• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بد اخلاقيات جا سبب

سنڌ هڪ تمام پيار ڪرڻ وارو خطو رهيو آهي هتان جا ماڻهو نهايت شفيق اهنسا جا علمبردار رهيا آهن ۽ دين مذهب اسلام به عين سنڌ جي تهذيب ۽ جوڙجڪ مطابق اخلاقيات تي زور ڏي ٿو ....پر هي بداخلاقي جو وڌندڙ طوفان ڪٿان آيو دوست پڇن ٿا ....منهنجي اندازي مطابق دوستن کي ڀلي ڀت ڄاڻ به هوندي ...پر شايد اظهار نه پيا ڪن ....هي سڀ گند غلاظت آزادي جي نالي مغرب کان منتقل پئي ٿي اگهاڙپ ۽ عرياني ۽ گار گند هن ترقي يافته تهذيب جنهن ۾ ماءُ پئيءُ ڀاءُ ڀيڻ جي تقدس کي مليا ميٽ ڪري ڪروڙين بيچز ۽ ۽ ننگا هوٽل وجود ۾ آڻي انساني قدرن جو مليا ميٽ ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي ته گانا انگريزي ۽ هندي جن ۾ گار گند ۽ بي حيا ٿيڻ کي ساراهيو پيو وڃي جنهن جي معاشري ۾ ڀرمار آهي اتان ئي هي سڀ بداخلاقيون ماڻهو پيو سکي ...ٻيو سبب بي روزگاري مهنگائي خرچن جو وڌندڙ طوفان پيسن جي نه پورت به هڪ سبب آهي چڙ جو ۽ پنهنجو پاڻ کي عقل قل سمجهڻ به هڪ سبب آهي ٻي جي راءِ کي نه سمجهڻ انا پرستي به هڪ سبب آ ...۽ سوچ جو محدود ٿيڻ به هڪ سبب آ دوست نفسياتي سببن کي به مد نظر رکي سوچن ته هوند چڙ ۽ غصو ختم ٿي ويندو ۽ ننڍي تي شفقت وڏي جو احترام پيدا ٿيندو.....
 
Back
Top