توهان جا فوٽو، ڊاڪومينٽس، ميوزڪ ۽ ٻين قسمن جون فائيلز موبائيل فون کان ٽيبليٽ يا ڪمپيوٽر تي منتقل ڪرڻ ان ڪري آسان ناهن ته هر ڊوائيس جو آپريٽنگ سسٽم مختلف هوندو آهي.. ان ڪري ڪو اسٽينڊرڊ طريقو موجود ناهي جنهن سان پنهنجيون فائيلز هڪ ڊيوائيس کان ٻئي تي آساني سان منتقل ڪري سگهجن..
هوئن ته اينڊروائيڊ ۽ آئي فون سان ڪمپيوٽر ۾ فائيلز منتقل ڪرڻ ۽ وري پي سي مان فون تي فائيلز موڪلڻ لاءِ ڪيتريون ئي ايپليڪيشنز موجود آهن پر اسان جي ڳولا وري به ڪنهن آسانيءَ واري حل جي هوندي آهي..
ان سلسلي ۾ هڪ ايپليڪيشن ”سينڊ ايني ويئر (Send anywhere)“ پڻ موجود آهي..
هن ايپليڪيشن جي ڪم ڪرڻ جو طريقو بلڪل مختلف آهي.. ٻين ايپليڪيشنس وانگر هن ۾ ڪنهن قسم جو ڪو کاتو ٺاهڻ جي ضرورت ناهي پوندي نه وري ٻنهي ڊيوائيسز کي ڪمپيوٽر سان ڳنڍڻو پوندو آهي.. ۽ نه ئي وري ٻنهي ڊيوائيسز جو وائرليس نيٽ ورڪ تي هجڻ ضروري هوندو آهي..
هي ايپليڪيشن ونڊوز لاءِ به موجود آهي ۽ ڪروم برائوزر لاءِ پڻ .. ۽ جيڪڏهن توهان هن کي انسٽال ڪرڻ چاهيو ته ان کي آن لائين پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو.. بس هن جي ويب سائيٽ تي وڃي جيڪا فائيل چاهيو پنهنجي دوستن ڏانهن موڪليو.. يعني جيڪڏهن توهان چاهيو ته ڪمپيوٽر مان به ڪا فائيل ڪنهن اينڊروائيڊ يا آئي فون تي موڪلي سگهجي ٿي..
ونڊوز، فون ڊيوائيسز ۽ ڪروم برائوزر ۾ هن ايپليڪيشن کي انسٽال ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي جڏهن ته آن لائين سڌو سئون پڻ هن کي استعمال ڪري سگهجي ٿو.. بس ان لاءِ رڳو اهو چونڊيو ته توهان کي ڪهڙي قسم جي فائيل جهڙوڪ تصوير، آڊيو يا وڊيو وغيره شيئر ڪرڻي آهي..
مثال طور توهان تصوير شيئر ڪري رهيا آهيوته تصوير چونڊي Send بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.. هي ايپليڪيشن هڪ QRڪوڊ ۽ هڪ PIN ٖٺاهي وٺندي.. هاڻي جنهن ڊيوائيس تي هي فائيل موڪلڻي آهي ان تي هن ايپليڪيشن کي کولي Receive جو آپشن استعمال ڪندي PINڪوڊ ٽائيپ ڪريو.. ته شيئر ڪيل سموريون فائيلز ڊائونلوڊ ٿيڻ شروع ٿي وينديون..
موڪليل فائيل آن لائين ايپليڪيشن جي ويب سائيٽ تان وصول ڪئي ويندي.. بس توهان وٽ رڳو موڪليل فائيل جو PINڪوڊ هجڻ گهرجي..
ته پوءِ هن ايپليڪيشن کي آزمائڻ لاءِ سندن ويب سائيٽ جو ڦيرو ڀريو..