khadimghirano
سينيئر رڪن
نئين ادبي لاٽ تنظيم نصرپور جي پندرهن روزه گڏجاڻي حڪيم بدرالدين قاضي جي صدارت ۾ ٿي جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ آچر تي عيد ملن ادبي پارٽي محب علي ڍول گهراڻو جي بيٺڪ تي رکي ويندي جنهن ۾ نون ۽ پراڻن قلمڪارن کي مدعو ڪيو ويندو .ادبي نشست ۾ خادم گهراڻو چوسٽو ،ريحان ابڙو غزل ڍول گهراڻو غزل ۽ حڪيم بدرالدين قاضي نثري نظم پيش ڪيو جن تي مٿين کانسواءِ اياز عالم ملوڪاڻي ۽ سميع الرحمان ابڙو اصلاح ۽ تنقيد ڪئي . جنهن بعد اجلاس کي ختم ڪيو ويو