عيد ۽ ڀڳل رانديڪو خادم گھراڻو صبح جنهن وقت ڪڪڙن ٻانگون ڏيڻ شروع ڪيون ان وقت گلڻ ۽ ان جي گھر واري ننڊ مان سجاڳ ٿيا ڪجھه پلن کان پوءِ آذان به اچڻ شروع ٿي . گلڻ جلد وضو ڪري مسجد طرف وڃڻ لڳو پٺيان هن جي گھر واري ماني پچائڻ لاءِ رک سان ڍڪيل ٽنڊن تي سرن جا ڪانا ڪاغذ وجھي ان کي دکائڻ لڳي جيئن ماني تيار ڪري وي ۽ گلڻ ماني کائي منجھند جي لاءِ پنهنجي ماني کڻي روزي جي تلاش ۾ نڪري . هن جي ڪوشس کان پوءِ باهه ٻري ويئي ۽ اٽو ڳوهي ماني پچائڻ لڳي جيئن ماني پچي پوري ٿي ته گلڻ به مسجد مان گھر اچي ويو ۽ هن جي گھر واري چيس ته ٿورو انتظار ڪري ته پٽاٽا تري وٺان ۽ چانهه ٺاهي وٺان پوءِ تون ناشتو کائي رزق جي تلاش ۾ نڪري وڃ . جنهن تي هن چيو جيئن تنهنجي مرضي اڪبر جي ماءُ ، اڪبر هنن جو لاڏلو پٽ هو جنهن جي عمر پنج سال کن مس هئي جيڪو هنن کي ڪافي وقت کان پوءِ مليو هو جنهن ۾ ڄڻ هنن جو ساهه هوندو هو .گلڻ کٽ تي ويهي رهيو هن جون نظرون هن جي پٽ ۾ هنيون پر هي سوچن جي سمنڊ ۾ مڏل هو هن جي چهري تي اداسي هئي ڪا ڳالهه هئي جيڪا هن جي اندر ۾ وڍ وجھي رهي هئي . جڏهن هن جي گھر واري ماني کڻي آئي ته تڏهن به هن کي ڪل نه پيئي ته هن جي گھر واري ماني کڻي آئي آهي . هن جنهن وقت پنهنجي ور کي اداس ڏٺو ته ان کان پڇيائين ته ڇا ڳالهه آهي تون اداس ڇو آهين . جيڪڏهن تون غربت ڪاڻ اداس آهين ته ان جو فڪر نه ڪر اهو پنهنجو نصيب آهي اهو پنهنجي امتحان آهي پاڻ کي صبر ڪرڻو جيڪو رب جي طرفان هوندو اهوئي ملندو . پاڻ کي رب پاڪ جيڪو هي جھوپڙو ڏنو آهي ان ۾ پاڻ خوش آهيون . اڪبر جا پيءُ اداس نه ٿي اڪبر جي صورت ۾ پنهنجي دولت اها آهي پاڻ ڏک سهي به هن کي سکيو رکنداسين . جنهن تي گلڻ چيو ته مون کي ها ڳالهه ته جھوري رهي آهي جنهن تي هن جي گھر واري چيو ته اها وري ڪهڙي ڳالهه جنهن جي ورندي اکين لڙڪ لاڙيندي گلڻ چيو ته اڪبر مون کي فرمائش ڪئي آهي جنهن کي مون کي پورو ڪرڻو آهي جيڪڏهن اڪبر جي فرمائش پوري نه ڪيم ته هيءُ ڏکارو ٿي ويندو . آئون هن کي ڏک نٿو ڏيڻ چاهيان . جنهن تي هن جي گھر واري چيو ته اڪبر ڪهڙي فرمائش ڪئي آهي جنهن تي گلڻ اداس لفظن چيو ته هن مون کي چيو آهي ته سڀاڻي عيد تان منهنجي لاءِ چاٻي وارو رانديڪو وٺي اچجان هاڻ اهو هڪ سو کان گھٽ ته نه ملندو هر عيد تي آئون ڏهن روپين وارو رانديڪو وٺي ايندو آهيان جنهن تي اڪبر خوش ٿي ويندو آهي هن دفعي هيءُ چوي ٿو ته مون کي چاٻي وارو رانديڪو کپي . هاڻي تون ٻڌائي اڪبر جي ماءُ پاڻ وٽ ايترا ڏوڪڙ ته نه آهن پاڻ واري زندگي روز آنيون روز چاڙهيون واري حساب سان گذري رهي آهي . جنهن تي هن جي گھر واري چيو ته تون سوچن جي ساگر مان نڪر سڀاڻي رب سڻائي ڪندو اڪبر کي آئون پاڻئي رانديڪو ڏينديس . تون سوچن مان نڪري پنهنجي روزي جي تلاش ۾ وڃ . اڪبر گھر مان اداس مرڪ لبن تي آني نڪتو ۽ پنهنجي منزل طرف روانو ٿي ويو . هن جي گھر واري جيڪا سگھڙ هئي جنهن هن جي درد کي محسوس ڪيو هنن جو اهوئي هڪڙو ئي پٽ هو هن پاڻ وٽ لڪل ڏوڪڙ ڪڍيا جيڪا پنجاهه کن ٿيا هن سوچيو ته ڪجهه ڏوڪڙ هي آهن ڪجھه هن جو پيءُ آڻيندو پنهنجي گلن جھڙي پٽڙي جو رانديڪو اچي ويندو ۽ هو باغ بهار ي ويندو . شام جو جڏهن گلڻ گھر آيو ته هن جي چهري تي خوشي هئي هن پنهنجي گھر واري کي چيو ته اڄ رب پاڪ جام روزي ڏني آهي اڄ پن سو روپيا ڪمايا آهن هاڻي منهنجي پٽ جو چاٻي وارو رانديڪو اچي ويندو ڀلي ڪيتري به ملي آئون پنهنجي پٽ کي رانديڪو وٺي ڏيندس . ٻئي ڏينهن صبح جو سوير گلڻ تيار ٿي عيد نماز پڙهڻ جي لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري رهيو هو ته هن جي ننڍڙي اڪبر هن کي اچي قابو ڪيو ۽ پنهنجي ٻاتن ٻون سان چيو ته بابا منهنجي لي بابي والو تاندينڪو ولي اچتان . هن پٽ کي پيار سان ڀاڪر پاتو ۽ چيو ته منهنجي سهڻي لاڏلي لاءِ کوڙ چاٻي وارا رانديڪا وٺي ايندس . هيءُ عيد نماز پڙهڻ لاءِ ويجھي شهر ڏانهن هليو ويو عيد نماز کان پوءِ هن پنهنجي ننڍڙي لاءِ هڪ سهڻو چاٻي وارو رانديڪو ورتو ۽ واپس ڳوٺ طرف اچي رهيو هو هن جي ذهن ۾ خيال اچي رهيا هئا ته منهنجو ننڍڙو اڄ ڏاڍو خوش ٿيندو هن نئين رانديڪي سان راند ڪندو اڄ هن جو ارمان آئون پورو ڪري وڃي رهيو آهيان . هيءُ خوش خوش گھر ڏانهن اچي رهيو ته رستي تي ڪجھه اوباش جوان جيڪي موٽر سائيڪل تي اچي رهيا هئا هنن جي اسپيد آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي هئي ڪنهن وقت هڪ ويل تي ڪنهن وقت ٻن ويلن تي ڪنهن وقت روڊ جي هڪ طرف ته ڪنهن وقت ٻئي طرف موٽر سائيڪل هلائي اچي رهيا هئا ڄڻ هنن کي پنهنجي زندگي پياري نه هئي ۽ نه ٻئي ڪنهن جي حياتي جو خيال هو . اوچتو هڪ ڌماڪو ٿيو موٽر سائيڪل گلڻ کي لڳو هيءُ هڪ طرف وڃي ڪريو رانديڪو هن جي هٿ ۾ قابو هو جيڪو ٽٽي ويو هنن اوباش نوجوانن کي ڪو به خيال نه آيو ته گلڻ ڪيئن آهي زنده آهي يا مري ويو هو پنهنجي موٽر سائيڪل تي ساڳيو رونشو ڪندا ويا هليا . اتان جڏهن ڳوٺ جا ماڻهو لنگھيا ته انهن گلڻ جو خاموش جسم ڏٺو پوليس آئي ضروري ڪاروائي کان پوءِ لاش کي ڳوٺ موڪليو ويو . ننڍڙو اڪبر انتظار ڪري رهيو هو ته منهنجو بابا منهنجي لاءِ ڪيڏي مهل ٿو رانديڪو وٺيو اچي . پر هن ٻالڪ کي ڪهڙي پروڙ ته هن کي رنديڪي بدران پيءُ جو لاش ملندو . جڏهن گلڻ جو لاش گھر پهتو ته ان وقت به اهو ڀڳل رانديڪو هن جي هٿ ۾ هو انهن ڇوڪرن جي ڪري عيد ڏيهاڙي هنن جي گھر ۾ ماتم ڇائنجي ويو اڪبر معصوم جا جيڪي رانديڪي لاءِ خواب هئا اهي اڌورا رهجي ويا . هنن کي ڪير چوندو جيڪي تيز رفتاري سان موٽر سائيڪل جي ڊرائيوري ڪن ٿا ڪي ته اهڙا به هوندا آهن جيڪي اڃا بالغ نه ٿيا هوندا ٻار هوندا هنن جا مائٽ ڄڻ اگھور ننڊ ۾ ستل آهن انهن کي ڇا اها ڪل نه آهي جيڪي اڄ ٻين جي گھرن جا سهارا کسين ٿا ڪڏهن انهن سان سان به اهو ويل وهي سگھي ٿو قانون ڪٿي اهي جيڪو هنن کي روڪي ٽرئفڪ جي قانون ۽ اصولن تي عمل ڪرائي جيڪڏهن هنن کي نه روڪيو ويو ته اهي جيڪي مستقبل جا معمار آهن اسان کان جدا ٿي سگھن ٿا . ائين نه ٿئي جو ٻئي ڪنهن جي گھر ۾ عيد بدران ديد ٿي وڃي