رات دير ٿي چڪي هئي ، 90 عزيز آباد تي الطا..ف حسين ۽ سندس ڪابينا سڪتي مان ٻاهر نڪتا ته انهن کي سمجھ ۾ نه پيو اڄي ته ڇا ڪجي اچانڪ ايم ڪيوايم جي پنجابي مفڪر مقتول عظيم طارق ، سليم شهزاد ، عمران فاروق ،عامر خان ، آفاق احمد ۽ ٻيا ويڙهاڪ گروپ انهيء تي بضد رهيا ته اسان کي به حيدرآباد جي واقعي جو جواب ڏيڻ گھرجي الطاف حسين انهن جي انهيء عمل جي حمايت ۾ نه انهيء ڪري نه هيو جو سائين جي ايم سيد اڃان زنده هيو ، هو اڃان اڳتي نه پيو وڃڻ چاهي ۽ هو انهن ويڙهاڪ گروپن کي روڪي به نه سگھيو جڏهن ته اڃان ڪنهن تي اهو الزام به ظاهر نه ٿي سگھيو هيو ته حيدرآباد ۾ اهو واقعو ڪنهن ڪيو ، شڪ ۽ لڳل نعرن جي بنياد تي ٻه نالا صبح جو هڪ سنڌ دشمن اخبار ۾ ڇپجي ويا ، جيڪا اخبار مسلسل مني صدي سنڌين جي خلاف زهر اوڳاڇيندي ۽ سنڌين جو قتل عام ڪرائيندي رهي آهي . صبح سوير ، الفجر ، ايم ڪيو ايم جا ويڙهاڪ پنهنجي تياري مڪمل ڪري چڪا هئا انهن سنڌ جي قديم آبادين ۾ رهندڙ سنڌين جي علائقن جي چونڊ ڪئي جيڪي پنهنجي روزگار جي سلسلي ۾ ڪراچي شهر ڏانهن رخ ڪندا هئا بلڪل خاموشي ، سانت ماحول ۾ هيء بيخبر سنڌي ( اها ٻي ڳالھ ته انهن ڏينهن تائين اهي سنڌي پاڻ کي عرب نسل سمجھندا هئا ) ڪراچي شهر ۾ داخل ٿيڻ لڳا ته انهن دهشتگرد ٽولن انهن بي خبر سنڌين کي جيڪي پاڻ کي عرب نسل جو سمجھندا هئا ، انهن کي سڃاڻي ۽ سنڌي سمجھي قتل عام ڪيو تقريبن 70 کان 80 سنڌين کي انهيء پهرين آڪٽوبر تي ڪراچيء جي روڊن تي سنڌي سمجھي ايم ڪيو ايم جي دهشتگرد ٽولي قتل عام ڪيو ، جن تي ان وقت جي حڪومت ايف آء آر به داخل ڪرڻ انهيء ڪري گوار نه ڪئي جو ان وقت جي حڪومت به انهن ايم ڪيو ايم دهشتگردن جي ساٿاري هئي ، جنهن ۾ سموري ميڊيا انهن دهشتگردن سان اڄ به گڏ آهي . انهن ڏينهن ۽ انهن ايم ڪيو ايم جي ظلمن جي خلاف 1988 وارن واقعن کان اڳ ئي سنڌي قوم جو وڏي ۾ اتحاد ” سنڌ قومي اتحاد “ ” ايس اين اي ) ٺهي چڪو هيو ، جن پهريون ڀيرو عيدا لاضحي جي قربانيء جون کلون ۽ عيد گاهن جي ٻاهران ڪرورين روپين جا سنڌ مان چندا گڏ ڪيا هئا ( اها الڳ ڳالھ ته انهن پيسن کي تتر ڀتر ڪيو ويو ، انهيء پئسن مان گھر خريد ڪري ذاتي استعمال ۾ شامل ڪيو ويو ، جنهن جي مالڪيء تي اڃان پ_و هلندڙ آهي ۽ وقت جي بي رحم وهڪري ۾ سنڌ قومي اتحاد پنهنجن ئي اڳواڻن جي نا اهليء جي ڪري ختم ٿي ويو ) پهرين اآڪٽوبر 1988 جي اللفجر ............................! _______________________ رات دير ٿي چڪي هئي ، 90 عزيز آباد تي الطاف حسين ۽ سندس ڪابينا سڪتي مان ٻاهر نڪتا ته انهن کي سمجھ ۾ نه پيو اڄي ته ڇا ڪجي اچانڪ ايم ڪيوايم جي پنجابي مفڪر مقتول عظيم طارق ، سليم شهزاد ، عمران فاروق ،عامر خان ، آفاق احمد ۽ ٻيا ويڙهاڪ گروپ انهيء تي بضد رهيا ته اسان کي به حيدرآباد جي واقعي جو جواب ڏيڻ گھرجي الطاف حسين انهن جي انهيء عمل جي حمايت ۾ نه انهيء ڪري نه هيو جو سائين جي ايم سيد اڃان زنده هيو ، هو اڃان اڳتي نه پيو وڃڻ چاهي ۽ هو انهن ويڙهاڪ گروپن کي روڪي به نه سگھيو جڏهن ته اڃان ڪنهن تي اهو الزام به ظاهر نه ٿي سگھيو هيو ته حيدرآباد ۾ اهو واقعو ڪنهن ڪيو ، شڪ ۽ لڳل نعرن جي بنياد تي ٻه نالا صبح جو هڪ سنڌ دشمن اخبار ۾ ڇپجي ويا ، جيڪا اخبار مسلسل مني صدي سنڌين جي خلاف زهر اوڳاڇيندي ۽ سنڌين جو قتل عام ڪرائيندي رهي آهي . صبح سوير ، الفجر ، ايم ڪيو ايم جا ويڙهاڪ پنهنجي تياري مڪمل ڪري چڪا هئا انهن سنڌ جي قديم آبادين ۾ رهندڙ سنڌين جي علائقن جي چونڊ ڪئي جيڪي پنهنجي روزگار جي سلسلي ۾ ڪراچي شهر ڏانهن رخ ڪندا هئا بلڪل خاموشي ، سانت ماحول ۾ هيء بيخبر سنڌي ( اها ٻي ڳالھ ته انهن ڏينهن تائين اهي سنڌي پاڻ کي عرب نسل سمجھندا هئا ) ڪراچي شهر ۾ داخل ٿيڻ لڳا ته انهن دهشتگرد ٽولن انهن بي خبر سنڌين کي جيڪي پاڻ کي عرب نسل جو سمجھندا هئا ، انهن کي سڃاڻي ۽ سنڌي سمجھي قتل عام ڪيو تقريبن 70 کان 80 سنڌين کي انهيء پهرين آڪٽوبر تي ڪراچيء جي روڊن تي سنڌي سمجھي ايم ڪيو ايم جي دهشتگرد ٽولي قتل عام ڪيو ، جن تي ان وقت جي حڪومت ايف آء آر به داخل ڪرڻ انهيء ڪري گوار نه ڪئي جو ان وقت جي حڪومت به انهن ايم ڪيو ايم دهشتگردن جي ساٿاري هئي ، جنهن ۾ سموري ميڊيا انهن دهشتگردن سان اڄ به گڏ آهي . انهن ڏينهن ۽ انهن ايم ڪيو ايم جي ظلمن جي خلاف 1988 وارن واقعن کان اڳ ئي سنڌي قوم جو وڏي ۾ اتحاد ” سنڌ قومي اتحاد “ ” ايس اين اي ) ٺهي چڪو هيو ، جن پهريون ڀيرو عيدا لاضحي جي قربانيء جون کلون ۽ عيد گاهن جي ٻاهران ڪرورين روپين جا سنڌ مان چندا گڏ ڪيا هئا ( اها الڳ ڳالھ ته انهن پيسن کي تتر ڀتر ڪيو ويو ، انهيء پئسن مان گھر خريد ڪري ذاتي استعمال ۾ شامل ڪيو ويو ، جنهن جي مالڪيء تي اڃان پ_و هلندڙ آهي ۽ وقت جي بي رحم وهڪري ۾ سنڌ قومي اتحاد پنهنجن ئي اڳواڻن جي نا اهليء جي ڪري ختم ٿي ويو )