ڪائنات سومرو ۽ ”آئوٽ لاڊ ان پاڪستان“

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏5 آڪٽوبر 2014۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ڪائنات سومرو ۽ ”آئوٽ لاڊ ان پاڪستان“

    ميهڙ ۾ اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ٿيل ڪائنات سومرو تي ٺهيل دستاويزي فلم ايمي ايوارڊ ماڻي ورتو آهي پر متاثر ناري کي مڪمل انصاف اڃا تائين پلئه ناهي پئجي سگھيو. 13 سالن جي ڄمار ۾ ڪائنات سومرو سان بيان موجب ٿيل لڄالٽ بابت ٺهيل دستاويزي فلم ”آئوٽ لاڊ ان پاڪستان“ کي بهترين تحقيق تي ايمي ايوارڊ سان نوازيو ويو.
    35 هين نيوز اينڊ ڊاڪيومينٽري ايمي ايوارڊ جي شاندار تقريب اڱاري واري رات جي رنگينين سان آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ ٿي.آئوٽ لاڊ ان پاڪستان فلم جي ڪهاڻي ست سال اڳ ڪائنات سومرو سان ٿيل لڄالٽ ۽ ان کان پوءِ ان هلندڙ ڪيس جي بابت ٺاهي وئي آهي. هن دستاويزي فلم کي ايمي ايوارڊ جي ٻن شعبن لاءِ نامزد ڪيو ويو هو.
    53 منٽن جي مختصر وقت تي ٻڌل هي فلم آمريڪي چينل پي بي ايس جي پروگرام فرنٽ لائن لاءِ تيار ڪئي وئي هئي. هن فلم جي فيلڊ پروڊيوسر ميشا رضوي موجب فلم پنج سالن تائين جاري رهندڙ تحقيقاتي صحافت جي منصوبي بابت جوڙي وئي هئي جيڪا گذريل سال مڪمل ٿي. ”آئوٽ لاڊ ان پاڪستان“ هن کان اڳ به ٻه ڀيرا عالمي رپورٽنگ جا ٻه ايوارڊ پڻ ماڻي چڪي آهي. جڏهن ته ان کي سنڊينس فلمي ميلي ۾ پڻ نمائش لاءِ پيش ڪيو ويو هو. هن فلم جو مک ڪردار ميهڙ جي رهواسڻ ڪائنات سومرو آهي ۽ هي فلم سن 2007ع ۾ ساڻس ٿيل لڄالٽ کان پوءِ انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ سندس والدين جي ڪوششن تي ٻڌل آهي. هن واقعي وقت ڪائنات سومرو جي عمر 13 سال هئي ۽ هو ستين ڪلاس ۾ پڙهندي هئي.
    2010ع ۾ ڪراچي جي هڪ عدالت هن ڪيس ۾ نامزد ڪيل چئني جوابدارن کي لڄالٽ جي الزام مان بري ڪري ڇڏيو هو پر ڪائنات سومرو جي خاندان انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ همت نه هاري. ڪائنات ۽ سندس مائٽ ڪيترو ئي وقت ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران بک هڙتال تي ويٺا رهيا ۽ ميڊيا ۾ هن معاملي کي وڏي ڪوريج ملڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ جي تڏهوڪي چيف جسٽس چوڌري افتخار ان واقعي جو پاڻ مرادو نوٽيس ورتو هو.
    ڪائنات سومرو جو چوڻ آهي ته ميشا رضوي منهنجي زندگي جي عڪاسي ڪري سنڌ ۾ نياڻين تي ٿيندڙ ظلم کي وائکو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جوابدارن رڳو منهنجي لڄ نه لٽي هئي پر منهنجي سڄي خاندان کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته جوابدارن پاران ڪيل زيادتي منهنجي لاءِ سڄي زندگي جو روڳ آهي، انصاف جي جدوجهد ۾ نه رڳو ڄاڻايل جوابدارن منهنجي ڀاءُ صابر سومري کي قتل ڪرايو پر سڄي خاندان کي دربدر ڪري ڇڏيو. هن چيو ته عدالتن مان مليل انصاف تي مطمئن آهيان، پر سپريم ڪورٽ سوڌو اعليٰ عدالتن جي نوٽيس تي پوليس انتظاميا تحرڪ نه ورتو، جنهن سبب اڃا تائين جوابدار آزاد آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو