مڊٽرم چونڊن جون ڳالهيون مدد علي سنڌي پاڪستان جي سياست، ڪنهن تکي گهوڙي جيان ڊوڙندي پئي وڃي. ايندڙ حالتن بابت في الحال ڪابه تبديلي نظر نٿي اچي، پر سياست جا ماهر ايندڙ سال مڊٽرم چونڊن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. اليڪشن ۾ ڌانڌلين جا الزام عمران خان ۽ طاهر القادري طرفان آگسٽ مهيني کان شروع ٿيا آهن، اهي اڃا به کليل طور تي هنيا پيا وڃن، ڪيترن ماڻهن جو چوڻ آهي ته مڊٽرم چونڊون، بهرحال ٿينديون، ان لاءِ ميدان تيار ٿي رهيو آهي، پيپلز پارٽيءَ جي رهبر بلاول زرداري جو سرگرم ٿيڻ، ۽ پ پ جي ڪاوڙيل ڪارڪنن کان معافي وٺڻ يا نواز شريف جي حڪومت جو نوڪرين تان بندش لاهڻ، سياسي جلسن جو آغاز، ملڪ جي تقدير بدلائيندو، يا نه ته ان تي ڪجهه به چوڻ اجايو آهي. (ايم ڪيو ايم جي الطاف حسين جو سنڌ کي ورهائڻ وارو مطالبو به پاڻکي مقبول ڪرڻ وارو معاملو آهي) گذريل ڪيترن ئي سالن کان جمهوريت جو سفر ته جاري آهي پر جمهوريت ۾ گڊ گورننس جي فقدان، ڪرپشن جي خوفناڪ، باهه بدامني، سياستدانن جي پاڻ ۾ چپقلش، عوام جي بنيادي مسئلن جو حل نه ٿيڻ وارن معاملن خود عوام کي به سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته آخرڪار ٿيندو ڇا؟ جمهوريت سرشتو هڪ تمام دلفريب ۽ دلڪش راهه آهي، پر اها راهه ڪيتري قدر عوام کي سک، ۽ اهنج ٿي پهچائي يا ان معاملي کي ڪير ٿو خراب ڪري، اهو معاملو ۽ مسئلو الڳ ڳالهه آهي، بهرحال ڳالهه ڇا به هجي، عام ماڻهو مايوسي جو شڪار ٿيندو پيو وڃي، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته هي سلسلو بحراني ڪيفيت جو مجموعي طور تي هاڃيڪار آهي، انهي سياسي گرداب يا ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ حڪومت کي (يعني نواز سرڪار) ڪي جتن ضرور ڪرڻا پوندا، ڪيتري وقت کان مايوسي ۽ نراسائي سياست لاءِ هاڃيڪار هوندي آهي. ان لاءِ بهتري جي عمل وارو رستو اختيار ڪرڻ هڪ ذهين سياستدان جو هوندو آهي. پر ڇا ائين ڪرڻ هاڻ ممڪن آهي؟ سياسي ڀونچال مان نواز حڪومت ڪيئن نڪري سگهندي! ان لاءِ کيس پنهنجي اتحادي ساٿين پيپلز پارٽي، اي اين پي ۽ جي يو پي سان گڏ جي ڪهڙا رستا اختيار ڪرڻا پوندا ته اهو هاڻ ممڪن رستو باقي نه رهيو آهي، ان لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ دور جي بدلجندڙ سياسي حالتن ۾ هر سياسي پارٽي پنهنجو وجود بچائڻ لاءِ سرگرم ٿيندي، اها ڪنهن ٻي سياسي جماعت کي سياسي ڀونچال يا ڪُن مان ڪڍڻ لاءِ ڪجهه به مددگار ثابت نه ٿي سگهندي. خاص طور تي ان صورتحال ۾ جڏهن هر ماڻهو سمجهي رهيو آهي ته ملڪي نظام خرابيءَ جي آخري حد تائين پهچي ويو آهي ۽ ڪرپشن، بدامني، انصاف جي عام ماڻهوءَ کي غير فراهمي، بيروزگاري، ترقياتي رٿائن جي پئسن ۾ سئو سيڪڙو گهوٻي، چونڊن جي عمل ۾ خرابي، مجموعي طور تي ملڪي حالتن کي خراب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آهي. وزيراعظم ميان محمد نواز شريف پڻ هاڻ ملڪي نظام ۾ خرابين واري تڪراري معاملي جي اهميت کي مڃيو آهي، ان سلسلي ۾ آمريڪا کان واپس اچڻ وقت لنڊن ايئرپورٽ تي هن جي صحافين سان ڪيل ڳالهه اهم ثبوت آهي، هن اتي اهو چيو ته نظام ۾ خرابي ۽ چونڊ عمل جي خاميءَ کي دور ڪرڻ لاءِ ڪوششون هلندڙ آهن. يقينن اهو هڪڙو اهڙو بيان آهي، جنهن جي اهميت سڀ کان مٿانهين آهي پاڪستان جي سياسي، معاشي، معاشرتي، عدالتي ۽ گهوٽالي ۽ گڊگورننس واري معاملي ۾ انجي صحيح معنيٰ ۾ آجيان ڪئي ويندي، پر ان تي عمل ڪير ڪندو؟ اهوبيان ته اهم پر فقط چوڻ سان ته مسئلا ڪونه حل ٿيندا آهن، مسئلا ته فقط عمل سان حل ٿيندا آهن، حڪمران، پوءِ اهي جمهوريت جا علمبردار هجن يا وري آمريت جي پيداوار ڇونه کڻي هجن، پياري پاڪستان جو عوام گذريل 67 سالن ۾ ڪجهه به حاصل نه ڪري سگهيا، مثال طور اسانجي ملڪ ۾ سرڪاري اسڪولن جي حالت اڄ کان 50 يا 40 ورهيه اڳ ڪيتري نه سٺي هئي، اڄ جا ڪيترا رٽائيرڊ 20 ۽ 22 گريڊ جا ڪامورا انهن ئي سرڪاري اسڪولن مان پڙهي نڪتا ۽ ملڪي حالتن ۾ هنن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، پر انجي ڀيٽ ۾ اڄ جي سرڪاري اسڪولن جي حالت خراب آهي، ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسو، اين جي وي هاءِ اسڪول، حيدرآباد نور محمد هاءِ اسڪول، نولراءِ هيرانند اڪيڊمي، ماڊل اسڪول، حمايت الاسلام اسڪول، ٽنڊي باگي جو مير غلام محمد ٽالپر وارو اسڪول، نوشهري ۽ لاڙڪاڻي جا مدرسا اسڪول يا خيرپور ناز هاءِ اسڪول ۽ نواب شاهه جو ڊي سي هاءِ اسڪول، حيدرآباد جو پبلڪ هاءِ اسڪول ۽ ٻيا هزارين پرائمري اسڪول، ڳوٺن ۽ شهرن جا سنڌ ۾ نشان آهن، ساڳيو حال پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جو آهي، سرڪاري اسپتالن جي حالت اسانجي آڏو آهي، هڪ هڪ صوبي جي حڪومت اربين رپين جون سرڪاري دوائون خريد ڪن ٿيون، پر حالت اها آهي ته سرڪاري اسپتالن ۾ معمولي دوا به مريضن کي نٿي فراهم ڪئي وڃي. نتيجي ۾ اڄ عام احساس محرومي ۽ احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿي ويو آهي، معمولي نوڪري سپاهي جي لکين رپين جي رشوت سان حاصل ٿئي ٿي، ماستر جو اگهه به لکن رپين ۾ آهي، اهو ئي سبب آهي، جو 67 سال گذرڻ کانپوءِ عوام جي اڪثريت کي اهي شڪايتون عام آهن ته کين عزت سان زندگي گذارڻ جو موقعو نصيب ڪونهي. سستو انصاف فراهم ڪونهي علاج معالجي جي سهولت ميسر ڪونهي، روزگار جي حاصلات ممڪن ڪونهي، خود سرڪاري رپورٽون اهي آهن ته هاڻ ملڪ جو آبادي جو هڪ وڏو اڪثريت وارو ڀاڱو غربت جي خوف ناڪ زندگي گذاري رهيو آهي. دولت مند جو ڏينهون ڏينهن کرب پتي ۾ تبديل ٿي رهيو آهي ۽ غريب وري مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙجي رهيو آهي، قومي خزاني کي بيدرديءَ سان ڦريو پيو وڃي، لٽ مار جهڙي صورتحال آهي. جمهوريت ۽ چونڊون ئي هڪ اهڙو رستو هو جنهن جي زريعي ماڻهن کي اميد پيدا ٿي هئي ته سندن وٽ وسيلي، سندن تقدير بدلجندي ۽ سندن مسئلا حل ٿيندا، پر جمهوريت ۽ آمريت ويتر پاڪستان جي مسئلن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. سياست هاڻ پاڪستان ۾ به نسل درنسل ۽ موروثي ٿيندي پئي وڃي، اهو لاڙو خوفناڪ آهي، اهو لاڙو ملڪ کي انارڪي ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي، ماڻهن ۾ اڻ تحفظ ۽ ڪاوڙ اچي وئي آهي، ماڻهو چئي رهيا آهن چونڊن جي نظام ۾ خرابي سبب سندن ووٽ کي بدديانتي ذريعي تبديل ڪيو ويو آهي. دنيا ۾ ڪاوڙ ۽ غصي سبب پيرس ۽ روس جي انقلاب وقت عام ماڻهن مٿس ظلم ڪندڙن کي خوف ناڪ انجام تائين پهچائي ڇڏيو. ڇا هن کانپوءِ حڪومت کي هوش ايندو! ڇا اهي عوامي ڀلائي لاءِ، ڪرپشن جي خاتمي، ڪرپشن ڪندڙن جي احتساب لاءِ عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ تعليم جو نظام بهتر ڪرڻ لاءِ ملڪي خرابي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ اليڪشن واري سرشتي مان خرابيون دور ڪرڻ لاءِ انجي اصلاح لاءِ، گڊگورننس جو نظام ٺاهي لاءِ، اقرباپروري ۽ سرڪاري خزاني جي ڦرمار ڪرڻ واري عمل جي خاتمي لاءِ ڪجهه ڪندا يا وري تاريخ جي خوف ناڪ تبديلي اچڻ جو انتظار ڪندا رهندا، جنهن ۾ پوءِ معاملا سندن هٿن مان نڪري ويندا ۽ عوام پنهنجي صحيح معنيٰ ۾ حاڪميت قائم ڪرڻ لاءِ ڪي اهڙا رستا اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا، جنهن هي سمورو نظام وڃي پنهنجي انجام تائين پهچندو ۽ اهو سفر هلندڙ آهي. انڪري سياسي جماعتن کي پنهنجي حال تي رحم ڪري گڏجي حالتن جو حقيقت پسند رستو اختيار ڪن اهو ئي هن وقت جو حقيقي رستو آهي ۽ ان سلسلي ۾ هاڻ ڪنهن به قسم جي دير ڪرڻ مناسب ناهي.