• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

” رئيس “، ذات آهي يا لقب؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟

” رئيس “، ذات آهي يا لقب
جيڪڏهن لقب آهي ته اهيو ” لقب “ نوازڻ وارو ڪير هوندو آهي يا
يا ماڻهون پاڻ کي پاڻ ئي ” رئيس “ لکندو ۽ پڙهندو آهي
 
ادا رئيس لفظ ھڪ ته ڳوٺ جي وڏيرن، چڱمڙسن لاءَِ اسان جي سنڌي سماج جي ماڻھن پاران استعمال ڪيو وڃي ٿو. اسان جي اڪثر ڳوٺن ۾ اھو به ڏٺو ويو آھي ته جيڪڏھن ڪير ٿوري گھڻي پھچ وارو به ٿئي ٿو ان کي به رئيس جي لقب سان نوازيو وڃي ٿو. رئيس لفظ ھڪ چڱي سٺي معاني رکي ٿو پيو اچي پر وقت جي الٽ پلٽ سان ،ماڻھن جي نئين جديد سوچ ھئڻ ۽ ماڻھن جو انھي دفيانوسي سماج جي مخالفت ۽ ٿورو گھڻو تعليم يافته ٿيڻ ساڻ ئي انھي لفظ جي معاني ۾ به ھڪ وڏو انتر اچي ويو آھي. اڄڪلھ رئيس انھي کي ڪوٺيو پيو وڃي جيڪي حرام کائي، ٻين جو حق پاڻ کائي پيٽ ڀري ۽ ٻيا به کوڙ سارا اھڙا ڪم ڪري ۽ عوام پاڻ کي ان معتبر جي معتاج سمجھي. باقي لفظ ھڪڙو معانائون انيڪ آھن ادا. اھو ھڪ لقب به آھي.
باقي اڄڪلھ ته انھي لفظ جي چڱي خاشي بيعزتي ڪئي وئي آھي.
 
اهو لفظ جاگيرداري يا نوابي سسٽم کي هلائڻ واري هڪ عملدار کي مليل هوندو آهي . مختلف سردارين يا نوابي نظامن ۾ ان جي معنى ۽ مطلب کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ مختلف لفظ استعمال ٿين ٿا . مثال طور تي رئيس ، وڏيرو ،سرائي ۽ مير وغيره . ان لفظ جي وڌيڪ وضاحت جي لاءِ چانڊڪي سرداري واري سسٽم ڏانهن رجوع ٿو ڪريان .
چانڊڪو نظام هڪ کٽولي وانگر آهي ،ان کٽ تي جيڪو ويهندو هو ان نواب سڏيو وڃي ٿو ان کتولي جا جيڪي چار پاوا آهن ،انهن کي رئيسن جو لقب مليل آهي . هر هڪ رئيس جي هيٺان وري سڄي راڄ جا مکيه برادريون يا پاڙا هوندا آهن . انهن پاڙن جي وڏڙن يا نگرانن کي ننڍا رئيس چئبو آهي . هر برادريءَ جو فيصلو ننڍو رئيس ،راڄ جو فيصلو يا انتظام وڏو رئيس ۽ راڄن جي وچ۾ فيصلو سردار يا نواب ڪندو آهي . نوابن جا حڪم اهڙن رئيسن جي وسيلي سموري راڄن جي ماڻهن تائين پهچندا آهن . اهڙن رئيسن جي گذر سفر لاءِ سڄو راڄ ملي ڪري ان جون زمينون آباد ڪري تيار فصل آڻي ان حوالي ڪندا آهن يا ماهانه ۽ ساليانه مالي مدد ڪندا آهن . ان جي حڪم يا فيصلي کي وڏي اهميت ڏيندا آهن .
 
Back
Top