ايوب کوسو ڪري ٿي جو ھو حجاب تڪڙا : ايوب کوسو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ راجا راجيندر طرفان آندل موضوعَ ‏2 آڪٽوبر 2014۔

  1. راجا راجيندر

    راجا راجيندر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جولائي 2014
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    134
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڳوٺ ملڪاڻي شريف، موجوده حيدرآباد
    ڪري ٿي جو ھو حجاب تڪڙا،
    ڊُڪيو اچن ٿا عذاب تڪڙا¡
    اکين جون ڪھڙيون ڪٿائون پڙھجن؟
    وجھن ٿا چھرا نقاب تڪڙا¡
    ڪبوترن تي نگاھون رکجو،
    اُڏن پيا ڏاڍا عقاب تڪڙا¡
    ڳڻڻ کان ٻاھر مليا جنازا،
    ٽڙيا نه پوء گلاب تڪڙا¡
    لٽي ٿي ڇڏي مٽي اُگھاڙي،
    نٿا وڪامن ڪتاب تڪڙا¡
    ھوا ۾ آھن سوال ڦاٿل،
    اُماڻيو جاني جواب تڪڙا¡
    سنڌُو انھي لئه بي آب آھي،
    وھن پيا راوي چناب تڪڙا¡
    زنجير پنھنجا ائين نه ٽٽندا،
    اچو ڪريون ڪي حساب تڪڙا¡
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو