ڪِي جو ڪَنهِين پَارِ، اَکيُون پَسي آئيُون
ٿيُون دِيوَانِيُون دِلِ ۾، اَپَرِ لَڳِيَن آرِ
تِهَان پَوءِ قَرَارِ، سُتيُون ڪِينَ سَيَدُ چَئَي
سُرُ آسَا
ڪَنهين = ڪنهن
پَار = پاسي، طرف، هنڌ
ديوانيون = مستانيون
اَپَر = بيحد
آر = نينهُن، عشق، گهاءُ، زخم
تهان = تنهن کان پوءِ
قرار = آرام، سڪون
بيت جو منظر
هي اکيون گهمندي ڦرندي ڪنهن پاسي جيڪو ڏسي آئيون آهن، ان کان پوءِ صفا چريون ۽ مستانيون ٿي پيون آهن. دل جو اوڏانهُن ڦرائي آيون آهن.
لڳي ٿو ڪو وڏو عشق لڳو اٿن جو سک، چين ۽ آرام ڦٽي ويو اٿن. رات توڙي ڏينهن سمهڻ ئي ڇڏي ڏنو اٿن، نيڻين ننڊون وِهه اٿن.
سمجهاڻي
سدائين ايئين ٿيندو آهي ته محبوب کي ڏسنديون اکيون آهن ۽ سزا وري ملندي آهي دل ۽ جسم کي.
ڀٽائيءَ جو هي بيت پڻ ان ڳالهه جي عڪاسي ٿو ڪري. ڪنهن ٻئي ملڪ، ڪنهن ڏوراهين هنڌ ۽ پرائي وطن ۾ گهمندي ڪنهن وينگس کي جڏهن ناز ۽ انداز سان ٽلندي هنن اکين ڏسي ورتو ته پنهنجو سڪون ۽ قرار وڃائي ويٺيون.
هاڻي ته جيڪو نينهن لڳو ٿن ته ڏينهن رات جو سڪون ڦٽي ويو اٿن. هاڻي ته پيون لڙڪ لاڙين ۽ اوجاڳا ڪن.
_____
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل