رياست جو علاج ممڪن ٿي سگهي ٿو؟ وسعت الله خان اڄ ڪلهه مون کي ارڙهين صديءَ جي دهلي ڏاڍي پئي ياد اچي. اورنگزيب ڇا هئو هر خاص ۽ عام، ملڪي و غير ملڪيءَ تي اهو راز فاش ٿي ويو ته مغليه سلطنت جي شوڪت، دٻدٻي جي اوقات هڪ شاندار حويليءَ جي فلمي سيٽ کان وڌيڪ ڪجهه ناهي. ان فلمي سيٽ تي بادشاھ روزانو درٻار لڳائيندو هو، حڪم صادر ڪرڻ جي اداڪاري به ٿيندي هئي. جي حضوريءَ وارا درٻاري عملدارن انهن حڪمن تي عملدرآمد جا ڪاغذي ثبوت به پيش ڪندا هئا، پر ڪوٽ جي اندر جو حال چاندني چوڪ جي بزار کي به معلوم هوندو هئو.ميواتي رهزنن جا جٿا، جڏهن چاهيندا هئا، تڏهن دهليءَ ۾ ڦرلٽ ڪري ٻيلن ڏانهن هليا ويندا هئا ۽ روئندڙ پٽيندڙ فريادي جڏهن ڪوٽ جي عدل جو زنجير اچي لوڏيندو هو ته بادشاھ به ساڻس گڏ آسمان ڏانهن ڏسندي خير جي دعا لاءِ هٿ اُڀا ڪندو هو. ٺڳن جا ٽولا دهليءَ ڏانهن ويندي يا وري دهليءَ کان ايندڙ سوداگرن جي قافلن کي ڦرڻ کانپوءِ کين گهٽو ڏئي ڇڏينداهئا. دهليءَ ۾ اندورني بغاوت ٿيندي هئي ته بادشاھ ڪنهن ميراڻي سردار کي درخواست ڪندو هو ۽ ڪنهن غلام قادر روهيلي کي بادشاھ جي شڪل نه وڻندي هئي ته اهو هن جون اکيون ڪڍي سندس هٿ تي رکي ڪنهن ٻئي کي تخت تي ويهاري روهيل کنڊ روانو ٿي ويندو هو. ڪنهن جي نادر شاھ کي مخبري ذريعي سڌ ملي ته سوين ميل سفر ڪري دهليءَ تي اچي ڪڙڪندو هو. محمد شاھ بادشاھ شهر کان ٻاهر اچي حملي آوار جو استقبال ڪندو هو ۽ نادر شاهي سپاهين هٿان پنهنجن شهرين جو قتل عام ڏسي مٿي تي ٻڌل شاهي پٽڪي جي پاند سان مٿي جو پگهر اگهندي هڪ ڦڪي مرُڪ مرڪندي نادر شاھ کي ڏٺو ۽ نادر شاھ وري کيس پنهنجو ڀاءُ بنائڻ جو اعلان ڪندي پنهنجي پڳ سان محمد شاھ جي پڳ مٽائي ڇڏي، جنهن ۾ ڪوهه نور هيرو ٻڌل هجي ۽ وري محمد شاھ کي عاجزاڻي درخواست ڪئي وئي ته توهان هن سونهري ڪرسيءَ تي تشريف فرمايو ته جيئن تخت ۽ تاج جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري مهري اٺن تي ڪڏائيندو ايران کڻي وڃي سگهان ۽ وري هڪ ڏينهن انگريز آيا. هڪ منظم دٻدٻي جو ٻيو نالو رياست آهي، دٻدٻو ختم، رياست ختم، ان کانپوءِ توهانکي اجازت آهي بي جان بت کي جيستائين چاهيو رياست چوندا ۽ سمجهندا هو. پر رياست اڪثر ايتري سخت جان ضرور هوندي آهي جو هڪ ئي وقت قتل ناهي ٿيندي. ڪڏهن جهنگلي ڪتن جو ولر ان جي پٺيان پئجي ويندو آهي ۽ رياست ٿڪي، سهڪي ڪري پوندي آهي. پوءِ ڪو بگهڙ ڄنگهه جي ٻوٽي پٽي گوهي ڪندو آهي ۽ رياست ان بگهڙ جي ڳولا ڪرڻ تي وقت وڃائڻ بدران ڄنگهه کي پٽي ٻڌي ڇڏيندي آهي. وري ان لنگڙي رياست تي وڻن ۾ چنبڙيل ڀولڙا هيٺ کان مٿي ۽ مٿي کان هيٺ ٽپا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏين. ڪڏهن ڪنهن مٿي تي رهنڊ هڻي ڇڏي ته ڪنهن وري نڪ ڦٽي وڌو، ڪڏهن وري ڪنهن لڏندي لڏندي ڳچيءَ کي چڪي وڌو. رياست پنهنجي وجود جو ڏس ڏيڻ لاءِ پساھ کڻندي رهندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن خوفناڪ آواز به ڪڍي وٺندي آهي. پر پکي پکڻ ۽ جانور ڄاڻندا آهن ۽ اها سندن ڪجهه به بگاڙي نه به سگهندي، آخر اهو مرحلو به ايندو آهي جو سرڻيون به ان جي چوڌاري لامارا ڏيڻ شروع ڪنديون آهن ۽ رياست سواءِ پٿر جي اکين سان ڏسڻ جي ڪجهه ڪري ناهي سگهندي، وري اهو وقت به ايندو آهي، جڏهن اهي اکيون به ڪڍيون وينديون آهن. هر رياست تي ڪنهن نه ڪنهن وقت بُرو وقت ضرور ايندو اهي پرجيڪي رياستون پهرين جهٽڪي يا حادثي کان پوءِ احتياط ۽ پرهيز جي حڪمت عملي اختيار ڪري وٺنديون آهن اهي نه رڳو بچي وينديون آهن پر هڪ صحتمند ڊگهي ڄمار مان به لطف اندوز ٿينديون آهن، جيڪي رياستون هر ننڍي وڏي جهٽڪي يا حادثي کي ”جيڪا رب جي رضا“ چئي اڳتي وڌي وينديون آهن يا ” ڌوڙ وجهوس“ جو ورد ڪنديون آهن، تن جي فطري قوت مدافعت آهستي آهستي ڪمزور ٿيندي ويندي آهي، جو ڪڏهن اهو وقت به ايندو آهي جڏهن بدامنيءَ جو معمولي نزلو ۽ سازش جو هلڪو بخار به موتمار ثابت ٿيندو آهي. اهڙين حالتن ۾ رياستن ڀلي مرن نه پر معذور ضرور ٿينديون آهن. ڪجهه اپاهج رياستن تي ته عالمي برادري رحم کائي مدد وغيره ڪنديون آهن ته جيئن اهي وري به پنهنجي پيرن تي بيهن، پر اڪثر اپاهج رياست جو معقول علاج معالج ڪرڻ يا ڪرائڻ بدران وارث انهن رياستن کي ريڙهين تي ويهاري خيرات پنڻ لاءِ نڪري پوندا آهن ۽ جڏهن کين ان ۾ مزو ايندو آهي ته پوءِ ان کي مجبوريءَ جي درجي مان مٿي کڻي پيشي طور اختيار ڪري وٺندا آهن هن وقت توهان جيڪي ڪجهه ڏسي رهيا آهيو، سا اصل ۾ بيماري نه پر وقتن به وقتن جسم تي نڪرندڙ اهي ڳڙ آهن، جيڪي رياستي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت جو آلودگيءَ جي شدت جو ڏس ڏين ٿا، اهو ڳڙن/ڦرڙين جي علاج جو ڪو فائدو ناهي، سڀاڻي ٻيا نڪري ايندا. پر ڇا ڪريون جو رياست ۽ ان ۾ رهندڙ سڀ کان سڀ خود تشخيصي ۽ سيلف ميڊيسن تي ايمان رکن ٿا. هي ويهه ڪروڙ ماڻهو پر ويهه ڪروڙ ڊاڪٽر آهن، جن مان ڪير ڪنهن جي تشخيص مان مطمئن ناهي، جڏهن ڪنهن رياست ۾ سڀ کان سڀ سياڻا هجن ته پوءِ مريضن جو علاج ڏاڍو مشڪل هوندو آهي. هاڻي شايد هڪ ئي طريقو آهي. سڀ کان پهريان دماغي علاج ٿئي ته جيئن ذهني طرح ٺيڪ ٿيڻ بعد هي ڪنهن اثرائتي ۽ جديد جسماني علاج لاءِ راضي ٿي سگهن. ٻي صورت ۾ هي سڀ هتي رڙي رڙي مري ويندا ته اڙي بڪواس نه ڪر، تينو ڪي پتا، مين اصل گل دساوان
محترم معصوم سندي صاحب ! اهڙن معلوماتي مضمونن کي سنڌ سلامت جي زينت بنائڻ وارو ڪم اوهان کي ئي سونهين ٿو ،ان لاءِ اوهان کي جس هجي. اميد ته اها ڪوشش ۽ ڪاوش جاري رکندا . اسان جهڙن اڃايلن جي اڃ اجهائڻ جو انتظام ڪندا رهندا ته نوازش ٿيندي رهندي .