• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ينگ رائيٽرس فورم سنڌ پاران سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام لاءِ اوارڊ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10710997_10204578612443494_1038362195530304104_n.jpg


ينگ رائيٽرس فورم سنڌ پاران مونکي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي ٻولي، ثقافت ۽ فن بابت خدمتن عيوض سنڌ راڻي بهترين ورڪر جي اوارڊ لاء نامزد ڪيو ويو آهي.
مان ٿورائتو آهيان ينگ رائيٽرس فورم جو جن مونکي ان لائق سمجهيو ۽ ساڳي وقت مان سمجهان ٿو ته ٻيا ڪيترائي دوست آهن جيڪي پڻ اهو ڪم مونکان بهتر انداز ۾ ڪري رهيا آهن، جيڪي پڻ اهڙن اوارڊن جا مستحق آهن ۽ مان هي اواراڊ انهن سڀني دوستن جي نانء ڪيان ٿو. سنڌ سلامت سٿ جو پڻ ٿورائتو اهيان جن مونکي پنهنجي فورم تي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏنو. انهن سڀني دوستن جو به ٿورائتو آهيان جيڪي مسلسل رهنمائي ڪندا رهيا آهن، صلاحون ڏيندا رهيا آهن ۽ حوصلا افزائي ڪندا رهيا آهن.

ٿورا نه ٿورا مونتي ماروئڙن جا
ٿر ۾ واري ٿورڙي تيها گهڻيرا
ڀلايون ۽ ڀيرا ڳڻي ڳڻيندس ڪيترا
 
Back
Top