استاد منظور علي خان صاحب

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

    استاد منظور علي خان صاحب​




    ڳـــالهيون پيــــٽ ورن ۾ ، وڌي وڻ ٿيــــــون
    ٻاهر مون نه ڪيون ، گوشيء گڏيا نه سپرين ​





    [​IMG]
    بقول سنڌ جي مشهور شاعر محترم تاجل بيوس صاحب ته( سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان، ) سنڌ سونهاري پوري جي پوري سون آهي، ۽ سنڌ جي هڪ هڪ انچ جو مان ۽ شان بيان ڪرڻ کان مٿاهون آهي، ۽ سنڌ جي هر ڪنڊ ۾ اهڙا ته انمول ماڻهون پيدا ٿيا آهن جن مٿان سنڌ هميشه ناز ڪيو آهي۔ ۽ ڪندي رهندي، سنڌ جي اتر واري شهر شڪارپور جو نالو به انهن شهرن مان آهي، جنهن انمول هيرا موتي پيدا ڪيا آهن، جن تي پوري سنڌ کي ناز آهي، هن شهر لاء چيو ويندو آهي ته هي شهر دائودپوٽن آباد ڪرايو هو، شڪارپور هون ته ڪيترين ئي ڳالهين ۾ مشهور آهي، پر خاص ڪري هي شهر واپار جي حساب سان تمام گهڻو مشهور رهيو آهي، ماضي ۾ هن شهر کي ته سنڌ جو پيئرس پڻ چيو ويندو هو ، شڪارپور جو آچار ته پوري هند سنڌ بلڪه دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مشهور آهي۔ ۽ اسان جا سنڌي ڀائر شڪارپور جو آچار يورپ وارن ملڪن ڏانهن پڻ کڻي ويندا آهن
    هن شهر اسان کي سنڌ جو مهان شاعر شيخ اياز صاحب پڻ ڏنو۔ ان کان علاوه هن شهر ۾ سنڌ جي عّظيم راڳي، استاد فنڪار استاد منظور علي خان صاحب جو جنم پڻ ٿيو، جنهن جو ذڪر اسان هيٺ ڪنداسين

    استاد منظور علي خان صاحب ـــــ استاد منظور علي خان صاحب جا وڏا هندستان مان هجرت ڪري سنڌ جي شهر شڪارپور کي اچي وسايائون۔ استاد منظور علي خان صاحب اوڻيهه سو ڇويهه عيسوي ڌاري شڪاپور ۾ پيدا ٿيا، ۽ موسيقي جي تعليم پنهنجي والد جمال خان، ۽ پنهنجي سوٽ سينڌي خان ۽ بيبي خان وٽان حاصل ڪئي۔ استاد منظور علي خان سنڌ جو اهو فنڪار آهي، جنهن پنهنجو خوب نالو ڪمايو ۽ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا، جن کي سنڌ جو هر سڃاڻ رکندڙ شخص سڃاڻي۔ سندس مشهور شاگردن جا نالا هي آهن، عابده پروين، استاد محمد يوسف، استاد وحيد علي خان، استاد گلزار علي خان، انور وسطڙو۔ استاد منظور علي خان صاحب جا شاه جا ڳايل ڪلام به پنهنجو مٽ پاڻ آهن، استاد شاه جو ڪلام اهڙي ريت ته ڳايو آهي جو ٻڌندڙ وجد ۾ اچيو وڃن۔سندس مشهور ڪلام جيڪي تمام گهڻا مشهور ٿيا اهي هي آهن ((((( ويندس يار مري تنهنجي درد فيراق ۾)))) ((((( ( آء ڪه ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو ))))) (((( محبت لڏي وئي ملڪ مان ياراڻي يارن مان وئي۔ ))))) استاد منظور علي خان صاحب نائين سيپٽمبر اڻيهه سو اسي ۾ وفات ڪئي۔۔ سندس مزار ٽنڊو آدم ۾ موجود آهي۔
    هت مان توهان لاء استاد منظور علي خان سان شيخ صاحب ۽ ممتاز مرزا جي ڪيل ڪچهري جون ڪجهه وڊيوز پيش ڪريان ٿو۔


    http://www.youtube.com/watch?v=n8aTyOsgIB8&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=zOv2eMo2wFg&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=AB1ON6v7Uq4&feature=related
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: استاد منظور علي خان صاحب

    پڙاڏو سو سڏ ، جي ور وائي جو لهين،
    هئا اڳهين گڏ، ميان!، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا۔
    بيشڪ سنڌ تمام سهڻا انسان پئدا ڪندي رهي آهي ۔۔۔ مردم خيز زمين آهي ۔۔۔ دعا آهي ته رب راضي رهي ۽ سنڌ تي اڃان وڌيڪ سهڻا ۽ سورهيه انسان پئدا ٿيندا رهن ۔۔۔ آمين

    دوست ممتازجو، ممتاز ونڊ
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: استاد منظور علي خان صاحب

    مهربانيون سائين ابڙا صاحب،



    ڳـــالهيون پيــــٽ ورن ۾ ، وڌي وڻ ٿيــــــون
    ٻاهر مون نه ڪيون ، گوشيء گڏيا نه سپرين ​
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: استاد منظور علي خان صاحب

    واقعي سائين استاد منظور علي خان صاحب، سنڌ جي موسيقي جو هڪ چمڪندڙ تارو آهن جن مان ڪيترن ئي ٻين راڳين فيض حاصل ڪيو آهي۔۔
    ڪالهه نائين سيپٽمبر تي سندن 30هين ورسي ملهائي وئي، جنهن جي تقريب حيدرآباد ۾ ٿي۔۔
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: استاد منظور علي خان صاحب

    ادا مست صاحب توهان جي مهرباني جو توهان مون کي استاد منظور علي خان جي ورسي جو ياد ڏياريو۔

    ٽنڊي آدم ۾ استاد منظور علي خان جي 30 ھين ورسي ملھائي وئي​



    ٽنڊو آدم (ن ڪ) سنڌ جي مھان راڳي خان صاحب استاد منظور علي خان جي 30 ھين ورسي انتھائي سادگي سان ملھائي وئي، سندس ڀائٽين مختيار علي شيخ ۽ نادر علي شيخ پاران ملھايل ورسي ۾ قرآن خواني ٿي، استاد جي آخري آرامگاهه تي گلن جي چادر چاڙھي حاضري ڀري وئي، جڏھن ته لنگر پڻ ورھايو ويو، سرڪاري طور تي يا وري ڪنھن ادبي ۽ ثقافتي تنظيم پاران استاد جي ورسي تي کيس ياد نه ڪيو ويو، استاد منظور علي خان شڪارپور ۾ ڄائو ۽ بعد ۾ گواليار خاندان ٽنڊي آدم ۾ لڏي آيو، استاد منظور علي خان ڪلاسيڪل راڳ کي نوان موڙ ڏنا، استاد منظور علي خان ٽنڊي آدم ۾ راڳ جي سکيا جو اسڪول پنھنجي مدد پاڻ تحت ھلايو، استاد محمد يوسف، استاد وحيد علي خان، قمر سومرو، انور حسين وسطڙو ۽ دين محمد دمساز سميت ٻيا ڪيترا راڳ جي سکيا وٺي نڪتا ۽ سنڌي موسيقي تي ڇانئجي ويا، اڄ به سنڌي موسيقي تي استاد منظور علي خان جي ڇاپ برقرار آھي، کيس 1979ع ۾ صدارتي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. ( بشڪريه ڪاوش اخبار )
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو