تو جو ڏِيَو ڀَانئيَو، سَا سُورجَ سَهَائي اَنڌَنِ اُوندَاهِي، جَي رات وِهَامي ڏِينهُن ٿيَو سُرُ رَامُڪَلي ڏِيَو = ڏيئو ڀانئيو = سمجهيئي سَهَائي = تجلو، چمڪاٽ، روشني، نُورُ، بجلي وهَامي = گذري، ختم ٿي بيت جو منظر جنهَن کي تون ڏيئو سمجهيو آهي، سا دراصل سج جي روشني آهي.باقي انڌن لاءِ ته جهڙي رات تهڙو ڏينهن، ڇو ته جڏهن هو رات گذاري ڏينهن ٿا ڪن ته پوءِ به اونداهي ئي سندن آجيان ٿي ڪري. سمجهاڻي رات جي گُهگهه اونداهيءَ ۾ ڏيئي جي روشني به اکين وارن لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي هوندي. جيڪي اکين کان انڌا آهن تن لاءِ ته ڏينهن به راتجهڙو آهي. ڀٽائي هن علامتي بيت ۾ روشنيءَ جو ذڪر ڪيو آهي اها روشني جيڪا زندگي آهي، جيئاپو آهي، سچائي آهي، منزل آهي ۽ انقلاب آهي. روشني جنهن سان شين کي سڃاڻي سگهجي ٿو.ٻئي پاسي ڀٽائيءَ انهن انڌن جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي اکين هوندي به انڌا آهن. ڀٽائي هن گندي سماج ۾ ڪوڙ، منافقي، ويساهه گهاتي، وڪامجي وڃڻ، پنهنجي ننگن ۽ دنگن کان لاپرواهي ڪرڻ ۽ ڌرتي ماءُ جي وسيلن جي مالڪي نه ڪرڻ وارن کي انڌو ٿو سڏي. اهي ماڻهون جيڪي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏين ٿا، جيجل ماءُ جي ننگن ۽ دنگن جا محافظ آهن. جيڪي هر ظلم، جبر ۽ ڏاڍ جي خلاف مڙس ماڻهون ٿي مقابلو ڪن ٿا انهن کي ئي ڀٽائي ڏيئي جي روشني نه پر چمڪندڙ سج سڏيو آهي. _____ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
سائين مظفر منگي صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب ٻنهي جي هن ڪم مان ايڏو متاثر آهيان جنهن لا ڪو لفظ نه آهن مان هنن کي ارپيان