عورت لاءِ هر وک تي لاچاري ۽ بيوسي ڇو؟ رضيه مشوري هميشه اسان ڏٺو آهي ته جيڪڏهن ڀاءُ ۽ ڀيڻ هوندا آهن ته والدين پٽ جي ڳالهه مڃندا آهن ۽ جيڪڏهن ٻئي ڀاءُ ڀيڻ وڙهندا آهن ته ماءُ هميشه ڌيءَ کي دڙڪا ڏئي ڇڏيندي آهي ۽ پٽ کي پيار ڏئي چوندي آهي ته پٽ تنهنجو ته ڏوهه ئي نه آهي، ڀلي ڏوهه پٽ جو ڇو نه هجي. اهڙي ئي طرح عورت جڏهن زال بڻجندي آهي ته هميشه پنهنجي مڙس جي ڪري هر ڳالهه سهڻي پوندي آهي، مڙس اڪثر زالن کي گهٽ سمجهندا آهن، مرد ڪيتري به عورت سان زيادتي ڪن ته به هر ڪو هن لاچار ۽ بيوس کي صبر ڪرڻ جو ڏس ڏيندو آهي. سڀ کان پهريائين ته عورت کي پيءُ ۽ ڀائرن جي عزت جو خيال رکڻو پوندو ۽ هوءَ هنن کي ئي سڀ ڪجهه سمجهندي آهي ۽ هو هنن جي اجازت کان بغير اک کڻي به ناهي ڏسندي. ان کانپوءِ والدين هڪ سهاري پٺيان لڳائي ڇڏيندا آهن اهو سهارو مڙس جو هوندو آهي، پوءِ اها عورت ان مڙس جي ئي عزت هوندي آهي. ڪيترائي ڏک هجن يا سک هجن، هوءَ هنن کي پنهنجو مقدر سمجهندي آهي، عورت هميشه مردن جي چنبي ۾ ئي رهندي آهي، مطلب ته پيءُ کانپوءِ مڙس جي ئي عزت جو خيال رکڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، مڙس کانپوءِ عورت پنهنجي ئي اولاد يعني پنهنجي پٽ جي چنبي ۾ اچي ويندي آهي. پٽ پنهنجي ماءُ تي سختي ڪرڻ لڳندو آهي، اها ماءُ جيڪا راتين جون راتيون اوجاڳا ڪري، انهن جي تڪليفن، ڏکن ۽ سکن کي پنهنجو سمجهي پنهنجي اولاد کي وڏو ڪري ٿي. اهو ئي اولاد (پٽ) پنهنجي ماءُ کي غلط لفظ ڳالهائي ٿو، ڇا ان کي پنهنجا ڏينهڙا ياد ڏيارڻ وارو ڪو به نه آهي. ڪاوش ۾ ڪيترائي ڀيرا خبرون ڇپجي چڪيون آهن ته ”پٽ پنهنجي ماءُ کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو آهي“، اهو ڪهڙي قسم جو اولاد آهي جيڪو جيجل ماءُ کان به نٿو مڙي. پٽن کي پنهنجين مائرن کي پنهنجي مرضي تي ڇڏڻ گهرجي ڇو ته هو (Over Age) هونديون آهن، هنن جي ذهن ۾ هميشه وڏڙن وانگر صلاحون، مشورا ۽ وڏا تجربا هوندا آهن. ڇو ته جيئن ماڻهو عمر جو وڏو ٿيندو آهي ان ۾ ايترو عقل وڌيڪ هوندو آهي، هتي ڳالهه ترجيح جي آهي ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته عورتن کي گهٽ سمجهيو وڃي ٿو، هن معاشري کي ته ڇڏيو پر قانون به عورت کي مرد کان ورثي ۾ گهٽ حصو ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي، ائين ته صحيح آهي پر عورتن کي صفا ڌڪاري نه ڇڏجي، انهن کي تعليم پرائڻ جو پورو حق ڏجي، ڪنهن به ڪم ڪار ۾ هن کان صلاح مشورو پڇجي، پوءِ ڀلي مرد جي ئي ڳالهه ڇو نه مڃجي. ڇوڪري (نياڻي) جي جڏهن شادي جو فيصلو ڪجي ته ان کان ان لاءِ ضرور پڇجي ڇو ته زندگي کيس ئي گذارڻي آهي، عورت هڪ نازڪ، نفيس ۽ شيشي وانگر آهي، عورت حقيقت ۾ هڪ نازڪ گل وانگر آهي، جيڪا ڪنڊن ۾ رهي به مسڪرائيندي آهي، ان جو اهو مطلب آهي ته ڪيترائي ڏک، سور، تڪليفون ۽ درد سهي به ظاهر ڪانه ڪندي آهي ۽ چپن تي مسڪراهٽ جاري رکندي آهي. عورت ايتري ته مجبور، لاچار ۽ بيوس هوندي آهي جو هن جي زبان تي تالا هنيل هوندا آهن، جيڪڏهن هو پنهنجي حق جي گهر ڪندي آهي ته هن کي سڄي ملڪ، دنيا ۽ معاشري ۾ بدنام ڪيو ويندو آهي. جيئن ڇوڪرو پسند جي شادي ڪري ٿو يا هن جي گهر ڪري ٿو ته سندس گـُهر کي حق سمجهيو وڃي ٿو ۽ جڏهن عورت جي شادي جو فيصلو ڪيو وڃي ٿو ته ان کان اهو به نه ٿو پڇيو وڃي ته تون مناسب سمجهين ٿي يا نه؟ بس هن کي ڪمزور ۽ لاچار سمجهي ٻيا هن جو فيصلو ڪن ٿا، پر جيڪڏهن ڪا ڇوڪري جواب ڏئي ٿي يا دل سان نٿي قبول ڪري ته هوءَ سڄي خاندان جي ماڻهن جي نظرن ۾ ڪري پوي ٿي. اهو به سوچڻ لازمي آهي ته زندگي ان ئي ڇوڪريءَ کي گذارڻي آهي ۽ فيصلا ٻيا ٿا ڪن پر ڇوڪريءَ کان سندس راءِ پڇڻ به بيوس ۽ لاچار جو حق نه آهي ڇا؟ توهان پاڻ فرض ڪريو جڏهن ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ٻئي پسند جي شادي ڪن ٿا يا والدين جي اجازت بنا فيصلو ڪن ٿا ته اها به بلڪل غلط ڳالهه آهي، سوچڻو صرف اهو آهي ته هن بي رحم زماني جي چپن تي صرف عورت جو ئي نالو هوندو آهي پوءِ به ڇوڪرو آزاد هوندو آهي. آخر ۾ نياڻي کي ڪاري ڪري ڪهاڙين سان وار ڪيو ويندو آهي. اهو ڪهڙو انصاف آهي؟ ٻيو ته ڇوڪريءَ کي ڪنهن اڻپڙهيل ۽ وڏي عمر واري سان شادي ڪرائيندا آهن ته شادي کانپوءِ هن کي بدنصيب ۽ بدقسمت ڪوٺيو ويندو آهي، ساڳيا ئي والدين جيڪي پنهنجي خوشي سان فيصلو ڪندا آهن اهي به ائين ڪندا آهن جيئن ”نانڙي به چئجي ۽ چهنڊڙيون به هڻجن“، هاڻي ائين ٿئي ٿو ته نون (09) سالن جي نياڻي جي شادي ڇاونجاهه سالن جي مرد سان ڪرائي وڃي ٿي، اهو ڪٿان جو انصاف آهي؟ اها نياڻي جي ڪهڙي زندگي آهي جنهن کي والدين ڍور ۽ ڍڳو سمجهي ائين ئي ڇڏي ڏين ٿا. اسان جو ملڪ تڏهن ئي پٺتي پيل آهي تنهنڪري اسان کي گهرجي ته نياڻين جي شادي ڪنهن سٺي گهراڻي کي ڏسي پوءِ ڪرايون ۽ ان سان گڏ هنن نياڻين جي به راين کي ضرور شامل ڪجي. منهنجي سڀني ڇوڪرين کي اها (Request) آهي ته پنهنجا قدم سوچي سمجهي کڻڻ گهرجن، ڇوڪرين کي اهڙا قدم بلڪل نه کڻڻ گهرجن جنهن کانپوءِ پڇتائڻو پوي، سوچي سمجهي وڏن کان صلاح مشورو وٺي پوءِ فيصلو ڪرڻ گهرجي. (ڪاوش نازڪ جي ٿورن سان)
جواب: عورت لاءِ هر وک تي لاچاري ۽ بيوسي ڇو؟ توهان محترما رضيه مشوري جو هي مضمون هتي کڻي آيا لک لائق اهو مضمون ڪاوش نازڪ ۾ اڳ ۾ نظر مان گُذريو هو۔ چانڊوڪي بابا ائين هر جڳه تي ناهي هوندو، پنج ئي آڱريون برابر ناهن، جيئن هن مضمون جي شروع ۾ اهو ذڪر ڪيو ويو آهي ته ننڍي لاڪون ڀا ڀيڻ پاڻ ۾ وڙهندا آهن ته ما ساٿ وري به پُٽ جو ڏيندي آهي، جييئن ته ما به عورت آهي اُن عورت هوندي به پنهنجي نياڻي جو ساٿ نه ڏنو پر پُٽ جو ساٿ ڏنو، پر ياد رکڻ گهرجي ته اهي ڀا ڀيڻن جا معصوم جهيڙا جيڪڏهن پي جي سامهون ٿيندا آهن ته وري پي ڀلي پنهنجي نياڻِي جي غلطي هوندي به پاسو وري به پنهنجي نياڻي جو وٺندو خير اهڙيون ڪافي ساريون ڳالهيون آهن۔ ڪٿي چور سُڃا ته ڪٿي وري ڀاڳيا۔
جواب: عورت لاءِ هر وک تي لاچاري ۽ بيوسي ڇو؟ ادا نثار مان توهان سان 100% متفق آهيان . اڃا به ڪجهه اهڙا ماڻهو آهن جيڪي نياڻين جو ساٿ ڏيندا آهن.۽ انهن کي بار نه سمجهندا آهن.
جواب: عورت لاءِ هر وک تي لاچاري ۽ بيوسي ڇو؟ ڀيڻ چانڊوڪي اڳ به اهو ساڳيو بحث هن فورم تي هلندو رهيو آهي ۽ ڪيترائي خيال سامهون ايندا رهيا آهن ۔۔۔ ۽ آءُ سمجهان ٿو ته جيستائين هيءَ ڪائنات آهي اهو بحث هلندو رهندو ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته عورت ۽ مرد هن معاشري جا ٻه اهم ستون آهن، ڪڏهن هڪ ٻي تي ڀاري ته ڪڏهن ٻيو پهرين تي ۔۔۔ اهو سلسلو پوري دنيا ۾ جاري ۽ ساري آهي ۽ رهندو ۔۔۔ ڪجهه مهينا اڳ هڪ بحث هليو هو جنهن تي مون ڪجهه رايا ڏنا هئا ۔۔۔ سي هيٺ لنڪ تي وڃي پڙهي سگهجن ٿا ۔۔۔ http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?p=6949 يا وري هي ليک به پڙهڻ جهڙو آهي ۔۔۔ http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=1226 اوهانجي مهرباني جو اوهان سماج جي براين طرف اشارا ڪرڻ وارو فرض نڀائينديون رهو ٿيون ۔۔۔