سماج شخصيت پرستيء جي زهر

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏2 آڪٽوبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    منهنجي هيء ڳاله گھڻن دوستن کي شايد نه وڻي، ڇو ته اسان جو سماج شخصيت پرستيء جي زهر ۾ ٻڏل آهي.
    ڪو به ماڻهو %100 نه سٺو هوندو آهي ۽ نه خراب هوندو آهي، سنڌ جي سياسي ۽ قومي اڳواڻن کان غلطيون به ٿيون آهين ته انهن جا ڪيترا سٺا پاسا به آهين.
    سنڌ جي جيڪڏهن قومي تحريڪ کي مضبوط ڏسڻ چاهيو ٿا ته ماضي ۽ حال جي قومي ۽ سياسي اڳواڻن جون چڱايون عوام کي ٻڌايون ۽ انهن جي غلطين جو پنهنجي سرڪلز اندر ڇنڊ ڇاڻ ڪري اڳتي وڌون. سنڌ جي واسطي ڪنهن کي شخصيت پرستيء واري انداز ۾ پوڄا نه ڪريو. اچو ته سنڌ جي قومي اڳواڻن ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، سائين جي ايم سيد، محترم رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، عبدالواحد آريسر، شهيد ذوالفقار ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، شهيد مرتضي ڀٽو، شهيد فاضل راهو، شهيد نظير عباسي، شهيد بشيرخان قريشي سميت سنڌ جي هزارين شهيد اڳواڻن جي چڱاين کي اون ڪيون ۽ انهن جي ڪيل غلطين جي سياسي، جمهوري ۽ سائنسي بنيادن تي ڇنڊ ڇاڻ ڪري پنهنجي قوم کي اڳتي وڌڻ جا گس ڏسيون
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو