دنيا جي هر قانون ۾ لفظن جي معنى ۽ مفهوم کي وڏي اهميت حاصل هوندي آهي . ڪٿي ڪٿي ته اها معنى بينالاقوامي طور تي ساڳي يا هڪ جهڙي هوندي آهي ،پر ڪڏهين ڪڏهين لسانيات جا ماهر۽ قانوندان يا عدالتون پنهنجي پنهنجي سوچ ويچار مطابق يا ڪي مخصوص مطلب حاصل ڪرڻ خاطراهڙن لفظن جي معنى ۽ مطلب ڪڍي فيصلا صادر ڪنديون آهن .ڇاڪاڻ ته بهترين ادبي ٻولين يا زبانن ۾ ڪنهن هڪ لفظ جون ڪيتريون ئي معنائون يا مطلب هوند آهن ته ،ڪنهن مطلب يا معنى جي لاءِ ڪيترائي لفظ موجود هوندا آهن . پوءِ هر قانوندان پنهنجي حق ۾ فيصلي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهڙين معنائن جو سهارو وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن . اهڙين ڪوتاهين کان بچڻ جي لاءِ ڪڏهين ڪڏهين ته هر قانون جي ڪتاب يا پاس ڪيل ايڪٽ يا نافظ ڪيل آرڊينينس جي شروعات ۾ اهڙن لفظن جي تشريح ڪئي ويندي آهي يا مطلب ڏسيو ويندو آهي .