• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ايم.ڪيو.ايم جي ليڊر الطاف جي بيان کي تاريخ جي رڪارڊ تي رکيو وڃي .

اڄ ورڪر اجلاس کي ٽيليفونڪ خطا ب ڪندي الطاف،پاڪستاني فوج جي تعريف ۽ چاپلوسي ڪندي اهو اعتراف ڪيو آهي ته بنگالن جي قتل عام ۾ انهن پاڪستاني فوج جو ساٿ ڏنو هو . ياد رهي ته بنگالين تي فوجي ڪاه ۾ 30 لک معصوم بنگالي شهيد ڪيا ويا ۽ پنج لک ڪنواريون ڇوڪريون ڳورهاريون ڪيون ويون . زوري زنا ته الائي ڪيترين عورتن سان ڪئي ويئي . ان سموري ڪارنامي۾ پاڻ کي مهاجر سڏرائيندڙ شريڪ هيا ،اهو آهي سندن قائد جوکليل اعتراف . ان بيان کي هر انسان پنهنجي دل جي ورقن تي لکي ڇڏي ،متان ايندڙ وقت ۾ اهو ليڊر پنهنجي ان اعترافي بيان تان فري نه وڃي . ياد رهي ته پاڪستاني فوج ۽ مهاجر لابي پاران ڪيل ان تاريخي گناه جي پاڪستان جي موجوده سربراه(وزيراعظم )بذات خود بنگلا ديش وڃي بنگالي قوم کان کلي عام معافي ورتي جيڪا تاريخ جي رڪارڊ تي درج ٿيل آهي .
 
Back
Top