• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت سٿ پاران عيد جون وڌايون

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مگسي
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مگسي

سينيئر رڪن
”عيد“​

پيارا ساٿيو!موضوعاتي شاعريء ۾ هڪ وڌيڪ عنوان تي موضوع پيش ڪريان پيو۔
اميد ته وڌ کان وڌ حصو وٺندئو ۽ پسند ڪندئو۔
هن موضوع ۾ شاعريء جو عنوان آهي ”عيد“ اوهان ”عيد“ بابت پنهنجي شاعري ۽ سنڌي ڪتابن،رسالن ۽ اخبارن وغيره کان چونڊ شاعري موڪلي سگهو ٿا۔
شرط هيء آهي ته شاعري سنڌيء ۾ هجي ۽ ٿي سگهي ته شعر جي هيٺان شاعر جو نالو لکڻ جي ضرور ڪوشش ڪجو۔

سنڌ سلامت----ساٿ سلامت
 
10685582_10204582584902803_3771591299080429064_n.jpg


سنڌ سلامت سٿ پاران سڀني
ڀائرن، ڀينرن، دوستن ۽ سڄڻن کي
عيد واڌايون



وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي
ڇڏي هي شور شهرن جو،
وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي.


عيد جي موڪلن لاء اڄ ڳوٺ پيو نڪران. لک ڀڳ هڪ هفتو ڳوٺ رهبو، خيرپور ۽ ڀرواري ڳوٺن جي دوستن سان ملبو ۽ رهاڻ ڪبي. ڳوٺ ۾ رهندي نيٽ جو جوڳو بندوبست ناهي ۽ سگنل به پورا ناهن، تنهنڪري نيٽ جي دنيا کان دوري هوندي. پر پوء به موبائل تان ڪجهه گهڙيون ڀيرو ڀڃبو .... جي سگنل مليا ته ... !!!

دوستو دعائن ۾ ياد ......
 
images

ادا سليمان وساڻ صاحب السلام عليڪم.اسان به دل جي گهرائين سان اوهان کي عيد جون مبارڪون ڏيون ٿا.
آنشاالله اوهان به الله پاڪ جي رحم ؤ ڪرم سان عيد پنهنجي ڳوٺ ۾ خيريت سان گذاريندا ۽ قرباني جي گوشت مان خوب لطف اندازو ٿيندا.
images

پر ڏسجو گهڻي گوشت کائڻ سان ڪڏهن ڪڏهن پيٽ به خراب ٿئي پوندو آهي.ان کان پاڻ کي بچائجو.
الله پاڪ اوهانجو حامي ؤناصر رهندو.
 
ﻋﻴﺪ ﻋﻴﺪ ﻋﻴﺪ ﺍُﻫﺎ ﻋﻴﺪ ﻧﻪ ﺁ
ﭤﺌﻲ ﺑﻐﻴﺮ ﺩﻳﺪ ﺍُﻫﺎ ﻋﻴﺪ ﻧﻪ ﺁ
ﺟﻲ ﺑﺮﻭﺯ ﻋﻴﺪ ﺧﻮﺷﻲ ﻧﻪ ﻣﻠﻲ
ﻏﻢ ﻫﺠﻦ ﺷﺪﻳﺪ ﻋﻴﺪ ﻧﻪ ﺁ
ﺟﻲ ﺑﺮﻭﺯ ﻋﻴﺪ ﻣﺤﺒﺖ ﺟﻮ ﺫﺭﻭ
ﻧﻪ ڪﺠﻲ ﺧﺮﻳﺪ ﺍُﻫﺎ ﻋﻴﺪ ﻧﻪ ﺁ
ﺟﻲ ﺑﺮﻭﺯ ﻋﻴﺪ ﻣﻼﻗﺎﺕ ﻧﻪ ڪﻦ
ﺷﻮﻕ ﺟﺎ ﺷﻬﻴﺪ ﺍُﻫﺎ ﻋﻴﺪ ﻧﻪ ﺁ
ﺟﻲ ﺑﺮﻭﺯ ﻋﻴﺪ ﻣﻠﻬﺎﺋﻴﻦ ﺭﮘﻮ
ﻭﻗﺖ ﺟﺎ ﻳﺰﻳﺪ ﺍُﻫﺎ ﻋﻴﺪ ﻧﻪ ﺁ
ﺟﻲ ﺑﺮﻭﺯ ﻋﻴﺪ ﺍﻱ " ﻣﺪﻫﻮﺵ" ﻫﺠﻮﻥ
ﭘﺎﮠ ﺋﻲ ﭘﻠﻴﺖ ﺍُﻫﺎ ﻋﻴﺪ ﻧﻪ ﺁ
 
عيد ٻي ڪهڙي ڪريان ديدار مون لئه عيد آ
محب مرڪي منهن کڻي ڏيکار مون لئه عيد آ.

منهنجي نوڙت ۽ نيازي ناز وارا تنهنجو ناز
عشق ۾ آهي عبادت نينهن وارن جي نماز
سر جهڪايم تو اڳيان سرڪار مون لئعيد آ

چنڊ جي چانڊاڻ تون۽ لعل جي لالاڻ تون
سونهن سج کان سرس تنهنجي پرک پيارا پاڻ تون.
تنهنجو جلوو جان من جنسار مون لئه عيد آ

مرتضي ا جي دل منجهان هر هر اچي اهڙي دعا
خوش هجين کلندو رهين. محبوب مون سان مه لقا
پرت وارا يار تنهنجو پيار مون لئه عيد آ

سائين مرتضي ا ڏاڏاهي جي شاعري
 
سڀني سنڌ واسين کي
هن سنڌ سلامت جي فورم تان
دل جي گهرائي سان عيد قرباني مبارڪ هجي
ان اميد سان الله تعالي ا اسان جي هن سنڌ جي لاءِ ايندڙ وقت سک جوآڻي......
آمين ثم آمين
 
عيد ڪهڙي آ
اڪيلي جي ڀلا
گھر جي ڪنهن
ڪنڊ ۾ ويهي
غمن جي چادر
ويڙهي
۽ اکڙين ۾ تنهنجي
اچڻ جو اوسيئڙو هو
هيون کوڙ اميدون
تون ايندين
تون ايندين ته
هي عيد گڏ جي
ڪندا سين
پر هر ڀيري جيئان
هيل به هن عيد
تي ڪون آئين
بس لڙڪن جو
لڙهيون هن
منهنجي اکڙين ۾
ياد تو کي ڪري يار روئن پيون
هي جدائي جان ڳاري پئي
ڏس ته ڪيئن ڪيان
هنن کي ڪاڏي ڪيان
سور بيوس چڍڙ کي
نه ماري وجھن
آ هاڻي هلي آ
مونکي هي عيد ڪراءِ
مونکي عيد ڪراءِ
مونکي عيد ڪراء
ها هي عيد ڪراءِ
(بيوس علي حسن چڍڙ)
 
Back
Top