السلام عليڪم و رحمت الله وبرڪاته.... منهنجي سڄڻ دوستن پيارن عزيزن ۽ گھڻگھرن کي حج ۽ عيد سعيد جون لکين واڌايون.توهان لاء نيڪ تمنائون شل شاد و آباد هجو. منهنجا دوست ايترو ڪجھ سٺو لکن پيا جو مونکي هرو ڀرو لکڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي پر ڪڏهن خاص طرح هڪ ڪيفيت طاري هوندي آهي ته دوستن سان حال ونڊجي جنهن کي توهان وجداني ڪيفيت به چئي سگھو ٿا. وجدان جو مقصد اهو نه آهي ته ڪو مان ولي الله ٿي ويو آهيان پر وجداني قوت چئجي اندر جي خيال کي جو خود به خود پيدا ٿئي يعني اندر جو آواز ،تقاضا ،خواهش ،ارادو يا عمل جيڪو پنهنجو رستو پاڻ ڳولي لهي .انهيء لاء ڪنهن ٻئي جي رهنمائي جي ضرورت نه هجي. خيال اڌما ڏئي ايندا آهن ۽ غائب ٿي ويندا آهن.انهن کي يڪجا ڪري پنهنجو مافي الضمير پيش ڪرڻ ڏکيو عمل آهي.ڪن دوستن ۾ اها خوبي بدرجه اتم موجود آهي ..ان ڪري انهن کي پڙهندو آهيان ۽ لطف اندوز ٿيندو آهيان.سکڻ سيکارڻ جوعمل جاري هجي. هي بهترين فورم آهي اظهار خيال جو. مونکي فخر آهي ته منهنجا دوست گونا گون خوبين جا مالڪ آهن.هتي عموما دوست هڪ ٻئي کان شاڪي نظر اچن ٿا پر مونکي ڪا شڪايت ڪانهي، وڏن اديبن ليکن جو ڪم آهي نوجوان ليکڪن جي حوصله افزائي ڪن.وڏن شاعرن کي نوجوان شاعرن جي ڪچي ڦڪي شاعري تي منهن ڦٽائڻ نه گھرجي انهن جي رهنمائي ڪيو. لکندڙ دوستن کي ۽ دانشورن کي اپيل آهي ته مذهب ۽ سياست جي نامراد چڪر مان نڪري خالص پنهنجي طرفان ڪا نئين شي ،ڪا نئين جھت ،ڪا تازي امنگ، ڪو منزل جو نشان نوجوان نسل کي ڏسين ...باقي قول اقرار حوالا نصيحتون اسان مان هر هڪ کي برزبان ياد آهن ...لکندڙن کي به شاباش هجي جو ساڳيو قول هڪ دفعي ارسطو ته ٻئي دفعي لقمان ٽئين دفعي لارڊ رسل سان منصوب ڪيو ڪنفيوزن پيدا ڪندا رهن ٿا. وڌيڪ اوهان لاء کوڙ دعائون ....شل سنڌ ۽ سنڌ واسي آباد هجن.