فيس بوڪ طرفان خريد ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه ئي ڪلاڪن لاءِ جڏهن واٽس ايپ جي سروس ڊائون ٿي ته گهڻن ماڻهن کي شڪ شبهن ۾ آڻي ڇڏيو... واٽس اپ نون فيچرس سان واپس ته وري پر ان دوران ماڻهن ان جو متبادل ڏسڻ شروع ڪري ڏنو.. ڇو ته سيڪيورٽي جي حوالن سان فيس بوڪ پهريان ئي ڪافي بدنام آهي.. اهو ئي سبب آهي جو ”ٽيليگرام“ ايپليڪيشن کي واٽس ايپ جو بهترين متبادل قرار ڏنو ويو آهي..
ٽيليگرام جي پهرين خاص ڳالهه ته اها آهي ته هي اوپن سورس آهي ۽ هن جو اوپن سورس هجڻ ئي سيڪيورٽي جي سڀني خدشن کي ختم ٿو ڪري ڇڏي.. ان کان علاوه انتهائي سادي ۽ تيز رفتار هجڻ هن جي ٻي خوبي آهي.. گروپ جي معاملي ۾ هڪ ئي وقت 200 ماڻهن جو گروپ بڻائي چيٽ ڪري سگهجي ٿو .. هڪ جي بي تائين وڊيو، لاتعداد تصويرون ۽ ميڊيا فائيلز وغيره هن جي ذريعي موڪلي ۽ وصول ڪري سگهجن ٿيون..
سيڪيورٽي جي معاملي ۾ حساس ماڻهن لاءِ انڪرپٽڊ چيٽ جو پڻ آپشن موجود آهي.. جنهن سان چيٽ ڪندڙن جي چيٽ کي ڪاپي ڪري محفوظ ڪرڻ يا ڪنهن ٻئي ڏانهن موڪلڻ ممڪن ناهي..
ٽيليگرام ايپليڪيشن آڪٽوبر 2013 ۾ منظرِ عام تي آئي.. واٽس ايپ جي مقبوليت ڪري هي پنهنجي جڳهه ٺاهڻ جا جتن ڪرڻ ۾ لڳل آهي.. ڇو ته واٽس جو مقابلو ڪرڻ آسان ناهي..
ٽيليگرام اينڊرائيڊ، آئي او ايس، ونڊوز فونز کان علاوه ونڊوز پي سي ۽ لينڪس لاءِ پڻ موجود آهي.. پر جيئين ته اهي ورجن اڃان بيٽا آهن ان ڪري انهن ۾ ڪجهه خرابيون ٿي سگهن ٿيون.. ونڊوز تي استعمال ڪرڻ لاءِ ان جو بيٽا ڊيسڪٽاپ ورجن سندن ويب سائيٽ تان ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو.. پر ان کي استعمال لاءِ ضروري آهي ته پهريان ٽيليگرام فون تي انسٽال ڪري کاتو بنايو وڃي..
وڌيڪ تفصيلي معلومات ۽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ ٽيليگرام جي ويب سائيٽ جو ڦيرو ڀريو..

انهن سڀني ڳالهين باوجود اچو ته ٻنهي ايپليڪيشن جو جائزو وٺون..

- واٽس ايپ پهريون سال مفت جڏهن ته اڳئين سال کان هڪ ڊالر سالانه فيس جو مطالبو ڪري ٿي.. جڏهن ته ٽيليگرام بلڪل مفت آهي..
- ٽيليگرام پنهنجي استعمال ڪندڙن لاءِ تيز ترين ميسيجنگ جو سسٽم کڻي آئي آهي.. هن وقت تائين سڀ کان تيز ترين ميسيجنگ سسٽم جو اعزاز رکندڙ ٽيليگرام ۾ ميسيجز جي مڪمل سيڪورٽي لاءِ انڪرپٽڊ سسٽم متعارف ڪرايو ويو آهي.. ايسيتائين جو توهان اهڙا ميسيج به موڪلي سگهو ٿا جيڪي اڳتي فارورڊ نه ٿا ڪري سگهجن.. اهڙو ڪو به فيچر واٽس ايپ ۾ موجود ناهي..
- ٽيليگرام ذريعي ميسيجز تي وقت سيٽ ڪري سگهجي ٿو ۽ مقرر وقت کان پوءِ اهو ميسيج وصول ڪرڻ واري جي ان باڪس مان پاڻمرادو ختم ٿي ويندو.. اهڙي قسم جو ڪوبه فيچر واٽس ايپ ۾ موجود ناهي..
- ٽيليگرام اوپن سورس طور موجود آهي.. ۽ ڊيويلپرز لاءِ API فراهم ڪري ٿي ته جيئن ايپليڪيشن ٻين پليٽ فارم لاءِ به بڻائي سگهجي.. جڏهن ته واٽس ايپ ان ڳالهه جي اجازت نه ٿي ڏئي..
- واٽس ايپ ۾ 50 ماڻهن سان جڏهن ته هڪ ئي وقت 200 ماڻهن سان گروپ چيٽ ڪرڻ جي سهولت ڏئي ٿي..
- ان کان سواءِ هڪ جي بي سائيز تائين فائيل شيئر ڪرڻ جي سهولت ٽيليگرام ۾ موجود آهي..
ٽيليگرام ڊيسڪ ٽاپ ورزن