برسات ۽ بيوروڪريسيءَ هٿان ٻڏندڙ سنڌ ڊاڪٽر ايوب شيخ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏2 آڪٽوبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    پاڪستان جي ٻن اهم ترين صوبن سنڌ ۽ پنجاب ۾ برسات جي تباهين ۽ ڊينگي جي موتمار حملن جي هوندي خبرن وچ ۾ سياست آهستي آهستي پنهنجي پنهنجي اسڪور پاسي وڌي رهي آهي. هڪڙا سياست ڪري رهيا آهن، ٻيا وري سياست برداشت ڪري رهيا آهن. ملڪ جو صدر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جو سربراهه آصف علي زرداري بلاول هائوس ۾ ٻن هفتن لاءِ ڪيمپ ڪري ويٺو آهي ته جيئن بيوروڪريسي جنهن نموني ٻنهي صوبن ۾ سندس سياست کي ”ڪرش“ ڪيو آهي، تنهن خلاف ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهجي. اهي سمورا آفيسر اهي آهن جيڪي عوام ٻڏي ته به سندن چانس چڙهي جي عوام تباهه ٿئي ته به سندن نصيب نکري اچن. بس ”ڪنهن جي نالي ۾ ڪنهن جو نصيب پيو ٺهي“ پر هر وقت سنڌين جو نصيب خطري ۾ ئي رهي.

    سياسي چُرپر لاءِ آزاد ٿيل نواز شريف

    ميان نواز شريف جو ڏهن ڏينهن ۾ ٻيون ڀيرو سنڌ جو دورو ڪا عام يا ”هلي چلي“ ڳالهه ناهي پر اها سياست جي ميدان تي سندس اهم ترين پيشقدمي آهي، جنهن جو مقصد پيپلزپارٽي سان ”ٻه ٻه هٿ ڪرڻ“ آهي. سومر ڏينهن سنڌ اچڻ کان اڳ، هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته ”سرڪار کي اليڪشن وقت کان اڳ ڪرائڻ گهرجي.“ سندس ان بيان ۾ نه ”وچئين مدي وارين چونڊن“ جي ڳالهه ڪيل هئي نه وري سرڪار کي دربدر ڪرڻ جو ڪو حوالو هيو، پر سندس ان ڳالهه جو رڳو مقصد انهن سمورن ماڻهن کي متاثر ڪرڻ هيو، جيڪي ڪنهن به وقت پنهنجي ٽيبل ڪرسيءَ جو رُخ بدلائيندي دير نٿا ڪن. سنڌ ۾ اچڻ کانپوءِ، هن جو اهو اهم ترين بيان پڻ سندس حيدرآباد پريس ڪانفرنس ۾ اڱاري ڏينهن سامهون اچي ويو آهي، جنهن ۾ هن ”سياسي پارٽين مان هٿياربند گروپن جي خاتمي ۽ اهڙين پارٽين تي بندش“ جي گهر ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ان قسم جا افواهه ۽ ڳالهيون پڻ پنجاب جي شهرن لاهور ۽ گجرات ۾ گردش ڪري رهيا آهن ته نواز ليگ جون ”چوڌري برادرس“ سان اهم ڳالهيون آخري ڏاڪي تي آهن، جنهن جو بنيادي سبب پڻ اهو ”قيدي“ آهي، جيڪو وزير اعظم گيلاني جي ڪوششن باوجود آزاد ٿي گهر نه اچي سگهيو آهي ۽ ڏينهون ڏينهن سپريم ڪورٽ جي انتظامي آرڊر جي ڪري آفيسرن کي پريشان ڪرڻ جو سبب بنجندو پيو وڃي، جنهن ڪري چوڌري ڀائرن جي قيدي اولاد بدران هاڻي آفيسر پنهنجي ڪيريئر ۽ ساک بچائڻ ۾ پورا آهن. جيڪڏهن لاهور ۽ گجرات جو معاملو ڪجهه اڳتي وڌي ٿو، سپريم ڪورٽ جي امڪاني فيصلي جي روشني ۾ سياسي ڌريون هٿياربند گروپن مان ”اعلان ئي سهي“ جند ڇڏائين ٿيون ته پوءِ سياسي ماحول جي شڪل هيءَ بيهندي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جا ٻه اهم اتحادي ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي پڻ ٻڏتر جو شڪار ٿي ويندا. بلوچستان جا قومپرست ميان نواز شريف جي پاسي وڃڻ جو سوچيندا ۽ سنڌ جا قومپرست وري ساڻس ڳالهين ۾ اڳڀرا ٿيندا.

    ايم ڪيو ايم ڇا ٿي سوچي؟

    ايم ڪيو ايم سياسي ۽ سماجي طور تاريخ جي ”لاهي چاڙهي“ ۾ سفر ڪري رهي آهي. هو ڪڏهن لاٿ ۾ نظر پيا اچن ته ڪڏهن چاڙهه ۾. ڪجهه ماڻهن جو اهو جذباتي ردعمل آهي ته ”جي پ پ پ وارا سندن ساٿ نه ڏين ته هو وري ڪڏهن به چاڙهه نه ڏسندا“ جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ”ايم ڪيو ايم پنهنجي گهربل سائيز کان ٿوري مٿي ۽ اڳتي نڪرڻ جي ڪري اڄڪلهه خساري جي مارڪيٽ ۾ آهي.“ عام خيال ۽ سروي آهي ته ايم ڪيو ايم جي سربراهه مسٽر الطاف حسين جي پريس ڪانفرنس فائدي بدران اُلٽو نقصان پهچايو آهي. اهڙي طرح ڊاڪٽر مرزا جي ڏنل نقصان ۽ مسٽر الطاف حسين جي ڪيل نقصان پاڻ ۾ ملي هڪ ”وڏي نقصان“ جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. نقصانن جي ڪري هاڻي ايم ڪيو ايم جا جيڪي به ايڪشن هوندا سي يا ته نقصان ڪندا يا ان کي وڌائيندا، پر گهٽائيندا ڪونه. خساري جي اهڙي بازار ۾ جيڪو به ساڻن ڀائيواري ڪندو اهو پڻ لهسجي ويندو. ان ڪري مارڪيٽ ۾ واپارڪي سوچ ڌاري ڪهڙي مهل ڪهڙو وکر وڪرو ڪجي؟ ۽ ڪيتري ۾ وڪرو ڪجي؟ واري فن ۽ آرٽ سکڻ کانسواءِ سڀ لاٿ ۾ وڃي سگهن ٿا. انهن سمورين ڳالهين جي روشني ۾ پ پ پ لاءِ هڪ اهم ڳالهه ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين جو اهو بيان آهي، جنهن ۾ هن سندس ئي پريس ڪانفرنس ۾ اي اين پي جي سربراهه اسفند يار ولي خان مٿان لڳايل بنا ثبوت واري الزام تان هٿ کڻي معذرت جو اظهار ڪيو آهي. اي اين پي جيڪا ايم ڪيو ايم پاران ان بيان تان ”پوئتي هٽڻ“ يا هٿ کڻڻ لاءِ آتي هئي، تنهن انهيءَ ساعت سندن بيان جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. ڪجهه ڌرين جو خيال آهي ته سياسي سفارتڪاري وسيلي ايم ڪيو ايم کي ان ڳالهه لاءِ پابند بڻايو ويو هيو ته ايئن ڪرڻ سان ڳالهيون ڊيگهه وٺڻ بدران معمول پاسي سفر ڪنديون ته بهتر ٿيندو، جنهن صلاح کي بهتر سمجهندي ايم ڪيو ايم پنهنجي روايتن کان هٽي اهو اعلان ڪيو آهي. ان بيان ماپ تور ۾ ايترو ئي نقصان ڪيو آهي جيترو موصوف جي هر دلعزيز پريس ڪانفرنس ڪيو هيو. ان پريس ڪانفرنس ۾ مسٽر الطاف حسين ملڪ جي فوجي قيادت آڏو پاڻ ۽ سندس ڪارڪنن کي پيش ڪندي اهو مشهور جملو چيو هيو ته ”جيڪڏهن ايم ڪيو ايم، ايجنسيون ۽ آرمي گڏجي وڃن ته دنيا ۾ ڪوبه سپر پاور نه رهندو.“ هن پنهنجي ملڪ جي ان اهم ترين اداري سان وفا جو وچن هن طريقي سان ادا ڪيو هيو ته ”مان لکين ڪارڪن پاڪ فوج لاءِ پيش ڪريان ٿو.“

    ڊاڪٽر فاروق ستار واشنگٽن ۾

    آمريڪا جي متحده سان دوستي جي باري ۾ ملڪ جي اڪثر دانشورن جيڪي به ٽيڪاٽپڻيون پئي ڪيون آهن، تن جو لب لباب اهو هوندو آهي ته عالمي طاقتون متحدا سان گڏ آهن ۽ هنن پرڏيهه ۾ محنت ڪري پنهنجي لاءِ الاهي جڳهه والاري ورتي آهي. پر مسٽر الطاف حسين جي پريس ڪانفرنس ۽ ان ۾ هن پاران فوجي قيادت لاءِ نياپي طور ”آمريڪا مخالف“ بيان، اي اين پي کي ”آمريڪا نوازي“ جو ليبل هڻڻ جهڙيون ڳالهيون قابل هضم هجن ها ته ايم ڪيو ايم پنهنجا بيان واپس نه وٺي ها. سندن اهڙي سياسي پاليسي ۾ شفٽ يا تبديلي جو جواب ”وڪي ليڪس“ وسيلي ڏنو ويو آهي. اهو بيان يا ”وڪي ليڪس“ جا ڳجهه ڊاڪٽر فاروق ستار جا هجن يا نه، پر هن موقعي تي انهن کي ٻاهر ظاهر ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ پيش ڪرڻ سان متحده قومي موومينٽ جو تمام وڏو نقصان ٿي چُڪو آهي. اصل ۾ سياسي سفارتڪاري کان معاملا جڏهن اڳتي سفر ڪندا آهن ته شطرنج جي ميدان تي هرڪو پنهنجي بازي ۽ ڪارڊ هلائيندو آهي. مسٽر الطاف حسين پاڪستان ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا جي ”باتدبير“ تاريخي حملي جي جواب ڏيڻ لاءِ پاڻ ۽ ساٿين هٿان ٽي پريس ڪانفرنسون ڪيون، پر ٽيئي سندن گهاٽي جو سبب بڻيون. مٿان اي اين پي لاءِ بيان جي واپسي سندس بونس جا اسٽروڪ به گهٽائي ڇڏيا. هن پاڪ آرمي لاءِ ته بهتر ۽ سڌو ڳالهايو هيو پر ڪجهه ٻين عالمي پهلوانن پنهنجا ڪارڊ پڻ کيڏڻ شروع ڪيا آهن. وڪي ليڪس پاران ”12 مئي 2007ع جي ڪراچي قتلام“ ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار پاران ايم ڪيو ايم جي ملوث هجڻ جي ڳالهه وارو انڪشاف متحده جي ظاهري پاليسين تي عملي طرح سڀ کان وڏو حملو آهي. اها ڳالهه ڊاڪٽر مرزا ڪري ها ته ان جي معنيٰ ٻي هجي ها، پر اها ڊاڪٽر فاروق پاران ظاهر ٿيڻ جي ڪري ان جو اندران ئي اندران نقصان ٿيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم سان گڏ ڪير بيهي؟ وارو سوال سڀني کي ٻڏتر ۾ وجهندو آيو آهي.

    سنڌ ۽ پنجاب ۾ تباهيون

    سياسي جائزو پيش ڪندڙ ماهرن جو خيال آهي ته سياسي طور پاڪستان جون سياسي پارٽيون جولاءِ مهيني ۾ بهتر حال ۾ هيون پر آگسٽ ۾ ڪراچي ۾ قتلام، دهشگردي، برساتن ۽ سنڌ جي سڀ کان زرخيز علائقن جي مڪمل تباهين ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران ورتل نوٽيس ۽ ان جي خبرن، تبصرن، امڪاني فيصلي لاءِ تجزياتي پروپيگنڊا ۽ برسات ۽ سم نالن جي ڪري پيدا ٿيندڙ نقصانن جا رخ موڙي ڇڏيا آهن. اهي نقصان پنجاب ۾ وري موتمار ڊينگي وائرس جي نقصانن ۽ ان سان سلهاڙيل پروپيگنڊا جي ڪري ٿيا آهن. ٻنهي علائقن ۾ انسانن جو بي بها نقصان ٿيو آهي. سنڌ جون کربين رپين جون زمينون ، فصل، شهر، روڊ رستا تباهه ٿي چڪا آهن، پر هاڻي اسان جي ملڪ ۾ اها هڪ ڳالهه خاص طور سامهون آئي آهي ته پاڪستان جا صوبا ڪنهن به مصيبت سان منهن ڏيڻ لاءِ اول رواجي رويو رکن ٿا، پاڻي سر کان چڙهي وڃي ٿو ته تياري ڪن ٿا، تباهيون شروع ٿين ٿيون ته اهي آفيسر مقرر ڪن ٿا، نتيجا اچڻ بدران تباهيون پنهنجو رستو وٺن ٿيون ۽ عوام تباهين جي چئو-واٽي تي بيهي پنهنجي موت جي واري جو انتظار ڪري ٿو. سنڌ جي ابتڙ پنجاب ۾ هڪ ڳالهه آهم آهي ته جيڪي ڪم نٿا ڪن، جيڪي قانون اورانگهين ٿا اهي سزائن کان بچي نٿا سگهن. سنڌ ۾ وري سزا کان بچڻ لاءِ آفيسرن واسطي اهڙو ”ويلفيئر سسٽم“ جُڙيل آهي، جو انهن جو نه رڳو ڪو نالو نٿو وٺي پر انهن جي سار سنڀال پڻ ڪري ٿو، جنهن ڪري سنڌ ۾ جيڪي به غلطان، ڏوهه، نقصان ۽ بي حسي ظاهر ٿئي ٿي، ان جي واسطي ڪنهن کان به ڪو به جواب نٿو وٺجي. سڄي سنڌ جي آفيسر شاهي ”بندا بي ميار“ ٿي هر تباهي تي تڳيندي، جاوا ڪندي مچي مواڙ ٿيندي رهي ٿي. ان ڪري سنڌ سان جيڪي ڪجهه ٿئي ٿو، تنهن جي جزا سزا جي رڪارڊ نه هجڻ ڪري ڳالهه وڃي ٿي پوئتي پوندي.

    انسان ايشيا ۾ مري يا آفريقا ۾، انسان بهرحال انسان آهي. سنڌي ماڻهن جو ته خيال آهي ته ”چور جي ماءُ به ماءُ آهي“ پر سنڌ ۾ انسانن جي هر روز مرڻ، بي گور و ڪفن دفن ٿيڻ، لاچار ۽ بي واهو مري وڃڻ ۽ پنهنجي مائٽن اڳيان تڙپي تڙپي ساهه ڏيڻ جهڙا واقعا اسان جي شعور تي گذريل سال کان پنهنجا نقش چٽيندا پيا اچن. انهن ڏکن ۾ ان وقت وڌيڪ اضافو ٿئي ٿو، جڏهن سنڌ جي انهن ضلعن ۾ مري ويندڙ انسانن جي موت کي بنا ڪنهن اهميت جي پيش ڪيو ويندو هجي. ڪنهن بم ڌماڪن ۾ پنج ماڻهو مرن يا بدين ۾ يارنهن ماڻهو مرن، وزن ۾ اهي موت وڌيڪ نظر اچن ٿا، جيڪي سنڌي ناهن. سموري پاڪستان جي مخصوص ميڊيا کي گذارش آهي ته اهي سنڌي ماڻهن سان باقي شين وانگر سندن موت کي به جنهن نموني ٻئين درجي جو غير اهم موت ڪري پيش ڪن ٿا، اها ڪا چڱي ڳالهه ناهي، نه وري ڪا چڱا رزلٽ آڻيندي.

    اهڙي موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي ڇا ڪري؟ يا ڇا ڪندي؟ وارا ٻه اهم سوال اسان جي جائزي ۾ سامهون اچن ٿا. پاڪستان جي ويجهي ماضي ۾ سياست کي زلزلي وانگر لوڏائيندڙ ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا جي سموري ”شعله بياني“ جا جيڪي به فائدا ۽ نقصان ٿيا آهن، يا ٿيا هوندا، اها خبر ”کاڌن“ کي ئي هوندي، پر هڪ اهم ڳالهه ضرور ٿي آهي ته هو سڀني جي زبان بنجي ميڊيا کان ويندي عدالتي ايوانن تائين سڀ جو سڀ نالي ۽ بنا نالي سندس وزن هيٺ رهيا هئا. چون ٿا ته ”هاڻي گهڻو ٿيو“ واري جملي جي ڪري هو ۽ سندس شعله بياني پوکيل فصل جي ڪمائي کائيندا ۽ ڪجهه وقت آواز جي شعلي کي جهيڻو رکندا. پ پ پ سنڌ ۾ اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم جي تلخي گهٽجڻ کانپوءِ ڪوشش ڪندي ته متحده جا وزير سندن ڪابينا جو کلم کلا حصو بنجن ۽ ظاهر ٿي ڪم ڪن. ايئن ٿيڻ سان پ پ پ کي نواز ليگ جي جنهن سياسي چڙهائي جو خطرو آهي، سو پڻ ختم ٿي سگهي ٿو ۽ اي اين پي ۽ متحده جهڙا ٻه اتحادي ساڻس گڏ رهي سگهندا. ان ٿيڻ سان چوڌري برادرس جي جيڪا به امڪاني ”هيٺ مٿاهين“ هوندي سا فوري طور ڪارگر ثابت ٿي نه سگهندي. هن موقعي تي پ پ پ لاءِ آخري موقعو آهي ته ٻن هفتن ۾ سنڌ جي ٻن ڪروڙ ماڻهن جون حياتيون وهه ڪندڙ سم جو پاڻي جلدي نيڪال ڪرائين. ان لاءِ هو وڏيرن، آفيسرن، نااهل سرڪاري مشينري، لالچي بيوروڪريسي تي ڀروسو ڪرڻ بدران هر ڳالهه کي پاڻ مانيٽر ڪن. جيڪا سرڪار هڪ سال اڳ ٻوڏ جي مد ۾ پنج ارب رپيا امداد ورهائڻ جي اهليت به نٿي رکي ته اها سنڌ جو کربين رپيا نقصان ڪرڻ ۾ ڪهڙي دير ڪندي؟ صدر آصف علي زرداري ته ٻه هفتا پنهنجي اکين سان سڀ ڪجهه مانيٽر ڪري وري سڄي ملڪ ۽ دنيا جي مامرن ۾ مصروف ٿي ويندو، انهن ٻن هفتن کانپوءِ سنڌ ۾ ڪرپٽ بيوروڪريسي ۽ ان جي هم نوا اتحادي جيڪا تباهي ڪندا، اهڙي تباهي ته هن ٻوڏ ۽ برسات به نه آندي هئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو