• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بيوس

bewas ali hassan

سينيئر رڪن
کوڙ وٽي وئين ووٽ ڀتار
هاڻي ٿي هڻ تون تيار

جاگيا سنڌ جا جوان ٿي جاڳيا
تون آن چور اٿيا ٿي ڀاڳيا
رهيا نه ٿي هاڻي ڏينهن ساڳيا
کوڙ ڪيو ڪئو ٿي اسان کي خوار

ڪون ڇڏئي کيسي ۾ ڀاڙو
ڏينهن ڏٺي جو هڻائين ڌاڙو
ڏائڻ ڇڏي ٿي اوڙو پاڙو
آندئي هٿ سان تون بمبار

ڏاڍا سنڌي آهن اڻاگا
وهائڻا پوندئي هاڻي ٽانگا
نت ڀڄي ونڃ هاڻي نانگا
اچي ويندئي ڪو بخار

بيوس چڍڙ سر به ويندو
ڪاوڙ ۾ ڪو وڏيرو ايندو
چپ جو زهر توکي ڏيندو
ٺاهي ڇڏيندا تنهنجو اچار
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ڪون ڇڏئي کيسي ۾ ڀاڙو
ڏينهن ڏٺي جو هڻائين ڌاڙو
هي سٽون اسان جي ضلعي جي ناموَر سياستدان ۽ سابقه وزير محترمه شازيه مري تي بلڪل فِٽ بيهن ٿيون، جو ٽنڊوآدم جي صحافي آچر خاصخيلي ۽ سنڌ ٽي.وي جي صحافي تصوير سُنديلو کان سندس ئي بنگلي کان نڪرندي ڦُر ٿي . ڦورو پئسا ته کڻي ويا پر ڪئمرا کي ڪونه ڇڏيائون. :(
جاگيا سنڌ جا جوان ٿي جاگيا
تون آن چور اٿيا ٿي ڀاگيا
رهيا نه ٿي هاڻي ڏينهن ساگيا
ادا شعر جي سٽن ۾ هيٺيون ”ڳ“ کي توهان ”گ“ ڪري لکيو آ. ان کي دُرست ڪري ڇڏيو. :)
1: جاڳيا
2: جاڳيا
3: ڀاڳيا
4: ساڳيا.
 
هي سٽون اسان جي ضلعي جي ناموَر سياستدان ۽ سابقه وزير محترمه شازيه مري تي بلڪل فِٽ بيهن ٿيون، جو ٽنڊوآدم جي صحافي آچر خاصخيلي ۽ سنڌ ٽي.وي جي صحافي تصوير سُنديلو کان سندس ئي بنگلي کان نڪرندي ڦُر ٿي . ڦورو پئسا ته کڻي ويا پر ڪئمرا کي ڪونه ڇڏيائون. :(

ادا شعر جي سٽن ۾ هيٺيون ”ڳ“ کي توهان ”گ“ ڪري لکيو آ. ان کي دُرست ڪري ڇڏيو. :)
1: جاڳيا
2: جاڳيا
3: ڀاڳيا
4: ساڳيا.
مهرباني ادا
 
Back
Top