ڪامريڊ عاصم آخوند تاريخ جو ماڻهو وقت ڪيڏو نه بي رحم ۽ انسان ڪيترو نه بي وس آهي پاڻ کي فنا ٿيڻ کان روڪي نه ٿو سگهي. انساني تاريخ ۾ صرف فرد جو ڪردار زنده رهي ٿو ايئن لڳي ٿو، ڄڻ ڄائو ئي نه هئو ؟ سندس جسم زمين ۾ شامل ٿي وڃي ٿو . 2 سيپٽمبر جو ڏينهن سنڌ جي عظيم مارڪسي استاد ڪامريڊ عاصم آخوند جي وڇڙڻ جو ڏهاڙو آهي. ڪامريڊ عاصم سان اسان جي دوستي تمام گهري هئي يا نه پر اسان لاءِ اها ڳالهه قابلِ فخر رهندي ته هو جيترو به عرصو بيماري دوران اسپتال ۾ رهيو اسان سندس خدمت ۾ پيش پيش رهياسين .عاصم پنهنجي پهرين آپريشن مان ڪافي مطمئن هو اسان عزيز آباد واري علائقي جي طبي اسپتال ۾ وٽس روز حاضري ڀرينداهئاسين آپريشن کان پوءِ پرائيويٽ روم اسان جي ڪچهرين جو مرڪز بڻيل هو. عاصم جي آپريشن جي خبر ليبر پارٽي ليفٽ جي سموري حلقي ۾ باهه پکيڙي ڇڏي هئي. جتي ڪراچي ۾ رهندڙ ملڪ جي ناميارن ڪميونسٽ ۽ ترقي پسندن اڳواڻن پاران ڪيل عيادتن ڪامريڊ عاصم جي جي بيمار ۽ با پاس ٿيل دل کي متحرڪ ڪري ڇڏيو هو. عاصم صحتياب ٿيڻ کان پوءِ پنهجي گهر حيدرآباد روانو ٿي ويو. گلستانِ سجاد ۾ آرامي ٿيڻ بجاءِ ملاقات لاءِ اچڻ وارن نظرياتي ساٿين کي سياست، علم، ادب ۽ فلسفو پنهجي جوهري انداز ۾ پڙهائيندو ۽ سمجهائيندو رهيو . عاصم صحتيابي طرف سفر ڪرڻ شروع ڪيو.جنهن کان پوءِ وري اسان جون محفلون شروع ٿي وڃن ٿيون پرائيويٽ روم اسان لا هڪ دفعو وري سکيا گهر بڻجي وڃي ٿو اسان سڀ عاصم وٽ گڏ ٿيندا هئاسين جتي اسان جا ڀوڳ عاصم جي دل کي باغ بهار ڪري ڇڏيندا هئا. اها 31 آگسٽ جي شام هئي جو اسان سڀ پارٽي دوست ڪامريڊ شهيد نظير عباسي سوشلسٽ اسڪول جا ٽي ڏهاڙا ڪاميابي سان پورا ڪري سندس مارڪسي راءِ ٻڌڻ لاءِ حاضر ٿيا هئاسين. ان وقت ڪامريڊ تمام گهڻو خوش هو اسان کان جڏهن دوستن جي نظرياتي پختگي جي باري ۾ راءِ وٺڻ لڳو مون ڀوڳ ڪندي چيو ته ڪامريڊ اوهان جي غير موجودگي ۾ اسان وڏا (بلينڊر) ڪوڙ هنيا آهن پاڻ ان ڳالهه تي ٽهڪ ڏنائين سندس ان مرڪندڙ لهجي ۾ مون ۽ نثار به ٽهڪ ڏئي سندس چهري کي وڌيڪ کيري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. ايئن ئي کلندي کلندي اسان سڀ پنهنجي پنهنجي منزل طرف وڌياسين.اسان مان ڪنهن کي به خبر نه هئي اسان سندس مرڪندڙ وڏا ٽهڪ نه ٻڏي سگهنداسين. 2 سيپٽمبرجي ان اڀاڳي ڏينهن اسان کان وقت جو سقراط، مارڪس، اينگلز، لينن ۽ گرامچي جهڙو دما غ رکندڙ مارڪسي انقلاب جو قائد وڇڙي ويندو. آئون هڪ ڏينهن جي وٿي بعد ليبر پارٽي جي آفيس (جيڪا پڻ آغا خان اسپتال جي سڏ پنڌ تي آهي) جتي مون کي شيرباز ٻڌايو ته ڪامريڊ عاصم جي طبيعت خراب ٿي پئي آهي آئون هڪ دم پوئتي ڊوڙ پائيان ٿو تڪڙو تڪڙو اسپتال پهچان ٿو. ان جڳهه تي بيهي رهان ٿو جتي حسبِ معمول اسان سڀ دوست عاصم سان ڪچهري ڪندا هئاسين اتي مون کي ڪو به پارٽي ڪامريڊ نظر نه ٿو اچي آئون ڪامريڊ ناصر جو نمبر ڊائل ڪيان ٿو جيڪو هلڪي لهجي ۾ هيلوڪري منهنجي اندر کي پريشان ڪري ڇڏي ٿو مون کي چوي ٿو روم ۾ اچو آئون هڪ دم روم طرف ڊوڙان ٿو اندر داخل ٿيندي ئي مون کي امان زينت جون دانهون ڀورا ڀورا ڪري ڇڏين ٿيون امان مون کي سڏڪا ڀريندي چوي ٿي هو ته ويو هليو. پوري ڪمري ۾ دانهون ۽ رڙيون شروع ٿي وڃن ٿيون مان پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيان ٿو اسان سڀ ڪامريڊ اجي مڙ جي اڳيان پاڻ کي بت وانگر محسوس ڪريون ٿا. موت اسان کان عاصم جي زندگي واري جنگ کٽي وٺي ٿو اسان سڀ کان وقت جو مارڪس ڏور هليو وڇي ٿو. اسان ڪاعذي ڪارروائي کا ن پوءِ سندس مڙه کي کڻي حيدرآباد طرف روانه ٿي وڃون ٿا، ڪامريڊ عاصم آخوند کي اسان کان جدا ٿئي 6 سالن ٿي چڪا آهن پر اسان جي هي دل جنهن جي هڪ هڪ حصي کي عاصم پنهنجي فلسفياڻي ڏاهپ سان جوڙي ان ۾ مارڪسزم جي سچ کي ائين اوڻي ويو آهي جو ان جي اندر هزارين صدين تائين سندس منطق جي سچائي عاصم جي گهر جي چائنٺ چمندي رهندي . ساروڻيون سرجيندڙ : سجاد ظهير