غزل علي بخش منصور

تُنهنجي ناهي خبر ڪٿي آهين!
اي منهنجا معتبر ڪٿي آهين!

ڪُن کڻي ويو اسان جي ٻيڙي آ
ناکئا بي خبر ڪٿي آھين !

ڀونءَ ور چڙهي جھالت جي،
قوم جا راهبر ڪٿي آهين!

چنڊ تي آ پُڳي وڃي دنيا،
سوچ ڪر تون مگر ڪٿي آهين!

تون به ناياب آن خدا وانگي!
ڳوليم جھنگ جھر ڪٿي آهين!

کول هاڻي تون کيپ اکڙين جا ،
سونهن واري سحر ڪٿي آهين!

آءُ مون کي عذاب ڏي ٻيهر،
ڪر ڪو برپا قهر ڪٿي آهين!

چاڙه منصور کي سڏي سوليءَ،
وٺ ڊُڪي هيءَ اجر ڪٿي آهين
 
Back
Top