڪن پوءِ به سندن پليت چهرا وائکا نه ڪجن ، معاف ڪجو يارو منهنجي مزاج ۾ اهڙي منافقت ناهي.
     
  4. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهڙن ماڻهن کي وائکو ڪرڻ ضروري آهي ،اهو به نالن ۽ ثبوتن سان ته جينئن کري ۽ کوٽي ۾ پرک ڪري سگهجي .پر تنقيدي انداز اهڙو هجي ،جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي بد ديانتي ۽ بد تميزي شامل نه هجي .ڇاڪاڻ ته ثبوتن جي جواب ۾ هو ڪجه به پيش ڪري نه ٿا سگهن ، پوءِ پاڻ بچائڻ جي لاءِ لڙ بکيڙو ڪري گار گند تي لهي اچن ٿا .قومي سوال ۽ گڏيل قومي مفادن کي ڇيهو رسائيندڙ ڪنهن به معافي جي لائق ناهن هوندا .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو