شهيد سنڌ محترم بشير خان ۽ مقصود خان جي مان ۾ ڪجه ارپنا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏7 آڪٽوبر 2014۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    شهيد سنڌ محترم بشير خان ۽ مقصود خان جي مان ۾ ڪجه ارپنا

    آه ..افسوس ....ماتم ڪده ...اڄ اسان جو ساه سڏڪي اٿيو پنهنجن ديس ڀڳتن کي سنڀاريندي ساريندي...اکيون رت رنيون ..هي سنڌ جا سوره پٽ ماريا ويا ڄڻ سنڌ امڙ تان واريا ويا هنن جو قصور اهو هيو ته هي سنڌ ڌرتي جا سچا عاشق سچا سرواڻ مٽي ءَ جا ماڻهو هئا جن کي هر پل هر ويرم سنڌ جو اونو هوندو هو ...هي دراوڙي دودا سنڌ جي جوکي جي مسلسل جانچ ڪندا رهندا هئا هنن کي سنڌي ماڻهو سنڌ ۽ سنڌجا وسيلا ۽ هي ٻاٻيهاڻي ٻولي جو فڪر هوندو هيو هي اڙٻنگ ارڏا انسان دشمن ...اانهن نامعلوم ماڻهن جي اکين ۾ ڪنڊو هئا هي سنڌي سپوت ماڻهو سنڌ جي ميراث هئا سنڌ جا وارث حقيقي هئا جن ساه ڏيئي ويساه ڏنو سنڌ کي پنهنجي رت جو ست ڏيئي سرها ٿيا ...هو آسمان اڇنگاريون ڏيئي رنو ڌرتي ڌوڙ ٿي وئي اونده انڌوڪار ٿي ويوو هنن جي بي رحيمانه قتل تي پکي پرندن سوڳ ڪيو وڻ ٽڻ وائي هئي وات ته اهڙو دردناڪ واقعو ڪيئن ٿيو هنن ڌرتي جا جوڌا ڪٺا ويا ساڙيا ويا جلايا ويا ٻاريا ويا ....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو