رياست کان بغير قومون Stateless Nations پنهنجي قومي اتحاد

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏3 آڪٽوبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    رياست کان بغير قومون Stateless Nations پنهنجي قومي اتحاد ۽ پنهنجي قومي بقا جي لاء پنهنجي سياسي تنظيمن سان گڏ عالمي تنظيمون به جوڙينديون آهن ته جيئن پنهنجي قوم ۾ شامل پرڏيھ ۾ رهندڙ مختلف فڪر جي ماڻهن کي گڏ ڪري دنيا جي مختلف ملڪن، قومن ۽ ادارن کان سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد به حاصل ڪري سگھجي.
    جنهن قوم جي پنهنجي ڌرتيء جي سرحدن جي اندر ڪا مضبوط سياسي ڌر نه هوندي آهي يا قوم مختلف سياسي ڌرين ۾ ورهايل هوندي آهي ته ان قوم جون عالمي تنظيمون به غير سياسي بنيادن تي صرف قومي ايڪتا ۽ قومي وجود جي هيڪڙائيء جي نڪتن تي ئي ڪم ڪري پنهنجو قومي موقف دنيا تائين پهچائينديون آهن.
    ڪردن کي عباسي خلافت جي دور ۾ گڏيل اسلامي رياست ۾ شامل ڪيو ويو ۽ اهي ترڪ عثماني خلافت جي دور تائين گڏيل اسلامي رياست ۾ شامل رهيا. ترڪ عثماني خلافت جي خاتمي کان پوء جڏهن اسلامي رياست مختلف ننڍن وڏن ملڪن ۾ ورهائي وئي ته ڪردن کي ايران، شام، ترڪي ۽ عراق ۾ ورهايو ويو. ڪرد پنهنجي قومي سوچ ۾ مذهبي رواداري رکندا هيا اهو ئي سبب هيو جو پوري عرب دنيا مان يهودي يورپ لڏي ويا هيا پر ڪردستان مان يهودي صرف اسرائيل جي قائم ٿيڻ وقت نڪتا جنهنجو به سبب اهو هيو ته ڪردن جو پنهنجي علائقي تي اختيار نه رهيو ۽ ترڪي، عرق، ايران ۽ شام ڪرد يهودين کي زبردستي هجرت تي مجبور ڪيو. ڪردن جي پنهنجي الڳ رياست نه هجڻ جي ڪري ڪرد مختلف ملڪن ۾ ورهائجي ويا، عراق، ايران، شام ۽ ترڪيء کان سواء ڪرد آرمينيا، جرمني، روس ۽ اسرائيل ڏانهن لڏي ويا، نتيجي طور عراق، ايران ۽ شام ۾ رهندڙ ڪرد عربي_فارسي رسم الخط ۾ ڪردي ٻولي لکڻ لڳا جڏهن ته ترڪي، آرمينيا، جرمني، روس ۽ اسرائيل ۾ رهندڙ ڪرد رومن_ترڪي رسم الخط استعمال ڪرڻ لڳا. ڪردن جي قومي تحريڪ پنهنجو پاڻ کي سيڪيولر رکيو، ٻئي رسم الخط استعمال ڪيا ۽ پنهنجي ڇڙوڇڙ قوم کي هڪ گڏيل عالمي تنظيم ڏئي پنهنجو قومي موقف پوري دنيا آڏو پيش ڪيو.
    14 آگسٽ 1947 ۾ هندوستان جي ورهاڱي جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ رهندڙ هندو سنڌين جي اڪثريت سنڌ ڇڏي ڀارت لڏي وئي، جنهن جي به ڪافي آبادي ڪينيا، سائوٿ آفريقا، موريشيس، ملائيشيا، سنگاپور ۽ دبئيء ۾ مستقل رهي ٿي. مذهبي بنيادن تي هجرت ڪرڻ جي نتيجي ۾ اهي سنڌي قومي بنيادن تي سنڌ کان ڪٽيل رهيا آهن. سنڌ ۾ موجود اڪثريتي سياسي ڌارا (پيپلز پارٽي، مسلم ليگي وڏيرا توڙي سنڌي قومپرستن جي اڪثريت ) سڌي طور اڻ سڌيء طرح مذهبي بنيادن تي سنڌي قوم جي ورهاست قبول ڪري ويٺي آهي اهو ئي سبب آهي جو اقتدار ۾ هجڻ جي باوجود پيپلز پارٽيء سنڌي هندن جي تحفظ توڙي قانوني حيثيت ۾ تبديليء جي لاء ڪا به عملي ڪوشش نه ڪئي ۽ پاڪستاني رياست کي نج اسلامي آئين ڏئي سنڌي هندن کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏيو.
    سنڌ ۾ ڪا به قومپرست ڌر ميچوئر نه هجڻ جي ڪري پرڏيھ ۾ رهندڙ سنڌي ته پري رهيا پر سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي به ڪا بهتريء جي اميد نه ٿا رکن. انهن حالتن ۾ پرڏيھ ۾ ڪم ڪندڙ سنڌين جي عالمي تنظيمن جي مٿان اها ذميواري هئي ته اهي مختلف ملڪن ۾ موجود سنڌي قوم جي فردن کي قومي بنيادن تي گڏ ڪري مختلف ملڪن، قومن ۽ عالمي ادارن کان سنڌ جي لاء سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد حاصل ڪن ها. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته جهڙي نموني سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ اڪثر قومپرست تنظيمون ٽانگا پارٽيون يا روزگار جا ذريعا بڻيل آهن تيئن ئي پرڏيھ ۾ ڪم ڪندڙ سنڌين جون عالمي تنظيمون به ڪنهن اوطاق، جيم خانه، ڪلب يا ميٽنگ سيشن کان وڌيڪ حيثيت نه ٿيون رکن. جن جي پوري ڪارڪردگي ڪجھ اخباري بيان، ڪجھ تصويرون ۽ ڪجھ مذمتي قراردون ئي آهن. عملي طور تي اهي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين کي نه ته گڏ ڪري سگھيا آهن ۽ نه ئي ڪنهن ملڪ، قوم يا عالمي اداري کان سنڌ جي لاء ڪا حمايت حاصل ڪري سگھيا آهن.
    تازو ئي سنڌ جي نالي ڪم ڪندڙ هڪ عالمي سنڌي تنظيم قرآن شريف جو سنڌيء ۾ ترجمو ڇپرائي مفت ۾ ورهايو آهي سندن ان ايماني جذبي جو احترام آهي پر منهنجا سائين جن عالمي تنظيمن ۾ توهان ڪم ڪريو ٿا انهن ۾ صرف پاڪستاني سنڌي، صرف مسلمان سنڌي ۽ صرف سني مسلمان سنڌي شامل ناهن. توهان ڪڏهن ان ڳالھ تي سوچيو آهي ته دنيا جي 26 ملڪن ۾ چڱو تعداد هجڻ جي باوجود انهن ملڪن ۾ موجود سنڌي توهان جي انهن عالمي سنڌي تنظيمن جو حصو ڇو نٿا ٿين؟
    جهڙي نموني سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سنڌين جون اڪثر قومپرست پارٽيون سياسي طور نا اهل آهن اهڙي نموني پرڏيھ ۾ ڪم ڪندڙ سنڌين جون اڪثر عالمي تنظيمون سفارتي طور نا اهل بڻيل آهن جنهن جو سبب اهو آهي ته انهن وٽ ڀارتي، آمريڪي، ڪئنيڊائي، برطانوي، مليشيائي، انڊونيشيائي، فلپائني، ڪينيائي، مڊگاسڪري، موريشيس، اماراتي سنڌيء کي متاثر ڪري انهن جي حمايت حاصل ڪرڻ جي اهليت ئي موجود ڪونهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو