سنڌ ۾ بي تڪا قبائلي جهيڙا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏2 آڪٽوبر 2014۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    نهايت ئي افسوس سان چوڻُو ٿو پئي ته هڪ صوفي لاڪوفي شخص منهنجو ننڍپڻ جو دوست ڀاءُ جنهن کي به قبائلي جهڳڙن جي ڀينٽ چاڙهيو ويو خبر موجب شهيد جي هٿ ۾ تسبيح هئي ۽ ڪار هلائي گهر وڃي رهيو هو ....اسان جي قبائلي جهڳڙن ڪيئي سنڌ جا جوڌا پٽ کسيا آهن اهو ڪهڙو عقل ڏاهپ ،وڏائي مڙسي آ جو پنهنجن سنڌين جو پاڻ خون پيا ڪيون ۽ دنيا ۾ بدنامي جو سبب پيا بڻجون .....ڪو به هربو ،ڪو به تدارڪ ايتري تائين جو منهنجو شهيد سنڌ سائين وڏو بشير خان هن ڪڌي عمل کي ختم ڪرڻ لاءِ منٿ ميڙ قافلا قبيلن ڏانهن ٿي ويا پر اڄ شهيد جو روح اتان به هن بيڪار ڪم جي نندا ڪندو هوندو .....
    هي شخص نالي حاڪم ڀيه هڪ نهايت شريف ملنسار اهنسا جو پيڪر ڪنهن به جيوت کي نقصان نه ڏيڻ وارو صوفي بزرگ شخص هو نهايت ديانتداري سان اسڪول ۾ ٻارن کي پڙهائيندو هو ۽ ان جا پڙهيل شاگرد وڏين وڏين ڊگرين تي پڳا هن جي پڙهائڻ سان ...اڄ ان شخص کي ان وادي ئي مهراڻ جي سڳنڌ سلوڻي سرچاءَ واري ماڻهو کي شهيد ڪيو ويو آسمان ڳوڙها پيو ڳاڙي زمين جنبش ۾ پئي ڌٻي جڏهن ان تي چوري وار ڪيو ويو ...چوري ته ڇا جي زوري به هن جي سامهون ڪو بندوق کڻي اچي ها ته به هي ڪجه نه ڪڇي ها شاه جو سچو پيڪر بيتن سا جنهن جو بره ڀريل سدائين شاه جا بيت گنگنائيندو رهندو هو ۽ اڪثر دوستن کي موبائيل ميسيج جن ۾ شاه جو بيت ضرور هوندو اماڻيندو رهندو هو.....
    دنيا تان ويساه کڄي ويو آ ته ههڙا امله ماڻهو بي درد بي خفنا ٿي سسڪيو سسڪيو ساه ڏين ....افسوس صد افسوس هي واقعو ڪنڌڪوٽ ۾ پيش آيو جنهن جي ٻڌڻ کان پو اکيون رت رنيون ....
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مظفر

    مظفر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2014
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    113
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    بيلفيلڊ ، جرمنی
    انهن قبائلي جهڳڙن ته سنڌ جي سينڍ ويران ڪري ڇڏي آهي .ادا تعليم جي ڪمي آهي، اسان جي ڳوٺن جا ماڻهون رڳو ٽيڪرن ۾ خوش آهن.ڪير غلط ڪم ڪندو چوندا واھ ڙي جوان واھ پلاند ڪري آئين . صفا ڪو مڙس ماڻهون آهين .اهو نه چوندا ته ڪيترا گهر تباھ ٿي ويا.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪنهن به فرد ،ڪڙم ،قبيلي ،گروه يا قومن جي وچ ۾ جيڪي جهيڙا ٿين ٿا انهن جو ڪو نه ڪو سبب ضرور هوندو آهي . بغير سبب جي ڪڏهين به ڪو جهيڙو نه ٿيو آهي . ڪي سبب معمولي هوندا آهن ته ڪي وڏا ، ڪي جائز ته ڪي ناجائز. سنڌي جو هڪڙو پراڻو جڳ مشهور پهاڪو آهي ته جهيڙو يا جهڳڙو زن،زمين يا زر تي ٿيندو آهي . اهي ٽيئي سبب وڏا آهن . زر ۽ زمين جو لاڳاپو پيداواري وسيلن سان آهي ته زن يعني زال (عورت) جو تعلق نسل وڌائڻ سان آهي . ٻيا جيڪي به جهڳڙي جا ننڍا وڏا سبب ٿين ٿا انهن جو تعلق به انهن ٽنهي شين سان آهي . هان ڪو به فرد ، ٽولو ،گروه ،ڪڙم ،قبيلو يا ڪا به قوم جيڪڏهين ڪنهن ٻئي سان زيادتي ڪندي يا ان جو حق ماريندي ته جهڳڙو اڻٽر ٿي ويندو آهي . اهڙن جهڳڙن کي عالم ، عقلمند، انصاف پسند جيڪي به ماڻهو اثر رکندڙ هوندا آهن ،اهڙن جهڳڙن کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن .اهڙن جهڳڙن ۾ ساوا به سڪن سان سڙي ويندا آهن . پر موجوده سنڌ جا قبائلي سردا ته هٿ سان اهڙا جهيڙا جهڳڙا ڪرائين ٿا ،ته جيئن انهن جوڳ بدبوئدار نظام جاري رهي .۽ خدا جي مخلوق غلامي جو عذاب ڀوڳيندي رهي . تنهن ڪري هر با شعور ماڻهو جو اهو فرض ٿو بنجي ته اهڙن ڪڌن ڪمن کان پاسو ڪريون ۽ حق جو ساٿ ڏيون ان م پنهنجو يا پرائو نه ڏسون .
     
  4. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    سائین خرابیون متان کان ھیٹ لھندیون آھن اکٹر اسان جی قومپرست سیاست م بئی در کی صفا ھیٹ ڈیکاریو ویندو آھی ء پاٹ کی کیر جو دوتل اسان وٹ کامریڈ کی معاشری م کھڑو مقام حاصل آھی اھو سبنی کی خبر آھی ء اھو چاجی کری تیو آھی ھا کافی دوست سچائی سان کم کن تا رت ڈین تا چاھی ان جو تعلف کھڑی گروپ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    سائين چانڊيا صاحب ،سائين گجراڻي صاحب توهان جو تصور خيال بلڪل صحيح ۽ سچ تي مبني آ .....ها هي جهيڙا جهڳڙا سنڌي معاشري ۾ وڌندڙ رخ ڏانهن پيا وڃن ختم ٿيڻ جو نانءُ به نه ٿا وٺن ...انهن جو سبب منهنجي ناقص خيال ۾ جيڪو آهي اهو هن طرح آهي .
    1 غير سنڌي تسلت کي مضبوط رکڻ جنهن سان غير، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪندو رهي ڪو به هن کي چوڻ وارو نه هجي،
    2 پنهنجي ڪوڙي انا کي پروان چڙهائڻ جنهن سان ان غير سنڌي کي ته ڪجه نه ٿا چئي سگهون پر پنهنجن تي مارو ماري آ ،
    3 قومي غيرت ڪمزور ٿيندي پئي وڃي،
    4 مسلماني رويو به ڪمزور ٿي ويو آ ،
    5 ايجنسين لاءِ پنهنجو وطن ۽ سوچون گروي رکي ڇڏيون آهن،
    6 اهي ايجنسيون جيڪي هن معاشري کي ڪنٽرول ڪري هلائڻ ٿيون گهرن تن جو تضاد سنڌي وڏيري سان ۽ انهن غير سنڌين جوبه رخ انهن وڏيرن کي بدنام ڪرڻ ۽ ڪجه قدر انهن سردارن معتبرن کي پنهنجي سوچ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح بليڪ ميل ڪري سست ڪرڻ ،
    7 تعليم عام جو نه هجڻ ،
    8 اجتماعي غيرت جو فقدان گڏيل فهم جو نه هجڻ ،....جو ڪتي ٻلي رستي يا فصل جي ڀيل يا پاڻي جي واري تي ،يا گهر ۾ چوري ڪندي پڪڙجڻ جهڙا مثال آهن جيڪي هنن ڪوڙن ڪڌن هٿراڌو قبائلي جهيڙن جو سبب بڻجن ٿا...هي وڏيرا هن معاشري جو جٽادار نظام معاشرت آهن انهن جو سنڌي معاشري تي سڌو سئنون اثرآهي اهي انهن ماڻهن لاءِ ته مسئلو آهن جيڪي 1947 کان هندستان کا آيا باقي ٻيو ڪو به مسئلو نه آهن ڪم جي ڳاله اها آهي ته هي سنڌي معاشري جو اليٽ ڪلاس پيسي وارو طاقتور ڌر کي بدنام ڪرڻ لاءِ 1947 کان اڳ ۾ مثال نه ٿو ملي ۽ اسان جا چند دانشور سڏائيندڙ به انهن هندستانين جي اثر ۾ اچي هٿ راڌو ڪهاڻيون گهڙي سنڌي معاشري جي هن طاقتور ڌر جي پويان پئجي ويا تان جو اهي هندستان کان آيل ماڻهو ڪامياب ٿيڻ لڳا ۽ اسان جا سٻاجها سنڌي به انهن جي نيتن کي نه سمجهي سگهيا جو اڄ اسان جا ڪجه بي عقل ماڻهن انهن جي ايم قيو ايم ۾ شامل ٿي انهن لاءِ ڪم ڪرڻ لڳا.....پاڻ ۾ ملي سنڌ ۽ سنڌيت جو جذبو جهرندڙ جهيڻو ٿيندڙ رخ ڏانهن پيو وڃي......صرف افسوس ڪرڻ سان هي مسئلو حل نه ٿيندو هر پهلو کان هن ناسور کي سمجهي علاج ڪرڻو پوندو..۽ احساس قوميت ،احساس سنڌيت ،احساس مسلماني ،احساس انسانيت...جي اجاگر ڪرڻ سان ئي ڪجه ٿي سگهي ٿو
     
  6. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    اصل ۾ اسانجي ميرن پيرن يا وڏيرن جا اهي انداز ته ڪو نه آهن جو هو ڪُلي طور تي قوم سان گڏ بيهندا هجن...يا انهن کي سنڌ جي غريب مسڪين ماڻهن جو ڪو خيال هجي.....يا جيئن ايم ڪيو ايم پنهنجي دور ۾ اوور سيز امپلائمينٽ ڪئي ...ايئن هي يقيني طور تي ڪو نه ڪري سگھندا...ليڪن ان جو هڪ وڏو سبب جيڪو مونکي سمجه ۾ آيو آهي ته ....اسان سنڌ جي سياستدانن کي پير مير ۽ وڏيرو سمجهي لا تعلقي ڪندي نظر ايندا آهيون...نتيجي طور تي اها جاء ڪي جاهل، غير مطقي سوچ رکندڙ ماڻهون والارين ٿا.....جڏهين هڪ جاء تي جاهل ماڻهون ويهي ٿو ته اهو انهن وزيرن مشيرن کي صلاحون به ان قسم جون ڏئي ٿو....مان سمجهان ٿو ته اسانجي پڙهيل لکيل طبقي کي قوم جي اجتماعي مفادن خاطر....انهن ماڻهن سان له وچڙ رکڻ کپي...ته جيئن انهن وٽان انهن جاهلن کي ڀجائي سگھجي،،،جيڪي شاه کان وڌ شاه جا وفادار هوندي سنڌ جي مفاد کي رد ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.....جيستاائين ڪي انقلاب اڇن تيستائين انهن وڏيرن، ميرن ۽ پيرن کان ڪم سنڌ جي عطيم تر مفاد ۾ ڪم وٺڻ گھرجن....
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو