30 سيپٽمبر 1988 حيدرآباد واري واقعي جي الزام ۾ سوين سنڌي نوجوانن کي گرفتار ڪيو ويو ، ڪيترن ئي معصومن کي تشدد ڪري انهن کان 164 ڪرائي وئي ۽ ڪيترن ئي نوجوانن قومي ڪارڪنن کي قيد ، تشدد ڪري ، انهن مٿان حيدرآباد جي 150 قتلن جون 8 ٿاڻن جون 68 ايف آء آر داخل ڪيون ويون ۽ 400 شاهدن مان 200 شاهدن جو شاهديون رڪارڊ ڪيون ويون ۽ اهو ڪيس ڪراچي جيل ۾ دهشتگرد ٽوڙ عدالتن ۾ ڪيس هللندا رهيا ۽ آخر ڪار بغير ثبوتن ، شاهدين جي 12 سالن کان پوء اهو ڪيس ختم ڪري نامزد ڪيل ڪارڪنن کي ڪورٽ سڳوريء باعزت آزاد ڪري ڇڏيو باقي 1_ آڪٽوبر 1988 ڪرااچيء ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن جي طرفان شهيد ڪيل 90 پر امن ، بي ڏوهي سنڌين جي شهادتن جا ڪيس ، ان وقت جي حڪومت انهيء ڪري داخل نه ڪيا جو سنڌ پاڪستان جو قانون ۽ حڪمران اهو چئي انهيء سنڌين جي خونن جي ايف آء آر کي داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته اهي شهيد ٿيل سنڌي ، حيدرآباد جي واقعي جو ري ايلڪشن هيو . ڇا ! دنيا ۾ ايئن ٿيندو آهي ؟