عبدالڪريم چانڊيو
سينيئر رڪن
اڄ ڪاله انهي ئي موضوع تي لڪل هٿن جي اشاري تي هڪ قرباني جي لاءِ پاليل پاڏي رنڀ ڪئي، بس قيامت اچي ويئي آهي . ان جي پيدا ڪيل هم خيالن ۽ دلالن پنهنجي ميڊيا واري ڊگڊگيءَ سان آسمان کڻي مٿي تي کنيون آهي . موٽ ۾ وري اسان (سنڌ)جا همدرد ڳاله سمجهڻ بغير ان بي سريلي آواز تي بغير ڪنهن دليل ڏيڻ جي ۽ ملڪي دستور جي مطالعي جي مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون،جهڙا نعرى! هڻي سنڌ اسيمبيليءَ مان غلط جملن تي مشتمل هڪ بل پاس ڪرائي ،بي عقل ۽ موجوده ملڪي دستورکان اڻڄان ماڻهن واتان داد حاصل ڪري رهيا آهن ،کين خبر ئي ناهين ته پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙا هڻي سڄي سنڌي قوم ۽ سنڌ کي زخمي ڪري هڪ نه ڇٽندر ناسور بخشي رهيا آهن .
اچوته 1973ع واري دستور کي ڏسون . اهو دستور 280 آرٽيڪلن تي مشتمل آهي ،انهن مان ڪو به هڪڙو اهڙو آرٽيڪل ڪونهي ،جيڪو اسان کي يا موجوده پارليامنٽ کي پاڪستان جي آرٽيڪل نمبر 1 ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا تبديلي ڪري سگهڻ جو اختيار ڏئي . انهي ئي دستور جا ڪجه آرٽيڪل اهڙا آهن جن ۾ دستور ساز اسيمبيليءَ کان سواءِ، موجوده قانونساز اسيمبيلي ڪا به تبديل آڻي نه ٿي سگهي . آرٽيڪل نمبر هڪ ۾ پاڪستان جي تعريف ،جوڙ جڪ ۽ حدون ٻڌايل آهن . اچو ته ڏسون ته دستور ساز ۽ قانون ساز اسيمبيليءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي. هيءَ موجوده اسيمبيلي يا پارليامنٽ کي رڳو قانون سازي ڪرڻ جو اختيارآهي جنهن ڪري هن کي قانون ساز پارليامنت سڏجي ٿو . هر قانون ساز اسيمبيلي دستورساز اسيمبيلي ناهي هوندي ،پر هر دستور ساز اسيمبيليءَ کي قاون ساز اسيمبيليءَ جو درجو حاصل هوندو آهي . موجوده آئين جي موجودگيءَ ۾ اهو رانڀات ڪندڙ پاڏو ته ڇا پر ان جا وڏا ڀي ڪو نئون صوبو نه ٿا ٺاهي سگهن . پاڪستان ۾ جي ڪنهن کي ڪي وڌيڪ نوان صوبا ٺاهڻا آهن ته انهن جي لا ءِ ٻه رستا آهن . هڪڙو ته 1973 واري آئين کي ختم ڪري ،ڪا مارشل لا لڳائجي . تنهن ڪري اهو ڀانڪاٽ ڪندڙ پاڏو راڀاٽ ڪري جمهوري حڪومت کي ختم ڪري فوجي راڄ قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني فوج کي ايلاز ۽ منٿون به ڪري رهيو آهي ۽ هڪ لک تربيت يافته ڪارڪنن جي آڇ به ڪري رهيو آهي. ڏسو نه انهن جي مقاري . صوبي ٺاهن جو ٻيو رستواهو آهي ته هن موجوده سموري قانون سازپارليامنٽ کي ختم ڪري هڪ نئين دستور ساز پارليامنٽ جي لاءِ چونڊون ڪرائي انهن کان حلف کڻائي موجوده آئين ۾ ڪنهن نئين صوبي جوڙڻ جو آرٽيڪل آڻي . پاس ڪرائي پاڻ کي ڊزالو (ختم)ڪري وري قانون ساز پارليامنٽ جي لاءِ چونڊون ڪرائجن . ڇا پاڪستان اهڙي عمل جي سٽ سهي سگهندو ؟ يا موجوده اسيمبيليءَ جا ميمبرجيڪي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري بنا ڪمائڻ جي پنهن جي رڪنيت ختم ڪرڻ جي لاءِ راضي ٿيندا ؟ بلڪل نه ،ته پوءِ انهن رولاڪ پاڏن کي ڪو هدايت ڪري ته اهي نوان صوبا ٺاهڻ جا بي سرا رانڀاٽ بند ڪن .