اَکڙيُون اَوڙاهَه ۾، اُڀُو تَڪَي تَار پٿُون جَي پَاتَار، هَنجُ تَنين جَو هَيرَئَون سُرُ ڪَارَايَلُ اَوڙَاهَه = اونهون سمنڊ، عميق، ساگر تَڪَي = جاچي، گُهوري، ڳولي، تلاش ڪري تَار = تار پاڻي، ڀريل پٿُون = موتي، املهه ماڻڪ پَاتَار = پاتال، تري ۾ هَيرَئَون = هيراڪ، هريل بيت جو پس منظر هنج پکي سدائين اونهي ۽ گهَرَي سمنڊ ۾ اکيون اٽڪائي پيو گهوريندو، ڳوليندوآهي. سمنڊ جي تري مان ملندڙ موتين جو هيراڪجو آهي. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جو هي بيت بظاهر ۽ علامتي انداز ۾ ته هنج پکيءَ متعلق لکيل آهي. جيڪو سدائين انتهائي گَهَرَي سمنڊ مان موتي ڳولي کڻي ٿو اچي جيڪا سندس خوراڪ به آهي. پر ڇا ڀٽائي اسان کي صرف اها ڳالهه ٻڌائڻ ٿو چاهي ته هنج پکي سمنڊ مان موتي ڳولهي کائيندو آهي؟ ۽ بس..!! ته پوءِ اها ڳالهه ته هڪ عام ڳالهه ٿي. پر ڀٽائيءَ جي عظمت ته ان ۾ آهي ته هو هڪ عام پکيءَ جو مثال ڏئي اسان کي درس ٿو ڏئي ته جڏهن هنج پکي هيڏو وڏو ڪارنامو ڪري سگهي ٿو ته هن ڌرتيءَ جا ڌڻي ۽ ساڃاهه وند هن ڌرتيءَ جي وسيلن حاصل ڪرڻ لاءِ آخر ڪڏهن اٿندا..!!؟ سنڌي سمنڊ (عربي سمنڊ)، سنڌو درياهه، ٻيلا، زمينون، فصل، تيل، گيس ڪوئلو ۽ سنڌ جي وحدت ڇا موتين، املهه ماڻڪن ۽ هيرن جواهرن کان وڌيڪ قيمتي ناهي ڇا..!!؟اسان سنڌ جا پنج ڪروڙ سنڌي ڪڏهن هن ڌرتيءَ جا ڌڻي، وارث ۽ مالڪ ٿينداسين ...!! ؟؟؟ ____ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل