ڪراچي تبديل پئي ٿئي...؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏5 آڪٽوبر 2014۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ڪراچي تبديل پئي ٿئي...؟

    الطاف حسين جي ويجهڙ ۾ ڏنل متضاد بيانن کي سمجهڻ مشڪل آهي. هڪ ڏينهن هو فوج جي اقتدار ۾ اچي ڊگهي مدي وارو نگران سيٽ اپ قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو ته ٻئي ڏينهن وري سندس جماعت کي ڀت سان لڳائڻ جو الزام هڻندي اسٽيبلشمينٽ تي سخت ڇوههَ ڇنڊي ٿو، سو هاڻي اهڙي راءِ جون ڪڙيون هڪٻئي سان ڪيئن ٿيون ملائي سگهجن، سو انهن کي تصورن تي ڇڏڻو پوندو.
    اسان جي سياسي اڳواڻن جو تڪراري هجڻ ڪو غير معمولي ناهي. پر ايم ڪيو ايم جي سربراهه تي مٿاڪُٽ مرڳو جوکم جو ڪم آهي. سندس طويل ٽيليفونڪ خطاب هجن يا سڌيءَ طرح ٽيلي ويزن انٽرويوز، اهي نه متاثر ڪن هجن ٿا مرڳو سندس ئي پوئلڳن جي لاءِ تفريح جو ذريعو؟ ان جو فيصلو به سندس پوئلڳن تي ٿا ڇڏيون.
    الطاف حسين لاءِ پارٽيءَ جي رابطا ڪميٽي ٽوڙڻ يا وري پارٽي قيادت ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏيڻ لڳ ڀڳ معمول بڻجي ويو آهي، اهو سڀ ڪجهه پنهنجي جاءِ تي پر ايم ڪيو ايم اڃا به ملڪ جي هڪ منظم ۽داٻي واري سياسي جماعت بڻيل آهي. قيادت جي لڳ ڀڳ ٽن ڏهاڪن کانپوءِ به ڪيترائي لاها چاڙها ڏسڻ باوجود سندس عوامي بنياد قائم آهي، پر ڇا ملڪ جي وڏي ۾ وڏي شهر معاشي مرڪز ۾ پنهنجي ناقابل چيلينج سياسي برتري ايم ڪيو ايم جي هٿن مان کسڪڻ شروع ٿي وئي آهي؟ الطاف حسين جي تبديل ٿيندڙ بيانن ۽ پاليسيءَ مان سندن وڌندڙ عدم تحفظ عيان آهي. اندروني توڙي ٻاهرين ٻنهي پاسي جي دٻاءَ پارٽيءَ جي قيادت کي ڌوڏي ڇڏيو آهي، لنڊن جي ميٽروپوليٽن پوليس طرفان عمران فاروق قتل ڪيس توڙي مني لانڊرنگ واري ڪيس جي ٿيندڙ جاچ هن جماعت لاءِ ڳڻتيءَ جو باعث بڻي آهي. پر ان کان وڌيڪ ڳڻتيءَ جو ڪارڻ ملڪ جي سڪيورٽي ايجنسين جو پارٽيءَ بابت موقف آهي، جن لنڊن واري ڪيس جي ٻن شڪين کي پاڻ وٽ رکيو آهي. مبينا طور ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث پارٽيءَ جي ميمبرن خلاف ڪريڪ ڊائون ويتر ايم ڪيو ايم کي دٻاءَ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. جنهن منجهان ئي پارٽي قيادت جي ڪڏهن گرم ۽ ڪڏهن وري ماٺو ٿيڻ جي ماجرا سمجهه ۾ اچي ٿي. هڪ پاسي اها سڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي خوشنودي ڪندي نظر اچي ٿي ته ٻئي پاسي وري چئي ٿي ته ڪارڪنن جي عدالت کان مٿاهن قتلن ۽ گرفتارين ذريعي کيس سوڙهو ڪيو پيو وڃي.
    1984ع ۾ وجود ۾ اچڻ کان وٺي ايم ڪيو ايم ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ لاڳاپا پيار ۽ نفرت ٻنهي وارا پئي رهيا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ڪراچي توڙي سنڌ جي ٻين شهري علائقن ۾ هن تنظيم جي اڀري اچڻ جو بنياد لسانيت آهي. ڪيترائي ماڻهو ته يقين سان چون ٿا ته شهري بنياد رکندڙ مهاجر پارٽيءَ جو قيام اصل ۾ جنرل ضيا جي فوجي سرڪار جو سنڌ ۾ پ پ تي سياسي ڌاڪو ڄمائڻ جو هڪ حربو هو. ملڪ اندر 1988ع ۾ جمهوري راڄ جي واپسيءَ کان پوءِ به ايم ڪيو ايم ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ ۾ ڪنهن نه ڪنهن نموني لاڳاپو ۽ رابطو به رهندو پئي آيو آهي. پر انهن لاڳاپن ۾ انتهائي سخت تلخي 1990ع جي ڏهاڪي ۾ ان وقت ڏٺي وئي جڏهن ملڪ جي معاشي مرڪز واري هن شهر تي ايم ڪيو ايم جي اجارا داري ۽ ڌاڪي سيڪيورٽي ايجنسين کي ڳڻتيءَ ۾ آڻي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 1992ع ۾ هن گروهه خلاف تباهه ڪن فوجي آپريشن ٿيو، پارٽيءَ کي تڏهن ئي ڳجهن ادارن ورهائي ڇڏيو ۽ الطاف حسين سميت پارٽيءَ جي اڪثر قيادت ملڪ ڇڏي ڀڄي وئي.
    پارٽيءَ ۾ ڌاڙابنديءَ بعد ڌڙن ۾ ٿيل ويڙهه جي نتيجي ۾ ڪيترائي سينيئر اڳواڻ مارجي ويا، پر بريءَ طرح ٿيل ٽوڙ ڦوڙ باوجود هن ڪريڪو ڊائون مان پارٽي بچي وئي. 1995ع واري پوليس آپريشن ۾ پارٽيءَ جي ڀوائتي هٿياربند ونگ جون پاڙون پٽڻ سبب به پارٽيءَ کي سخت ڌچڪو رسيو، سو ستم ظريفي چئبي ته ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر فوجي راڄ جي ور چڙهي ويو ۽ جنرل مشرف جي نگرانيءَ ۾ هيءَ تنظيم نئين سِر منظم ٿي وئي. ايندڙ ستن سالن تائين اها فوجي اڳواڻيءَ ۾ قائم ٿيل انتظاميا جو اهم حصو رهي. ان عرصي دوران 1995ع جي آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس آفيسرن کي هڪ هڪ ڪري انهن جو خاتمو ڪيو ويو، جنهن جو الزام به پارٽيءَ جي هٿياربند حامين تي هنيو وڃي ٿو. 2008ع ۾ بحال ٿيل سول جمهوري راڄ ۾ به ايم ڪيو ايم گڏيل سرڪار جو حصو رهي. پر هن ڀيري صورتحال ڪافي تبديل ٿيل هئي. نئين اقتداري ڍانچي ۾ محدود هئڻ ۽ هڪ ٻئي ڪريڪ ڊائون سبب جيڪو عدم تحفظ جو احساس منجهنس موجود آهي، سو سندس قيادت منجهان چٽيءَ طرح محسوس ٿئي ٿو،
    الطاف حسين، فوج جي سربراهه کان جيڪي 14 سوال پڇيا آهن، تنهن مان ئي سندن گهيري ۾ هئڻ جو خوف لڳي ٿو، تعجب جي ڳالهه آهي ته هن 1992ع ۽ 1995ع وارن آپريشنن جو معاملو اٿاريو آهي، جيڪو وقتن به وقتن پارٽي قيادت اٿاريندي پئي رهي آهي. سيڪيورٽي ادارن تي ظلم ۽ جبر ڪرڻ جو الزام ڀلي وزندار نه هجي پر ايم ڪيو ايم جي پريشاني بغير سبب جي به ناهي، ڇاڪاڻ جو ان کي اهڙو ئي ماضيءَ جو تجربو به آهي.
    چونڊيل شهري سرڪار جي غير موجودگيءَ ۾ لڳي ٿو ته ايم ڪيو ايم جو ڪراچيءَ تي سياسي ڪنٽرول ڪمزور ٿيو آهي تنهنڪري ڪراچيءَ کي الڳ انتظامي يونٽ جو درجو ڏيڻ وارو پارٽيءَ جو مطالبو سمجهه ۾ اچي ٿو، جنهن جو ٿيڻ موجوده سياسي صورتحال ۾ انتهائي مشڪل ٿو لڳي، مڪاني حڪومتن واري نظام جي به ترت بحاليءَ جو ڪو امڪان نظر نه ٿو اچي، پر جيڪڏهن چونڊون ٿين ٿيون ته پڪ ناهي ته ايم ڪيو ايم ڪراچي شهري سرڪار جو مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري سگهي.
    گذريل هڪ ڏهاڪي دوران شهر ۾ لڏپلاڻ ڪري ايندڙ ماڻهن جي دٻاءَ جي نتيجي ۾ ڪراچيءَ جي آباديءَ جو لساني توازن تبديل ٿيو آهي.سنجيده ڪوششن جي باوجود هيءَ پارٽي پاڻ تان مهاجر ڇاپ لاهي نه سگهي آهي، جنهن سبب ٻين لساني گروهن جي حمايت حاصل ڪرڻ سندس لاءِ انتهائي مشڪل آهي، هي جماعت اڃا به مهاجرن ۾ پنهنجو ڳڙهه برقرار رکي سگهي ٿي پر ان باوجود ان بابت سوال اٿندا رهندا.
    گذريل چونڊن ۾ پهريون ڀيرو ايم ڪيو ايم کي سندس ئي ڳڙهه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف باقاعدگيءَ سان چيلينج ڪيو، جيڪا لساني برادرين جي حمايت حاصل ڪرڻ جي بهترين پوزيشن ۾ به آهي. تبديل ٿيندڙ حالتن سان ڪراچيءَ جي سياسي ڪنٽرول جي صورتحال به تبديل ٿي آهي. شهر جي ايندڙ سياست جو يقين تبديل ٿيندڙ حقيقتن آهر ئي ڪري سگهبو.
    حقيقي معنيٰ ۾ هيءَ وچولي طبقي جي جماعت هن وقت سخت چئلينج کي منهن ڏئي رهي آهي، جيتوڻيڪ هن جماعت کي هڪ شخصيت جي بنياد تي پيو هلايو ويندو رهيو آهي ۽ الطاف کان سواءِ هن جماعت جي مستقبل جو تصور انتهائي ڏکيو آهي ۽ پارٽيءَ تي هن جي لاڳيتي گرفت هن لاءِ وڏو خطرو به ٿي سگهي ٿي.

    (نوٽ: هي آرٽيڪل زاهد حسين جو لکيل آهي، جيڪو ترجمو ڪري هتي پيش ڪجي ٿو: معصوم)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو