وقار خان اسان جا شوق به عجيب آهن. مُهمون به منفرد- خوشيون به جُدا آهن. غم به الڳ- صبر به مختلف آهن. بي چينيون به مختلف- خوابن جو به جواب ناهي- آرزوئن جو به مثال ڪونهي. خواهشون به لاثاني آهن. ترجيحون به لاجواب. روين جو به مول ناهي. عادتن بابت به ڇا چئجي! هر ماڻهوءَ پاڻ بدديانت آهي پر ٻين کان ديانتداري جي توقع رکندو آهي. ذخيري ڪرڻ واري کان جڏهن سرڪاري آفيسن ۾ رشوت گهُري ويندي آهي ته اُهو ائين ئي چوندو آهي ته: ”آخر هِن ملڪ جو ڇا ٿيندو؟“ رسوت خور کي جيڪڏهن ڪو ذميدار پڪڙيندو آهي ته شرمسار ۽ لڄي ٿيڻ بجاءِ چوندو آهي ته ”چَڪ پائي ويو آهي.“ ٽريفڪ قانون جي خلاف ورزي ڪندي، جڏهن ڪو پنهنجي گاڏي هلندڙ ٽريفڪ ۾ ڪاهي اچي رستي کي بلاڪ ڪري ڇڏيندو آهي ته ڪاوڙ ۽ ڪروڌ مان چوندو آهي ”انهن ماڻهن ۾ ڊرائيونگ جو سينس ئي ناهي.“ ڪنهن ٻي جي طرف کان لائن ٽوڙڻ تي مرڻ مارڻ تي تيار ٿي وڃڻ وارو، پاڻ اِها حرڪت ڪري ته فاتحاڻي مُرڪ سان چوندو آهي: ”هي پاڪستان آهي، هتي سڀ جائز آهي.“ رات جو چوري جي لاءِ وڃڻ وارو ساٿين کي پنهنجي ناڪامي جو افسانو هيئن ٻڌائيندو آهي: ”اُهي بي ايمان جاڳي رهيا هئا.“ (ڄڻ چوري ڪرڻ وارو ايماندار هو ۽ ڀاڳيا بي ايمان). زيادتي جي ملزم جو سرپرست، جڏهن مظلوم جي گهر راضي نامي جي لاءِ ويندو آهي ته واپسي تي اچي ٻُڌائيندو آهي ته: بي غيرت راضي نٿا ٿين.“ ڌاڙيل پنهنجي ناڪامي جو ذميوار، شڪار کي سمجهندو آهي ته هن مزاحمت ڪئي. جنهن جي جَڙن جي بُنياد ۾ ڪرپشن جي پئسي جو استعمال هُجي. اُهو سينو تاڻي چوندو آهي ته ڪرپشن کي جَڙ کان اُکيلي ڇڏينداسين. آمرن جا حُقا تازا ڪرڻ وارا ۽ انهن جي دستر خوان جون هڏيون چٻاڙڻ وارا چوندا آهن ”جمهوريت جي لاءِ تن، من، ڌن قربان ڪري ڇڏينداسين.“ مقصد کان عاري ڌرڻي بازن کي جڏهن گهُربل تعداد ۾ ”رڍ، ٻڪريون“ ناهن ملندين ته اهي پاڻ ۾ چوندا آهن ته ماڻهن ۾ شعور ئي ناهي. بنيادي حقن جي پائمالي تي مشتمل منشور رکڻ وارن کي ماڻهوءَ پنهنجي نمائندگي جي بارگاهه ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ناهن ڏيندا ته اُهي سچي دل سان سمجهندا آهن ته ماڻهو جاهل آهن. ناجائز نفعو ڪمائي ماڻهن جو ڀلي پار ڏانهن اچڻ وڃڻ به ڏسجي! ڪو دنيا جي در در تي ڦهلايل اسان جي ڪشڪول جي زيارت ڪري ۽ پوءِ اُن ۾ خيرات وجهڻ وارن کي فتح ڪرڻ وارا اسان جا عزم به ڏسي. تعليم جي ترقيءَ جي لاءِ سياسي اڳواڻن جا ڀاسڻ ٻُڌي ۽ پوءِ اسان جي شرمناڪ تعليمي بجيٽ به ڏسي! ماڻهن کي صحت جون سهولتون پهچائڻ جون خوشخبريون ٻُڌي ۽ پوءِ مارڪيٽ ۾ جعلي دوائن جي ڀرمار به ڏسي! جرم کي ختم ڪرڻ جون دعوائون ٻُڌي ۽ مجرمن جي سرپرستي جون ڪهاڻيون به ٻُڌي. اڳواڻن جي طرفان ملڪ کي ايشين ٽائيگر بڻائڻ جا عزم ڏسي ۽ پوءِ ترقي جو تماشو به ڏسي. توانائي جي بحران تي قابو پائڻ جون خوشخبريون ٻُڌي ۽ پوءِ لوڊشيڊنگ جا عذاب به سهي! اسان جي پاڻي مليل کير فروشن کان وٺي ضمير فروشن ۽ قوم فروشن تي نگاهه وجهي ۽ اسان جي قيادت جي دعوائن تي ڏندين آڱريون به ڏئي! غريب عوام جي غم ۾ قوم جي رهنمائن جي ڳوڙهن ڀريل اکين جو درشن ڪري ۽ پوءِ غريبن جي ڪمائي سان انهن جون عياشيون به ڏسي. دهشتگردي سان اُڏندڙ انسانيت جا ٽُڪرا ڏسي قوم جي ايڪي ۽ اتحاد جي لاءِ اسان جي تڙپ جو نظارو ڏسي ۽ پوءِ ڪُفر جون فتوائون به ٻُڌي. اربن جي بنگلن ۾ مسُڪرائيندڙ زندگي ڏسي ۽ پوءِ ڪچي آبادين ۾ سسڪندڙ انسانيت جو به درشن ڪري! ”صفائي نصف ايمان آهي“ تي اسان جا ليڪچر ٻُڌي ۽ پوءِ فڪري ڄارا ۽ گندگي سان ڀريل نالا به ڏسي. جمهوريت جي حق ۾ اسان جون قواليون ٻُڌي ۽ پوءِ ان جي خلاف اسان جون مهمون به ڏسي. عوامي عدالت ۾ اُميدوارن جون ضمانتون ضبط ٿيندي ڏسي ۽ پوءِ پاڻ کي عوامي اُمنگن جو ترجمان سڏائيندڙن کي به ڏسي! اسان اُهي آهيون، جن ساڳئي وقت، جمهوريت جو شوق به پالي رکيو آهي ۽ نظرياتي مخالفن کي برداشت ڪرڻ جو به حوصلو ناهي. عوام کي طاقت جو سرچشمو چوندا آهيون ۽ اُنهن جو فيصلو به قبول ناهي. ميڊيا جي آزادي جا قائل آهيون ۽ اظهار جي آزادي جو سليقو به ناهي. تنقيد کي پنهنجو حق سمجهندا آهيون ۽ تنقيد سهڻ جي سگهه به ناهي. رواداري، برداشت، توازن ۽ وڏي دل جا خطبا عروج تي آهن پر خنجر به لِڪائي رکندا آهيون. اسان احترام ڪرڻ تي اچون ته آئين ٽوڙڻ وارن کي اکين تي ويهاريون ۽ توهين تي اچون ته صبح شام عوامي مينڊيٽ جي مٿي تي جوتيون هڻڻ، پنهنجي عادت بڻائي ڇڏيون. محبت جوش هڻي ته آمرن جي راهه ۾ گُل وڇائي ڇڏيون ۽ نفرت ڪرڻ تي اچون ته قائداعظم کي به ڪافر اعظم چوڻ ۾ نه شرمايون! غيرت جوش هڻي ته ڊاڪٽر عافيه جي آزادي جي لاءِ زمين ۽ آسمان هڪ ڪري ڇڏيون ۽ صرف نظر ڪرڻ تي اچون ته پنهنجي ڀرپاسي زوري ڇوڪريون اغوا ڪرڻ وارن ۽ اُنهن کي زنده پُورڻ وارن واقعن کان اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ڪڏهن فلم جو سائن بورڊ ڏسي رت جوش ۾ اچي وڃي، ڪڏهن بُک ۽ افلاس ۽ بي انصافي جي ڪري مرندڙ لکين انسان ڏسي ڪري به، انهن جي پرواهه نه ڪيون. احتساب جو جذبو جنون تائين پهچي ته عوام جي چونڊيل نماندن جي خلاف لانگ مارچ ۽ ڌرڻا شروع ڪري ڏيون ۽ مُنافقت تي اچون ته بجلي چورن، ذخيره اندوزن، ملاوٽ ڪرڻ وارن، رشوت خورن، دهشتگردن، منشيات فروشن ۽ قاتلن جي گناهن ڏي ڏسڻ ئي ڇڏي ڏيون! دنيا 2018ع تائين پوليو جي خاتمي جو عزم ڪري چُڪي آهي ۽ اسان ان کي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون صرف ڪري رهيا آهيون. ايشيا جي پهرين سئو يونيورسٽين ۾ پاڪستان جو نالو ناهي پر شيخ چلي ان کي عالمِ اسلام جي اُميدن جو مرڪز بڻايون ويٺا آهن. نو ڪروڙ ماڻهو اڻ پڙهيل آهن، ست ڪروڙ، غربت کان هيٺ لڪير واري زندگي گذاري رهيا آهن، ڏيڍ ڪروڙ جهوپڙين تائين بجلي ناهي پُهتي ۽ هتي طبلي جي تال، هارمونيم جا سُر ۽ پازيب جي جهنڪار تي چونڊ ڌانڌلين جي خلاف ڌرڻا هنيا پيا وڃن! سچ، ايمانداري، قانون جي پاسداري، انصاف ۽ انسانيت جو احترام سموري دنيا ۾ اخلاقيات جا معيار مقرر ٿي چُڪا آهن، اسان انهن کان پري آهيون ۽ دنيا کي اِنهن بابت سبق به پڙهائي رهيا آهيون؟ مقابلو زبردست آهي ڇو ته مهذب دنيا اسان جي ڪرپشن، غربت، ناخواندگي، انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ بُک جا انگ اکر بيان ڪندي آهي!