• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪجه هائيڪا عيد جي نسبت سان

عيد جي نسبت سان ڪجه هائيڪا

متان چئو اسان ڪين ڪئي عيد
ڪجه ڳوڙها ڪجه سسڪيون
سنڌ لئه ڀريل ديد

متان چئو اسان وٽ نه آهي عيد
پيسن هوندي غريب ماڻهو
ڇڳل ڪپڙا ڇيد

عيد اسان وٽ هينئن آ آ ئي
سڏڪي سنڌي ماڻهو سک لئه
ڪهڙي ڪوڙي ڪهڙي سچائي

عيد اسان وٽ اهڙي آهي
ڌرتي لئه غدار ٿو ڌوڪي
سڏڪن سسڪين جهڙي آهي

ڪو گوشت لئه ٿو ٻار ٻاڪاري
ڪو کلن تي آ جيهڙي ۾ گم
ڪو پنهنجي جيون کي ڦٽڪاري

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top