• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اخبار جنگ خلاف شڪايت

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
اڄ 2 آڪٽوبر 2014 تي ڪنهن ريفرنس جي حوالي سان، مون نيٽ تي جنگ اخبار جو پراڻو پرچو کوليو ـ 24 سيپٽمبر 2014 واري پرچي جي پهرين صفحي تي سي اين جي اسٽيشنن جي بند ٿيڻ واري خبر ۾ لکيل هو: ڪراچي اور سندھه.
مون آن لائين جنگ وارن جو پروفارمو کوليو ۽ انهيءَ تي ترت شڪايت لکي موڪليم ـ
اوهان کي گذارش آهي ته اوهان به جيڪڏهن ڪا سنڌ جي حوالي سان اهڙي شرارت ڏسو ته واسطيدار اداري يا اخبار وٽ شڪايت ضرور ڪريو، ڀلي انهيءَ جو ظاهري نتيجو نه به نڪري پر جيڪڏهن گھڻيون شڪايتون پهچنديون ته ڪير به ڪن لاٽار ڪري ڪونه سگھندو ـ اميد ته دوست منهنجي انهيءَ رٿ تي ضرور عمل ڪندا ـ
 
ڀلوڙ ڪم ڪيو توھان ادا جو شڪايت درج ڪئي.
اردو اخبار / ميڊيا جيڪا اڪثر اھڙيون اينٽي سنڌ خبرون ڏيکاري يا شايع ڪري ٿي جيڪي اڪثر اختلافات پيدا ڪرڻ جو باعث بڻجن ٿيون..
 
سائين انتهائي ضروري ڳالهه لکي اٿو. آء به پروفارما ڀريو ۽ شڪايت ڪئي آهي. جيڪي دوست پڙهن سڀني کي ََضرور لکڻ کپي.
 
Back
Top