هڪ اسڪول جو پرنسپل جڏهن صبح سويري پنهنجي اسڪول آيو ته ان کي اهو ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيو ته سندس اسڪول جي عمارت جي ڀتين تي ڪنهن علم دشمن وڏا وڏا غليظ نعرا لکي ڇڏيا هئا ۽ پرنسپل جي پنهنجي ذاتيات تي گهٽ وڌ لکيو ويو هو... ميٽنگ ٿي سڀ ماستر ان ۾ شريڪ ٿيا ۽ اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اهو ڪم ڪنهن جو آهي، اڪثر ماسترن جو اندازو بلڪه يقين هو ته اهو ڪم نعمان جو ئي آهي.. جنهن کي ڪيترن ڏينهن کان وٺي سندس غلط ڪمن جي ڪري سزا ۾ بيهڻو پيو هو.. پرنسپل صاحب نعمان جي والد ڏانهن پٽيوالو اُماڻيو ان پيغام سان ته توهان ۾ هڪ ضروري ڪم آهي پنهنجي پُٽ کي به وٺي اچجو. نعمان جو والد صاحب جڏهن پرنسپل جي آفيس ۾ داخل ٿيو ته پرنسپل صاحب کيس سموري ڳالهه تفصيل سان ٻڌائي. نعمان جي والد نعمان ڏانهن نهاريو. شايد هو نظرن ئي نظرن ۾ اها پَڪ وٺڻ پيو چاهي ته اهو ڪم سندس ئي آهي.. پوءِ نعمان جي والد صاحب پرنسپل صاحب جي اڳيان هٿ ٻڌيندي چيو: سائين مان پنهنجي پُٽ جي ڪيل ڪم تي ڏاڍو شرمسار آهيان ۽ مان هن وقت ئي رنگ گهرائي اسڪول جي ڀتن جو رنگ نئون ڪرايان ٿو“ ان کان بعد نعمان کي ڏسي سندس والد هڪ ڳالهه چئي: ”پُٽ جيڪڏهن سٺا ڪم ڪري منهنجو ڳاٽ اوچو نه ٿو ڪري سگهين ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙا خراب ڪم ڪري منهنجي ڪنڌ کي جهڪاءِ ته نه“ اهو چئي نعمان جو والد اتان هليو پر پرنسپل ڏٺو ته جواني جي عمر کي رسندڙ نعمان پنهنجو منهن پنهنجي هٿن سان لڪائي ڇڏيو... پرنسپل کي حيرت ٿي ته ايترو ضدي ۽ ڏنگو نعمان جيڪو پنهنجي حرڪتن تي مار سان به ناهي مڙندو ۽ ڪن لاٽار ڪندو آهي ان اڄ پنهنجو منهن ايئن لڪايو آهي.. پرنسپل کيس چيو: ”هاڻي منهن کي ايئن لڪائڻ سان ڇا ملندئي، پنهنجي والد جي عزت جو تو ڪجهه خيال نه ڪيو..“ نعمان هڪ جملو چيو: ”سائين ! بابا مون کي سوءَ مارون ڏئي ها پر اهي لفظ نه چئي ها“ اهو چئي نعمان اتان هليو ويو.. ان کان بعد پرنسپل سميت سڄي اسڪول ڏٺو ته نعمان هڪ سٺو طالبِ علم ۽ سلڇڻو شاگرد بڻجي ويو ۽ سڄو اسڪول سندس تعريف ڪندي نه ٿڪجندو هو.. مقصد: مار سان ڪجهه حاصل ناهي ٿيندو، نصيحت جو هڪ طريقو هوندو آهي جنهن کي استعمال ڪجي ته هر ڏنگو ٻار سڌري سگهي ٿو..