مان باريڪ بينيءَ سان ته اوهان کي ٻڌائي نه ٿو سگهان ،پر ٿلهي ليکي سمجهائن جي ڪوشش ڪريان ٿو . ته ڪنهن به فرد يا انسان جي جيڪا جملي آمدني هوندي آهي . ان آمدنِيءَ تي حڪومت پاران ٽيڪس لڳندي آهي ،جيڪا هر سال بجٽ وقت ماڻهن کي ٻڌائي به ويندي آهي ۽ ان جو اگه (ريٽ) به مقرر ڪيو ويندو آهي .جيڪڏهين اڪيلو ڪمائڻ وارو آهي ته اها آمدني ڳڻي ويندي ،پر جيڪڏهين ان سان گهر جو ڪو ٻيو ڀاتي به ڪمائي ٿو ته انهن ٻنهيءَ جي يا سڀني جي ڪمائيءَ کي گڏيو ويندو .هر سال حڪومت هڪ حد تائين رقم مقرر ڪندي آهي جنهن تي ٽيڪس لاڳو ناهي هوندي ،ان کان علاوه گهر ،دڪان ۽ انهن سمورن ذريعن تي ايندڙ خرچ، مثال طور ٻارن جي پڙهائي ، يوٽلتي بل زمين جي حالت ۾ ٻج ڀاڻ وغيره .اهو سمورو خرچ به جملي آمدنيءَ مان ڪٽ ڪري ،باقي جيڪا رقم بچي ٿي ان تي اسٽيب ِيا سليب وار ٽيڪس لاڳو ٿيندي آهي . جيڪڏهين سموري گهر جي خرڄ ۽ معافي مليل رقم جي جوڙ کان آمدني گهٽجي ٿي يا برابر ٿئي ته پوءِ ڪا به ٽيڪس ادا ناهي ڪرڻي ،پر آمدنيءَ جا گوشوارا جمع ڪرائنا هوندا آهن ،صرف انهن ماڻهن کي جن جي آمدني معافي مليل رقم کان وڌيڪ هوندي آهي . ۽ گهٽ رقم وارن کي گوشوارو به جمع ناهي ڪرائڻو .