مامن پاران قربان ڪيل لاڙي ڍڳي جي منڍي پنهنجي ڪلهي تان لاهي ايئن اڇلايائين، ڄڻ ته پڻس سميت سڄي خاندان جو بار اچي هن اڪيلي نينگر تي ڪريو هجي. ”هي وٺ، ابا،“ راڻي رت هاڻا هٿ ڇنڊيندي پيءُ کي چيو،”هاڻ ٺاهين توڙي اڇلائي ڇڏين، پنهنجي موڪلاڻي آ.“ منڍي جڏهن ڌرتيءَ تي ڪري ته رت جا ڇنڊا وڍيل نڙگهٽ مان اُڏامي آس پاس پڌر تي ڦهلجي ويا. سامهون ڪلي سان ٻڌل گابي ڇرڪ ڀري منڍيءَ ڏانهن ڏٺو ۽ ڊپ وچان ڦونگارون ڏيڻ لڳي. ”اڙي ٿـُڪ ٿئي، ڇورا. ٻي ڪا جاءِ ڪونه لڌ”، جو اچي جانور اڳيان اڇلايئي؟“ پڻس به هاڻ ڪر کنيو. جي راڻو منڍيءَ کي بي درديءَ سان هيٺ نه اڇلي ها ته شايد احمد ايئن ئي کٽ تي ڍريو پيو هجي ها. ”چڱائي ڇٽي، ابا،“ راڻي پاڻيءَ واري نلڪي ڏانهن رخ رکندي رستي تان ئي سامهون ٿيندي چيو،ءِ اُلٽو ڪنڌ ۾ رسو. ڪراڙو ٿي ويو آهين، پر پراڻي پر نه ٿو ڇڏين!“ ”اڙي، اِها ڇڏيان ها ته ماڻهين پاڙو ٻهاري کارايئي ها ڇا! اهو نادُ ئي اٿئي جنهن جو کٽيو پيو کائين.“ ”ڇڏ، ابا، هاڻ ڇا ٿو آڻين!“ راڻي رت هاڻا هٿ نلڪي جي ٽينگار هيٺيان جهليندي، پري کان ئي وراڻيندي چيو،ءِ هاڻ ته تو واري اها توتاري گهوڙيءَ جا چڻا به نه ٿي آڻي -- ۽ اِهي تو واريون مڇون، ڏهه سيري ڌڙي به نه ٿيون کڻي سگهن. اِهي به ڇانگائي ڇڏ ته چڱي ڳالهه ٿئي!“ ”ڇورا تنهنجي ته .....!!“ پڻس پادر ۾ هٿ وڌو ته راڻو نلڪو ڇڏي بيگم مـُـلياڻي واري باغ ڏانهن لڪڙ تار ٿي ويو. احمد، جنهن کي ڳوٺ وارا پـِنڊو سڏيندا هئا، ٿورو ٿورو ڪـُـٻو ٿي ويو هو. هو هلندو هو ته ڪنڌ جو لـَـهـُـه هيٺ زمين ڏانهن جهـُـڪي ويندو هوس. سدائين نـِـوڙَت ۾ هوندو هو. راڻو، جيتوڻيڪ سندس بي عزتي ڪري ڀڄي ويو هو، پر پـُـٽٌ جي ان انداز، گهڻو ڪجهه ياد ڏياري ڇڏيس. سوچي پنهنجي منهن چيائين، ”چئي ته سچ ٿو. ناد هاڻي آڻي به ڇا ٿو. ٽريڪٽر ڍڳي جو بڻ بڻياد ئي رولي ڇڏيو آهي. ناد ڇا ڪمائي؟ رڍن ۽ ڍڳين جا پير ته ڇلجڻ کان رهيا!“ پر پنڊي جي دل وڏي هـُـئي. هــُـو هر سال هڪ نئون ناد ٺاهيندو هو ۽ ڳوٺ ڳوٺ وڃي ناد منجهان ڪوڪون ڪڍرائيندو هو. پوءِ ڳوٺان ننڍا وڏا، آواز ٻڌي، هڪٻئي کي چوندا هـُـئا: ”ادا، پنڊو آيو اٿئو!“ ان تي ننڍڙا ٻارڙا ڊڪندا ڊوڙندا، رانديون وچ ۾ ڇڏيندا، ڳوٺن جون گهٽيون ٽپندا، ان منفرد آواز پٺيان ڪاهيندا ويندا هئا. ”آيو ناد وارو! آيو ناد وارو!“ ٻارڙا ڪڪرن جيئن اڏامندا ترندا ويندا هـُـئا. سندن دلچسپي احمد جي ڪم سان نه هوندي هــُـئي، هو ته بس ڍڳي جي سڱن مان ٺهيل اِن عجيب ايجاد مان نڪرندڙ آواز جي گونج ڏانهن ڇڪبا ويندا هئا، ۽ وڃي احمد اڳيان مـُـچڪو ٺاهي بيهي رهندا هـُـئا. سندن اتاوليون اکيون احمد جي ڳچيءَ ۾ ڪستي جيئن لٽڪيل ناد ۾ کپيل هونديون هيون، جنهن جو هڪ ڇيڙو ويڪرو ۽ ٻيو سوڙهو هوندو هو. هو اِن اوزار جي چقمقي آواز ڏانهن ڇڪجي ڇو ايندا هئا، تنهن جي ڄاڻ نه احمد کي هئي، نه وري ٻارڙن کي. پر هو منجهن مقبول ايئن هوندو هو، جيئن ڪو هوڪي وارو. احمد جون مـُـڇون به ٻارڙن جي دلچسپيءَ جو مرڪز هونديون هيون. هو ڏاڙهي ڪوڙيندو هو، پر مـُـڇون ايڏيون ته وڏيون رکيون هيائين، جو سدائين هرک جهڙي اڇي ڦينڊي اندر ويڙهي لڪائي هلندو هو. جڏهن کولي هيٺ ڇڏي ڏيندو هو ته ساڄي کاٻي پيا نانگ بل کائيندا هئا، ۽ ٻار پاڻ ۾ ڳالهائي پيا کلندا هئا. پوءِ احمد ويهندو هو ڪنهن وڻ جي هيٺيان، يا اوطاق ۾ يا اسڪول جي آڳر تي. هـُـن جي گهوڙي پـَـئي آس پاس ڊڀ چرندي هـُـئي، ۽ هيءُ ٻارڙن کي ريجهائڻ ۾ مصروف هوندو هو. ”اڙي، ڇورا، ڌڙي ته کڻي اچو!“ ڇوڪرن جي ولرڙي ۾ جي ڪو مڇن جي سانول وارو نظر ايندو هوس ته ان کي هلڪڙي تڙي ڏيندي چوندو هو. ڇوڪرن جي ڌڻ مان ٻه ٽي نکڙي ڌڙي کڻي ايندا هـُـئا. جيسيتائين ڪو ڍڳو ڍور اچي، تيسيتائين هي پيو ڪرتب ڏيکاريندو هو. مڇون ڌڙيءَ جي هٿيي مان ٽپائي، ڏيندو هو ڳنڍ، پوءِ گوڏن تي هٿ ڏيئي ڌڙيءَ کي آهستي آهستي مٿي کڻڻ لڳندو هو. ٿورڙي ئي دير ۾ ڌڙي سندس دُن وٽ پئي لٽڪندي هـُـئي. پوءِ ڇوڪرن کي دٻائيندي عجيب فــُـنڪي ۾ ايندي چوندو هو: ءِ کڄيوَ ڌڙي ڪونه ٿي، چئو ٿا آڀون کائون.....!“ سڄي ميلي مـُـچڪي ۾ ٽهڪ گونجي ويندا هـُـئا. ايئن احمد هڪ وڏو رؤنشو گڏ کنيو پيو هلندو هو. هڪ ڳوٺ مان ٻئي ڳوٺ ۾،ٻئي مان ٽئن ۽ ٽئن مان چوٿين ۾. ٻارن جو ورهاڙو ايئن سدائين پيو پٺيان هلندو هوس. پنڊو پنهنجي ڪم جو به شاهه ڪاريگر هو. ڏاندن جا پير ايڏي ته مهارت سان ڇليندو هو، جو مالڪ ڏسي پيو رشڪ کائيندو هو. امالڪ جي ڪو ونگارو، ڍور ڌڻي وٽ سوال کڻي اچي نڪرندو به هو ته گپ، ڪلر ۽ کـُـڙٻن واري زمين جو اذر ڏيئي معافي وٺبي هئي ته ”يار، دل ۾ نه ڪجان”، ڍڳي جا پير اجهو هاڻ ئي ڇلرايا اٿم. اڃا ڪچا اٿس.“ اِها پنهنجي ليکي هڪ ڪـِـري هوندي هـئي. اهو ٻڌي ٻج جي هرن وارو به ڍور جو مان رکي واپس موٽي ويندو هو. احمد جو پير ڇلڻ جو طريقو به نرالو هو. ڏاند کي دسرائي، ٻـُـچڪارن ۽ هٿ جي ڇهاءُ وسيلي ڀٽاري سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪندو هو. هـُـن جو هٿ پهريان ڍڳي جي پيشاني،ٻوٿ،وڏين ڪارين اکين، ڪنن ۽ سڱن کي ڇهندو، ان جي ڪلهن تان ٿيندو، وڃي ڪونهٽ تائين پهچندو هو. پنڊو وهٽ جي پيٽ تي هٿ ايئن گهمائيندو هو، جو ڏسي هرڪو پيو پنڊي جي رِيس ڪندو هو. ”پيار پنڊو ڪري ڄاڻي، ابا.“ وڏڙا هـُـن جي ساراهه جا اکر کنيو ويٺا هوندا هئا،" وهٽ ڏسي پيا ڪنن جا ڇٽ ڪندس ۽ اکيون ڇنڀيندس!“ هڪ ڀيري مجيري ڪالوءَ جو هاري ڏيوو ڀيل پنهنجو بگو ڏاند وٽس ڪاهي آيو، جو کـُـر چيرجي پوڻ ڪري منڊو ٿي پيو هو. پنڊي ڪـُـتن سان کارايس. چئيس: ”توکي شرم ڪونه آيو جو ان حال ۾ هرن ۾ جوٽيئيس! ڏٺئي ڪونه ٿي ته ڀٽاري جا کـُـر وڌيا پياآهن، ٿورو ٿاٻو آيس ته چيرجي پوندا. روزيءَ سان زوري نه ڪبي آهي!“ ڍڳن جا وڏا کـُـر ڏسي پنڊو اصل باهه ٿي ويندو هو. پوءِ ويهي ڇنڀيندو هونَ:”ابا، جناوَر ها هي تڏهن، جڏهن جهنگ ۾ چرندا ها. هاڻ ته تهان جي گهر جا ڀاتي آهن. گهر ڀاتين سان اهڙو سلوڪ ڪبو آهي ڇا؟“ سڀنيءَ جا ڪنڌ هيٺ جهڪي ويند ا هئا. پوءِ هي ويهي ڇليندو هو ڍڳن جا پير، ۽ بدلي ۾ ڏيندا هيس اَن جي پاٽي. اُهو به گهڻو ڪري فصل تي. پر ايئن به نه هو ته هـُـو ٻاهر نڪري ۽ سندس گهوڙيءَ جو توبرو ڳسڪلو نه هجي! توبري جي هڪ پاسي ۾ گهوڙيءَ لئه چڻا ته ٻئي ۾کـُـر ڇلارو اَن، جو هڪ طرف ٻــچن جي روزي هيس، ته ٻئي طرف وڪڻي روزمرهه جون ضروري شيون وٺندو هو. ايئن ئي زندگيءَ جو گاڏو پيو گهلبو هوس. اڄ جڏهن نئين ناد لاءِ راڻو پيراڻي وارن پاران عقيقي لاءِ ذبح ڪيل لاڙي ڏاند جي منڍي کڻي آيو ته احمد، پٽ تي انڪري به ناراض ٿيو جو هـُـن ڪڏهن به سندس ڪم ۾ هٿ نه ونڊايو هو. نه ته هو ناد ٺاهڻ سکيو هو، ۽ نه ئي پير ڇلڻ. احمد کي پنهنجو ورثو پٽ ڏانهن منتقل نه ٿيڻ جو ڏاڍو ڏُک هو. جيتوڻيڪ ٽريڪٽر احمد جي روزيءَ مٿان لت ڏيئي ڇڏي هئي، پر پوءِ به هـُـن همٿ نه هاري هئي. هو هاڻ شهر وڃي گهوڙن جا سنب ڇلڻ لڳو هو. اتان نقد پئسا ملي ويندا هيس، جنهن سان پنهنجي ڪٽنب جي ڪفالت ڪرڻ ۾ ڪي قدر آساني ٿي پئي هيس. اڄ هـُـن کي پهريون ڀيرو پٽ کان ڪـَـرِيهه آئي هـُـئي. ”هڪڙو پٽ هوم،“ پنڊو اندران آري کڻي اچي جڏهن منڍيءَ مٿان ويٺو، ته سوچڻ لڳو،"اُهو به کدڙو نڪتو. نه مردن وارا ڪم سکيائين نه عورتن وارا. سڄو ڏينهن وتي ٽٽارا ڏيندو.“ احمد آري هلائي سڱ منڍيءَ کان ڌار ڪري ڇڏيا. ”واهه جو ڍڳو هو!“ هن دل ئي دل ۾ چيو، ”جڏهن هرن ۾ هلندو هو ته پاسي واري کي گهليندو ايندو هو، ۽ جي گاڏيءَ ۾ جوٽبو هوس ته ڦونگار ميلن ۾ پئي ٻـُـڌبي هيس. ڍڳو نه هو شينهن هو شينهن. گهر ۾ ٻڌيو بيٺو هوندو هو ته به هڪڙو ئي ڪنڌار پڙ جي سونهن هوندو هو. بلي بلي! منهنجي پٽ ۾ ته هڪڙو به ارڪان اهڙو ڪونه ٿيو. نه ٻاهر ڪڍڻ جهڙو، نه گهر جي ورونهن!“ احمد سڱ وڍي، منڍي کـَـلي، وڍ ٽڪ ڪري، گوشت وڌو هڪ وڏي ٿالهه ۾. اکيون، ڪن ۽ ڪجهه هڏا، جن کي گوشت اڃا به چنبڙيو پيو هو، رت جي ڌپ تي گڏ ٿيل ڪتن ڏانهن اڇلائيندو ويو. جڏهن سڀني ڪمن مان فارغ ٿيو ته، هڪ نظر گهر جي اڱڻ تي وڌائين. جوڻس ۽ وڏي ڌيءُ نظر نه آيس. پر وڏيءَ کان ننڍي اٺن سالن جي مومل ڀاڻي ۾ مال جي مٽراڪن مٿان پاهه پئي ڇٽي. سڏ ڪيائينس: ”امان، مومل! بابا، گوشت کڻي هل!“ ”ها، بابا.“ پريان جواب آيو. احمد گوشت وارو ٿالهه کڻي ڀرسان اڏيل ٿانون واري پيهيءَ تي رکي ڇڏيو ۽ پاڻ نلڪي ڏانهن روانو ٿي ويو. هٿ منهن ڌوئي، تڙ ڪري، صاف سٿرو ٿي، جڏهن گهر جي آڳر تي پهتو، ته هڪ ڀيرو وري مومل کي سڏ ڪري اندران پيٽيءَ مان ڪپڙا کڻي اچڻ لاءِ چيائين. هوءَ آئي ۽ اچي ڪپڙا کٽ تي رکيائين. احمد ڪانچ جي ابداڻيءَ مان اڳٽ ڪڍي، چلهه تي پيل لئيءَ جي ٻارڻ مان ڪاٺي ڀڃي، ڪانچ پوئڻ لڳو. جهٽ دير بعد ڪپڙا پائي، پٽڪو ٻڌي، مڇن کي تيل جو مک ڏيئي ڏاڍا ڏنائين وٽ، ۽ پوءِ ويڙهي سيڙهي کين لڪايائين ڦينڍي اندر. ان بعد ناد ڪڇ ۾ ڪري ، کر ڇلڻي، پڪڙ، کريچڻي، ڪئينچي، ڪوڪا، چاڪو ۽ ٻيو سامان ڪپڙي جي ڳوٿريءَ ۾ وجهي، هو گهوڙيءَ ڏانهن وڌيو. آهـُـري تان گهوڙي ڇوڙي ورايائين لغام. پوءِ ته ڇوهو ٿي هليو شهر ڏانهن. شهر جي ٽانگي وارن سان احمد جي ٻن سالن کان دوستي هـُـئي. اِها دوستي تڏهن ٿي هـُـئي، جڏهن تر ۾ سانهه کانسواءِ ڍڳو ڏٺي نه ٿي لڀيو. ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا جوڙا وڃي بچيا هئا. ڪو زمانو هو جو احمد ٻئي ٽئن ڏينهن پيو ڳوٺ ڳوٺ جو چڪر ڪندو هو. هر چڪر ۾ هڪ يا ٻن ڍڳن جا کـُـر ڇلي گهر موٽي ايندو هو. پر ٻه سال اڳ جڏهن شهر منهن ڪيائين ته ڳوٺ ڳوٺ ٽريڪٽر اچڻ ڪري، هاري ڍڳن مان هٿ ڪڍي چـُـڪا هـُـئا. سانده ٻه مهينا هٿ هٿ تي ڏيئي ويٺو رهيو. پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن ڪرستانن جي ڳوٺ مان ڪو گهوڙي جي سنبن ڇلڻ لاءِ وٺي ويس ته هــُـن کي خيال آيو، شهر وڃي ڇو نه گهوڙن جا سنب ڇلجن ۽ نالون لڳائجن. ان ڏينهن کانپوءِ ڪو ٽيون ڏينهن نه ٿيو، هو ٻئي ڏينهن ئي شهر جي مکيه ٽانگي اسٽان تي پهتو هو، جتي ماني عيسائي کيس نالون هڻڻ جو ڪم وٺي ڏنو هو. نالون ته هو اڳ ۾ ئي ڪرستانن جي ڳوٺ جي ٽانگن ۾ جوٽيل گهوڙن کي لڳائيندو رهندو هو، انڪري اِن ڌنڌي ۾ کيس ڪا ڏکيائي نه ٿي هـُـئي. هو سنبن کي ڏاڍي سليقي ۽ خيال سان ڇليندو هو ۽ ٻين کان پنج روپيه گهٽ وٺندو هو، تنهنڪري هـُـن جلد ئي اتي پنهنجا دوست ۽ گراهڪ ٺاهي ورتا هـُـئا. ٻيو ته هـُـن جون مـُـڇون ٽانگي وارن، توڙي اتي گڏ ٿيندڙ سوارين ۽ اسٽان تي بيٺل ريڙهين وارن، دڪاندارن ۽ گراهڪن جي نگاهن جو مرڪز هونديون هـُـيون. انڪري اتي هـِـن کي مفت ۾ چانهه پيارڻ، مانيءَ کارائڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ وارا بنا ڪنهن محنت ڪرڻ جي ملي ويا هـُـئا. ڪوچوانن مان مانون عيسائي، دوسو مري، سونو کوسو، فقير محمد هن جا پڳ مٽ يار هـُـئا. ٻه سال ٿي ويا هئا، هنن جي ياري ۽ ٽانگي سواريءَ ۾ فرق نه آيو هو. هونءَ ته احمد شهر ستين ستين ڏينهن پيو ويندو هو، پر هن ڀيري گهڻا پارا پوڻ ڪري هن جي گهوڙي بيمار ٿي پئي هئي. لڳاتار پندرهن ڏينهن تائين هو اُن جو علاج ڪندو رهيو هو، انڪري هيءُ چڪر هن لاءِ تمام گهڻي اهميت وارو هو. رستي تي به سوچيندو پئي ويو ته جي گراهڪ گهڻا لڳا ته هو فقيري وٽ ترسي پوندو ۽ رات دير تائين پيو گهوڙن جا سنب ڇليندو ۽ نالون لڳائيندو. ڪلاڪ جي گهوڙي سواري کانپوءِ هو شهر پهتو. مين اسٽان پهچي، هو گهوڙيءَ کي سامهون آري واري مشين اڳيان رُوڙِ لڳل ڪاٺ مان هڪ سان ٻڌي اچي اسٽان جي مکيه هوٽلڙي تي ويٺو. دلبر، جو هوٽل جو مالڪ به هو، ته چانهه ڪاڙهڻ وارو به ، ڏاڍي گرم جوشيءَ مان کيڪاريس. هن وڌي وڃي کيس ڀاڪر پاتو. ”يار ڪٿي آهين؟“ دلبر چيس. ”اتي ئي ــــ ڳوٺ.“ پنڊي وراڻيو،”گهوڙي بيمار ٿي پـَـئي هئي، پئي علاج ڪيومانس.“ ”هاڻ ڪيئن آ؟“ ”خوش آ.“ احمد چانهه جو چئي هيڏانهن هوڏانهن لؤڻا هڻڻ لڳو. هن کي لڳو ته اسٽان ۾ ڪا تبديلي آئي آهي، جا هـُـن جي اکين ۾ سجايل پراڻي نقشي کان بنهه مختلف آهي. اڳي جتي ٽانگا قطار ڪري بيهندا هـُـئا، اُتي هاڻ ڪپڙي جون ريڙهيون لڳائڻ وارا اچي بيٺا هـُـئا. روڊ جي هـُـن ڀر جتي هـُـن گهوڙي ٻڌي هـُـئي، ٻه ٽانگي وارا بيٺا هئا، جيڪي ڪرستانن جي ڳوٺ لاءِ سواريءَ جي انتظار ۾ هئا. هـِن ڀر، جتي ريڙهين وارا بيٺا هئا، اتي شهر جي سواريءَ لاءِ ٽانگا بيهندا هـُـئا. احمد کي لڳو ڄڻ ته اسٽان مٽجي ويو هجي! ”يار دلبر، مون وارا سنگتي نظر نه پيا اچن؟“ ”الا”!“ دلبر وراڻيو،”مانون ته اتي پريان بيٺو هو، باقي ٻين ته ٽانگا ئي کپائي ڇڏيا آهن.“ ”کپائي ڇڏيا آهن! ڇو؟“ پنڊي کي حيرت وٺي ويئي. ”سواري لڳنِ ڪونه پئي، سو رڪشا وٺي ڇڏيئون!“ ”رڪشا؟“ احمد دل ئي دل ۾ سوچيو،”رڪشا ـــ ها ــ ها هي ٽي ڦيٿي سواري، چنچي.“ هن کي چنگچي چوڻ نه پئي آيو. احمد کي خبر هـُـئي ته رڪشا شهر ۾ هلن پيا، پر اِها ڄاڻ نه هيس ته رڪشا ٽانگن جي جاءِ والاريندا. هو گـهري سوچ ۾ پئجي ويو. چانهه سندس سامهون پـَـئي رهي. ڪٿان کان مانون به رلندو ڦرندو آيو. احمد کي ڏٺائين ته جيءَ پيو. ”آ...... پنڊا، ڪهڙا حال آهن؟“ هـُـن وڌي احمد کي ڀاڪر پاتو ۽ چابڪ هن جي هٿن مان ڪري پيو. ”حال ته ڀلا آهن، پر هي پاڻ وارا سنگتي ڪيڏانهن ويا؟“ ”سنگتي رڪشا پيا هلائين. توکي ناهن مليا؟“ پنڊو ٿورو ٿورو پريشان ٿيڻ لڳو. ”نه نه، مونسان ته ناهن مليا. مان ته اجهو هينئر آيو آهيان.“ ”چانهه پي، ٿڌي ٿي ويند”.“ مانون هن جي سامهون چانهه جو ڪوپ ڏٺو ته چيائينس،”ايندا آهن هتي. خوش خير عافيت ڪري موٽي ويندا آهن.“ ”يار،آئون به ٽانگو وڪڻي رڪشا ٿو وٺان.“ مانون ٿورو رڪي جڏهن اِهو چيو ته احمد کي اهڙو ته گـُهٽوآيو جو چانهه نڪ مان توتاريون ڪري وهڻ لڳس. ”ڇا ٿيو، احمد؟“ مانون پريشان ٿي ويو. پوءِ جڏهن نجهائي سندس منهن ۾ ڏٺائين ته هن جي اکين ۾ پاڻي هو ۽ وات مان گـِـگ پئي وهيس. پنڊي جي اڌ چانهه گهـُـٽو ايندي ئي هارجي وئي هئي. ”ڪجهه به ناهي، يار. تو ڳالهه ئي اهڙي ڪئي.“ اهو به سٺو ٿيو جو احمد چانهن ٿڌي ڪري پئي پيتي، نه ته اڄ سندس نڪ جو خير نه هو. نڪ ۽ واڇن وٽان چانهن جا نشان مٽائڻ لاءِ هو اتان اٿيو ۽ وڃي پاڻيءَ جو ڇنڊو منهن تي هنيائين. پوءِ موٽي آيو ته مانون کان پڇيائين، "تون ٽانگو ڇو ٿو وڪڻين؟“ مانون چيس،”اڌ ڳوٺ وارن ٽانگا کپائي چنگچيون وٺي ڇڏيون آهن. هلڻ ۾ به تيز آهن ته چڪر به جام ٿا لڳن. ڪمائين به مونکان گهڻو ٿا. سواري به هاڻي ٽانگي تي نه ٿي ويهي.“ احمد کي لڳو، هن جو هڪ هڪ لفظ بڙڇي بنجي هن جي اندر ۾لهي رهيو هو. ”ته هاڻ سواري ٽانگن تي نه ٿي ويهي؟“ احمد کي الائي ڇا ٿيو جو اتاولو ٿي پڇيائين. ”جتي چار چڪر ڳوٺ جا هڻندو هوس، اُتي هاڻ هڪڙو ٿو لڳي. بـُـک ته ڪونهي مرڻو يار!“ مانون جي چانهه آئي، هو به چانهه پيئڻ لڳو. احمد خاموشيءَ ۾ الائي ڇا ڇا سوچيندو رهيو. پوءِ لوڻو هڻي پنهنجي گهوڙيءَ ڏانهن ڏٺائين. نه هورا هيس نه کورا، نه لوڻا ٿي هنيائين نه هڻڪار! اڄ هـُـن جي گهوڙي به خاموش هئي. احمد جيئان هو به ڪجهه سوچي رهي هئي. ڪٿي احمد هن کي وڪڻي ته نه ڇڏيندو؟ گهوڙي ڇا سوچيندي. گگدام ويچاري! هن کي ڪهڙي خبر ته احمد هن لاءِ چڻا ڪيڏي نه مشڪل سان گڏ ڪندو هو! ويٺي ويٺي احمد گهڻو ڪجهه پروڙي ورتو. هـُـن جي يارن رڪشا پئي هلايا. ڪن ٽانگا کپائڻ لاءِ پئي سوچيو ۽ جيڪي ٻه ٽي بيٺا هئا. تـِـن احمد کي کيڪاريو به ڪين. صورتحال اهڙي ٿي ويئي، جو احمد اُتان اٿيو. مانون کان موڪلائي، دلبر کي ڀاڪر پائي، اکين ۾ ڳوڙها لڪائي اچي گهوڙيءَ تي چڙهيو. گهوڙيءَ جي لغام ڇڪي ڪيائينس واءُ مينهن! ڳوٺ وڃڻ کان اڳ هو ڪرستانن جي ڳوٺ لٿو، جتي سندس استقبال لاءِ رڪشا اڳ ۾ ئي بيٺا هئا. هن ڪنهن ڏانهن به ڪونه ڏٺو. گهوڙيءَ کي هڪ پٿر سان ٻڌي، ڇڪيائين حجم ڏي. حجم نؤلو ماڻهو ڏسي حيران ٿي ويو. ويتر جو مڇن تي نظر پيس ته عجيب تجسس مان ڏانهس ڏسڻ لڳو. احمد مڇون پٽڪي جي ور مان ڪڍي پنهنجي سيني تي لٽڪائي ڇڏيون. پوءِ جڏهن آرسي ۾ ڏٺائين ته پاڻ کي به نه ٿي وڻيو. هري هري ڪري وار ٺهرائڻ واري ڪرسيءَ تي چڙهي ويٺو. پٺيان حجم کي ادب ۾ الف جيئن کڙو ٿي بيٺل ڏٺائين ته مڇن جي هڪ پاسي کي هٿ ۾ جهلي کيس وڍڻ جو اشارو ڪيائين. حجم پريشان ٿي ويو. ”سائين خير ته آهي؟“ هن پڇيس. ”مڙئي خير آهي.“ احمد چيس،"جلدي ڪر، مونکي اڳتي وڃڻو آهي.“ حجم ڪئينچي کڻي جڏهن سندس مڇن تي رکي ته اوچتو هن جي نظر احمد جي ڪڇ ۾ لٽڪيل ناد تي پيئي. ”هي ڇا کنيو اٿئي، سائين!“ ”زناورن جون نشانيون آهن، يار. وڏڙن کان مليون آهن.“ هن وڏڙا ايئن چيو، ڄڻ ته هــُـن جا سڀ جانور مري ويا هجن. احمد مڇون ڇنڊائي آرسيءَ ۾ ڏٺو. پاڻ کي ڏسي هـُـن کي ايترو ئي شرم آيو جيترو ڪنهن کي پهريون ڀيرو مڇون ڪوڙائڻ تي. نائيءَ کي پيسا ڏيئي، ڇڪيائين گهر ڏانهن. جيئن ئي گهر پهتو ته گهوڙيءَ کي کـُـليو ڇڏي گهر جا ٿانوَ ڦلوڙڻ لڳو. مومل جيئن ئي پڻس جي ڇانگيل مڇن ڏي ڏٺو ته هو ڊوڙ پائي پنهنجي وڏي ڀيڻ صابل کي سڏي آئي، جنهن ويٺي سندن ماسيءَ جي گهر ماين سان گڏ سيپ سبيو. ٿوري دير ۾ مومل، صابل ۽ جوڻس سندس سامهون بيٺيون هيون. ٻارڙيون ته پيءُ جي منهن ڏانهن ڏسي ڏسي پئي کليون، پر ماچس ڳولي، جيڪو مچ هن مچايو هو، تنهن کان جوڻس ڊڄي وئي هئي. ”مـُـئا، ڇا ٿو ڪرين؟“ ”ڪجهه ڪونه ٿو ڪريان. تون پريشان نه ٿي.“ هو ڪاٺيون ڀڃندو باهه ۾وجهندو پئي ويو. ڪنهن مهل ناد ڪڍي اڇلايائين باهه ۾. جـوڻس لوهه ڪري ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هن ٻانهن کان جهلي ورتس. ”سڙڻ ڏينس!“ احمد جي اکين ۾ اُلا هئا،”هاڻ جڏهن ڪمائي نه ٿي ته گهر ۾ رکڻ مان ڪهڙو فائدو؟ ڪهڙو فائدو اُن شيءَ مان جو ڪمائتي نه هجي. هڏ حرام، بيڪار مـُـردن جيئن ! ۽ تو وارو هو ڇورو...“ احمد جي اکين مان پاڻي ٽمڻ لڳو:”هڏ حرام ــ چوانس پيو ته ڪجهه سـِِــک. ڪو ڪم ڪر. خبر ٿئي ته ڇا پيو چوي...؟ چئي پيو ته بابو جيئرو آ، ڇو ڪمايان...! سڏينس، هاڻ، سڏينس. چئينس ته اچي اکين سان ڏسي. پڻس کي موت اچي چڪو آهي.“ ناد سڙي رک ٿي چڪو. هو هــُـڳ تان هلي اچي کٽ تي ڪريو. پٽڪو لاهي ڪيائين سيرانديءَ هيٺيان ۽ ڍري پيو. جوڻس ۽ وڏي ڌيءُ پريشانيءَ منجهان روئڻ لڳيون. ننڍڙي مومل به پريشان ٿي ويئي ته آخر گهر ڀاتين کي ٿيو ڇاهي، جو سڀ پيا روئن؟ هوءَ هلڪڙا هلڪڙا قدم کڻدي پڻس وٽ پهتي. پنهنجو معصوم ننڍڙو هٿ کڻي هـُـن جي وڍيل مــُـڇن تي رکيائين، جيڪي هـُـن کي عجيب ۽ پـُـراسرار پئي لڳيون. احمد جيئن مومل جي آڱرين جي ڇهاءُ کي محسوس ڪيو ته هڪدم اُٿي کڻي سيني سان لاتائينس. مومل جي منهن ۾ تڪيندي بس ايترو چيائين،”امان، تون هلي کيڏ. الله ڀلي ڪندو. بابي کي ڪجهه به ناهي ٿيو. بس هــُـن پاڻ کي تبديل ڪرڻ ۾ ڪجهه دير ڪري ڇڏي آهي. هي انهيءَ ڪوتاهيءَ جا لـُـڙڪ آهن، امان، اُن دير جا، ٻيو ڪجهه به ناهي. مالڪ ڀلي ڪندو!“ ايئن چئي هو وري کٽ تي ڍري پيو.