هر هڪ پنهنجي ذات ۾ گم آ، آس پاس جو فڪر نہ آ. هر شخص بکايل آ، ڪو اقتدار جو مطلوب تہ ڪو شهرت جو بکيو، ڪو دولت جو پوڄاري تہ ڪو پيت جو بکيو، ڪو دارو جي بوتل عيوض سب ڪجھہ قربان ڪرڻ لاءِ آتو آ، تہ ڪو طاقت جو بکيو. تهذيب اخلاقيات جا پيمانا حدون اورانگي وقت جي ناقدري جو رڙيون ڪري گلا ڪري رهيا آهن، اسان زوال جي آخري حدن جي بہ آخري حد تي پهچي چڪا آهيون، انصاف ڏيڻ وارا ادارا پاڻ انصاف لاءِ واجھائي رهيا آهن. آخر ڪيستائين اقتدار ۽ وڏين عمارتن جا بکيا هر دور ۾ تهذيب، اخلاقيات جي بي حرمتي ڪندا رهندا, چند ڪوڙن سڪن عيوض پهنجي عوام جي مستقبل، ايندڙ نسل جو سودو ڪندا رهندا، ڪيستائين آخر ڪيستائين!!??