• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

امداد محمد شاهه جي چونڊ بابت سچائي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
29 سيپٽمبر 2014 تي ڪاوش ۾ هڪ شخص سهيل ميمڻ دعوى ڪئي آهي ته 1988 جي اليڪشن جنهن ۾ پيپلز پارٽيءَ جو هڪ وڏو طوفان هو، ان ۾ به امداد محمد شاهه کان ڪو طوفاني سياستدان چونڊ کٽي ڪونه سگھيو ـ رڪارڊ کي درست ڪرڻ لاءِ سچائي ٻڌائڻ ضروري آهي ـ
ويچاري سهيل ميمڻ کي ڪالم، ڪاريَ ڪرڻ کان اڳ اهو ته ڏسڻ گھرجي ها ته سچائي ڪهڙي آهي؟ مون کي ياد آهي ته پ پ پ سيد گھراڻي سان هڪ ٺاهه ڪري پي ايس 27 تي سائين امداد محمد شاهه خلاف سڪرنڊ کان اميدار ڪونه بيهاريو هو ۽ بعد ۾ امداد محمد شاهه جي کليوکلايو پٺڀرائي ڪئي هئائين جنهن تي هن پ پ پ جا ٿورا به مڃيا هئا ـ خبر ناهي ته سهيل ميمڻ کي ڪٿان الهام آيو جو اهڙو تاثر ڏنائين ته امداد محمد شاهه پ پ پ جي اميدوار کان کٽي ويو هو؟ منهنجي ذاتي راءِ آهي ته سهيل ميمڻ کي پنهنجي ذاتي زندگي توڙي لکڻين ۾بردباري پيدا ڪرڻ گھرجي ـ
 
Back
Top