سانگهڙ جو لازوال ڪردار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏5 آڪٽوبر 2014۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سانگهڙ جو لازوال ڪردار ڊاڪٽر ڀاڳ چند هرداساڻي

    جڳ جهان کي امن، شانتي ۽ انسانيت جي عظمت جو درس ڏيندڙ صوفين جي هن سرزمين تي انسان ذات جي خدمت لاءِ ڪيترن ئي سپوتن جنم ورتو آهي، جن مذهب، رنگ ۽ نسل جي فرق کان مٿانهون ٿي خلقِ خدا جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. اهڙن انسانن جي فهرست ۾ هڪ نالو سانگھڙ جي ڊاڪٽر ڀاڳ چند هرداساڻي جو پڻ آهي، جيڪو پنهنجي ذات اندر هڪ شخص نه پر هڪ ادارو هو. جنهنجو نصب العين اڙلن جو آڌار بنجي امن ۽ شانتي جو وکر ورهائڻ هو.
    ڊاڪٽر ڀاڳ چند هرداساڻي سانگهڙ جي هڪ ننڍڙي شهر کڏڙي ۾ آسومل هرداساڻي جي گهر ۾ 20 اپريل 1940ع تي جنم ورتو، جيڪو درگاهه لنواري جو مريد هو، مقبوليت جي ڪري 1974ع ۾کيس هندو پنچائت سانگهڙ جو صدر چونڊيو ويو، جنهن دوران هن ضلعي جي مندرن، مساڻن ۽ ڪميونٽي هالن لاءِ وڏا ترقياتي ڪم ڪرايا، سانگهڙ جي اقليتي برادري جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ آواز اٿاريو. هن جي مخلصانه طبيعت جي ڪري ”پير پاڳارو“ شاهه مردان شاهه کيس گھڻو ڀائيندو هو.
    سانگهڙ جي دوري دوران پير پاڳارو ڊاڪٽر صاحب جي دعوت کائيندو هو ۽ علاج وغيره به کائنس ڪرائيندو هو. پاڳاري جي ويجهڙائي جي ڪري هو اقليتن جي مسئلن بابت روبرو ۽ فون تي مدد وٺندو هو. ڊاڪٽر ڀاڳ چند سانگهڙ ۾ ”سگا“ جو بنياد وجهندڙن مان هو، پاڻ وڏو عرصو ”سگا“ جو ضلعي صدر به رهيو، سندس صدارتي دور ۾ هر سال اکين ۾ چمڙيءَ جي مفت علاج جون ڪئمپون لڳيون، ڪتابن جي مهورتن سميت ڪيترائي ادبي ميڙاڪا پڻ ٿيا.
    ڊاڪٽر ڀاڳ چند اقليتن جي ڌار چونڊ سرشتي خلاف مهم هلائي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو، ريليون ڪڍيون ۽ ان نظام کي ناڪاره قرار ڏنو.
    هو فنڪشنل مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تان 2002ع کان 2007ع تائين ايم. پي. اي. رهيو. ان دوران ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي هندن جي مسئلن لاءِ اسيمبلي ۾ آواز اٿاريو، پنهنجي ضلعي ۾ ڪمپيوٽرائز ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ مهم هلائي ۽ نادرا جو گاڏيون ڳوٺن ۾ موڪلي ان مهم کي ڪامياب بڻايو.
    عوام جو هي خادم 29 آگسٽ تي 2012ع ديهانت ڪري ويو. ۽ اسان کان وڇڙي کيس ٻه سال گذاري ويا آهن.
    تحرير: حاجي احسان ميمڻ (حاجي بابا)

    [​IMG]
     
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    Ada awhan ehri shakhsyet jo ziker kaio ahe smjho asan je kehen rashtidar jo zikar kaio ahy..dr sahib je lay ke bi word's moun wott nahen.
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو