سنڌ دوستي ۽ دشمني جي پرک

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏5 آڪٽوبر 2014۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    دوست چون ٿا ته سنڌ دوستي ڇا آهي سنڌ دشمني ڇا آهي .....ادا سنڌ دوستي اها آهي ته سنڌ سنڌي ماڻهو ،سنڌي ٻولي جو تحفظ ...مستقبل ۾ ايندڙ اڻاين اگهاين جو تدارڪ ڪري ازالو ڪرڻ ،غير سنڌين جي دشمني تي ٻڌل سوچن تي تالا هڻڻ ،نيست نابود ڪرڻ ...سنڌ جي دشمني اها آهي ته سنڌ جي ويري کي نه سمجهڻ ننڊ ۾ رهڻ سنڌ جو الڪو نه ڪرڻ سنڌ دشمن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملکائي هلڻ هن جي ها سان ها ملائڻ سنڌ جي وسيلن جي پوءِواري نه ڪرڻ غير سنڌي کي ڇڙواڳ رهڻ ڏيڻ ،سنڌي ٻولي کي رائج نه ڪرائڻ سنڌ اسيمبلي جي فلور تي اردو ۾ ڳالهائڻ سنڌي ٿي سنڌي چينل تي اردو ۾ بڪواس ڪرڻ پرائيويٽ اسڪولس جو واڌارو ڪرائڻ جنهن ۾ اردو ته پڙهائي وڃي ٿي پر سٻاجهي سلوڻي سنڌي کي بند وڌا ٿا وڃن، غيرن جي لوڌ غير سنڌي جي هجڻ تي غيرت نه ڪرڻ انهن جي نيڪالي لاءِ نه سوچڻ نه ڪوشش وٺڻ، سنڌو دريا جو فڪر نه ڪرڻ سنڌ جو پيسو سنڌ تي نه خرچ ڪرڻ ،اڌ صدي کان وفاق کي وسيلن جا سڀ پيسا ڏيڻ ۽ سنڌ لاءِ اينايف سي جهڙا بيڪار نقصانڪار طريقا جاري رکڻ ان کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش نه وٺڻ سنڌ جي لاءِ گڏيل فهم کي نه سمجهڻ سنڌ جي ماضي کي سمجهي پنهنجي وجود جي بقا لاءِ ڪوشش نه وٺڻ سنڌي ٿي ڌاري ٻولي اردو ڳالهائڻ يا استعمال ڪرڻ .......جاري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو